اسلام آباد(بيورورپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ آءِ ايم ايف جي سمورن شرطن جي مطابق ٺاهي آهي. هن ڪابينا کي خطاب ۾ چيو ته عالمي مالياتي اداري جا سمورا شرط پورا ڪيا ويا آهن اميد آهي ته هاڻ هن مهيني قرض جو معاهدو ٿي ويندو. آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان فون تي هڪ ڪلاڪ گفتگو ڪئي، ڪا اهڙي شئي باقي ناهي، جيڪا آءِ ايم ايف معاهدي ۾ رنڊڪ بڻجي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ معيشت کي وڏو نقصان پهچايو، 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو، اسان ٻيهر آءِ ايم ايف سان گڏ ويٺا آهيون، انهن جي شرطن کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل طور عملدرآمد به ڪيو آهي پر اڃا تائين اسٽاف ليول معاهدي تي صحيحون ناهن ٿي سگهيون. هن چيو اميد آهي ته هن ئي مهيني آءِ ايم ايف جو نائون ريويو مڪمل ٿيندو، سندس چوڻ هو ته عام ماڻهو تي مهانگائيءَ جو وڏو بار پيو آهي، هر جاءِ تي مهانگائي آهي، ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي استحڪام نه هوندو ته ترقي نٿي ٿي سگهي، اسان جي ڪوشش آهي ته پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري واڌ ڪيون جو ماڻهو بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگهن. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي خاص بجيٽ اجلاس ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ هڪ کان 16 گريڊ تائين 35 سيڪڙو ۽ 17 کان وڌيڪ لاءِ 30 سيڪڙو جڏهن پينشن ۾ ساڍا 17 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني وئي.