آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد شروع، سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو فيصلو

0
250

آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، گريڊ 17 کان 22 تائين جي سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جا تفصيل گڏ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسر بي نامي ملڪيت نه رکي سگهندا

ناڻي واري وزارت ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن ۽ سندن خاندانن جي اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي

نوٽيفڪيشن موجب سرڪاري آفيسرن کي پنهنجا ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ موجود سمورا اثاثا ظاهر ڪرڻا پوندا، اثاثن جا تفصيل لاڳاپيل ادارن سان به شيئر ڪري سگهجن ٿا

ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب سمورن بينڪ آفيسرن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي سال ۾ ٻه ڀيرا اڪائونٽ جا تفصيل ايف بي آر ۾ جمع ڪرائڻا پوندا

سمورا بئنڪ تفصيل فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي 31 جنوري ۽ 31 جولاءِ تي ڏيندا اسٽيٽ بئنڪ جي نگراني بئنڪ اڪائونٽن جا تفصيل شيئر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي

بئنڪون ايف بي آر جي مدد لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪنديون، سمورن بئنڪن کي سرڪاري آفيسرن جي اڪائونٽن جي تفصيلن جو ڊيٽا رکڻو پوندو