ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر اڍائي رپيا سستو: سون  ۾ پڻ  3200 رپيا لاٿ ، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  3200 رپيا لاٿ سان 148300 مان 145100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 1540 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ اڍائي رپيا لاٿ سان 215.5 مان 213 ۽ انٽر بينڪ ۾ 45 پئسا واڌ سان 211.48 مان 211.93 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته  پائونڊ 2 رپيا لاٿ سان  263.5 مان 261.5 ۽ يورو  ڏيڍ رپيو  گهٽتائي سان 226.5 مان 225 رپين تي پهتا