آءِ ايم ايف قرض جا پئسا نٿو ڏئي: آرمي چيف جو امريڪا کي مسئلو حل ڪرائڻ درخواست

0
333
آءِ ايم ايف قرض جا پئسا نٿو ڏئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه امريڪا کي پاڪستان لاءِ قرض جي رقم جلد جاري ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي

ذريعن موجب آرمي چيف امريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران آرمي چيف چيو ته وائٽ هائوس ۽ ناڻي واري وزارت آءِ ايم ايف تي دٻاءُ وجهي ته جيئن عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي تقريبن هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر جاري ڪري

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس کان اپيل ڪئي وئي آهي ته آءِ ايم ايف کي 1.2 ارب ڊالر جي قرض جا پراسس تيز ڪرڻ جو چيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ مالياتي حالتون بهتر ناهن

واضح رهي ته آءِ ايم ايف 13 جولاءِ تي پاڪستان سان اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏني هئي، پر پئسا اڃا تائين جاري ناهن ٿي سگهيا

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ نين چونڊن تي معاملا طئه ٿي ويا آهن، قوم جلد فيصلو ٻڌندي: شيخ رشيد جي دعويٰ