اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ تي آءِ ايم ايف چيو ته اسان کي توهان تي اعتبار ناهي، توهان به ته پاڪستان جي حڪومت آهيو، توهان تي ڪيئن اعتبار ڪريون. اسلام آباد ۾ نواز ليگ جي سينيٽرن سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان اهو معاهدو ڪيو ته اها اگهه وڌائيندي پر شرطن تي عمل نه ڪيو، انهن کي شڪست نظر اچڻ لڳي ته انهن تيل سستو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي حڪومت تيل جا اگهه گهٽ ڪرڻ جو فيصلو پاڻ ئي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته اسان ڪيستائين چين کان مدد گهرندا رهنداسين، سعودي عرب اسان جو ڀاءُ آهي پر ڪيستائين اسان جي مدد ڪندو؟ چين ۽ سعودي عرب چوندا هوندا ته اسان ڪڏهن پنهنجي پيرن تي بيهنداسين. هن چيو ته اڳ ۾ رياست ۽ پوءِ سياست، جيڪڏهن رياست کي ڪجهه ٿيو ته سياست نه رهندي، گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سبب اسان کي اگهه وڌائڻا پيا ۽ عوام تڪليف کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته يا معاهدو نه ڪيو پر جيڪڏهن ڪيو وڃي ته ان کي تسليم ڪرڻو پوندو آهي، اڄ آءِ ايم ايف چئي ٿو ته اسان توهان تي ڪيئن يقين ڪيون؟ گذريل حڪومت سان جيڪو معاهدو ٿيو، ان تي عمل نه ڪيو ويو، توهان به پاڪستاني حڪومت آهيو. شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان سمورا شرط طئي ٿي ويا آهن، جيڪڏهن ڪو نئون شرط نه آيو ته معاهدو جلد ٿي ويندو پر آءِ ايم ايف سان معاهدي ٿيڻ جي نتيجي ۾ به راتون رات خوشحالي نه ايندي، اسان کي مالياتي پوزيشن کي مستحم ڪرڻو آھي، آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد ورلڊ بينڪ ۽ ايشين بينڪ سان رابطو ڪنداسين، اسلامي ملڪن مان به تعاون وڌندو، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو امير طبقي تي ٽيڪس لڳايو آھي، غريب ماڻهن هر دور  ۾ قرباني ڏني آھي.  هن چيو ته ڪجهه ساٿين جي راءِ هئي ته اسان کي سڌارا ڪري چونڊن ڏانهن وڃڻ گهرجي پر هاڻ اتحادين جو گڏيل فيصلو آهي ته حڪومت 14 مهينن جو مدو پورو ڪندي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ رهڻ ۽ روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ريڪوڊڪ ۾ اربن، کربن جو خزانو دفن آهي، اسان ان کي نه ڪڍي سگهياسين، ان ۾ قصور ان قيادت جو آهي، جنهن غلط طريقي سان ڊيل ڪئي، چين جي وزيراعظم کي چيو سي پيڪ کي بحال ڪرڻو آهي ته چيني وزيراعظم چيو اسان تيار آهيون، ايم ايل ون کي سپورٽ ڪنداسين، سمورن الزامن باوجود چيني صدر هڪ لفظ جي به شڪايت نه ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون، چين 20، 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ۾ سي پيڪ تحت بجلي جا پلانٽ ڏنا، گذريل حڪومت چيو ته ان ۾ ڪرپشن ٿي آهي، ان تان چين تي ڇا گذري هوندي، اهڙين حالتن ۾ به چين 2.3 ارب ڊالرن جو قرض ڏنو آھي، اسان جا پاڙيسري ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا اسان اتي جو اتي آهيون، پاڪستان کي بي پناهه مشڪلاتون سامهون آھن، 75 سال گذرڻ باوجود اسان ڪشڪول کڻي ڦري رهيا آھيون، اڳوڻي حڪومت چين، سعودي، يو اي اي ۽ ترڪي کي ناراض ڪيو.