اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزير اعظم پاران آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي عملدرآمد جي منظوري بعد وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي وفد کي معاشي، مالياتي جائزي لاءِ پاڪستان اچڻ جي درخواست اماڻي ڇڏي آھي، ذريعن مطابق اهڙي درخواست ناڻي جي وفاقي سيڪريٽري ذريعي اماڻي وئي، جنهن بعد ٿيل رابطن دوران اهو طئي ڪيو ويو آھي ته آءِ ايم ايف جو وفد ايندڙ هفتي اسلام آباد ايندو، جنهن دوران آءِ ايم ايف جو جائزه وفد 7 ارب ڊالرن جي توسيعي فنڊ فيسلٽي لاءِ معاشي ۽ مالياتي حوالي سان نائون جائزو وٺندو، جنهن دوران حڪومت پاران قرض جي فراهمي لاءِ طئي ٿيندڙ شرطن تي عملدرآمد جي آءِ ايم ايف کي خاطري ڪرائي ويندي، آءِ ايم ايف جائزه وفد جي سفارشن بعد پاڪستان لاءِ ايندڙ قسط جاري ڪرڻ بابت فيصلو ڪندو.