اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ حڪومتي ڪوششن جو هن وقت تائين نتيجو نه نڪتو آهي، ذريعن مطابق پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جو شيدول طئي نه ٿي سگهيو آهي، حڪومتي درخواست تي اڃا تائين آءِ ايم ايف کان ڪو جواب نه مليو آهي، ذريعن مطابق حڪومت آءِ ايم ايف کي جائزه مشن پاڪستان موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي حڪومت جي ٺوس قدمن جو انتظار آهي، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي لاءِ اهم فيصلن جي تياري مڪمل آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتي بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري جو امڪان آهي، ليوي ۽ ٽيڪسن جي لاءِ آرڊيننس جي منظوري جو امڪان آهي، ذريعن مطابق اي سي سي ۽ وفاقي ڪابينا مان اهم فيصلن جي منظوري ورتي ويندي، اهم فيصلن کانپوءِ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جي راهه هموار ٿيندي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نائين ۽ ڏهين جائزه ڳالهيون گڏ به شروع ٿي سگهن ٿيون.