آءِ ايم ايف قرض جي بدلي ۾ اسان کان سڀ ڪجهه لکرائي ورتو: چوڌري سرور

0
235
حڪومت پنجاب جي

ڪراچي (م ڊ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته آءِ ايم ايف قرض جي بدلي ۾ اسان کان سڀ ڪجهه لکرائي ورتو آهي، لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري سرور چيو ته پارٽي طرفان استعيفيٰ جو مطالبو ڪوڙو آهي، ان کي پاسي تي رکڻ جو تاثر درست ناهي

هن چيو ته آءِ ايم ايف 60 ڪروڙ 60 لک جي قرض جي بدلي ۾ اسان جو سڀ ڪجهه لکرائي ڪري ڇڏيو آھي

ٻئي طرف پنجاب جي گورنر جي پارٽي سان ناراضگي بابت پڇڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ انيل مسرت جو چوڻ هو ته ڀيڻ ڀائرن ۾ به جهيڙو ٿيندو آهي، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، محمد سرور پراڻو ساٿي آهي، هو ناراض نٿو لڳي، عمران خان آخري ٻن سالن ۾ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ لاءِ  جان ڏئي ڇڏيندو

ھي به پڙھندا

گيس جي قيمتن ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ جي درخواست