اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آءِ ايم ايف جو حڪومت تي ترقياتي بجيٽ گهٽائڻ لاءِ به دٻاءُ: اڄ کان ٻيهر ڳالهيون شروع. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڪجهه شرط نرم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو، ذريعن مطابق توانائي شعبي ۾ ڪسان پيڪيج تي، بلوچستان جي ٽيوب ويلز تي ۽ آزاد ڄمون ڪشمير لاءِ سبسڊي برقرار رکڻ تي راضي ٿي ويو آهي جڏهن ته ايڪسپورٽرز کي توانائي جي سبسڊي ختم ٿيندي، ٽيڪس اوڳاڙين ۾ شارٽ فال تي اختلاف برقرار آهي، ذريعن مطابق آءِ ايم ايف سمجهي ٿو ته اوڳاڙين جو شارٽ فال 840 ارب رپيا آهي، پاڪستاني اختيارين مطابق شارٽ فال 400 کان 450 ارب رپيا هوندو، ناڻي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اوڳاڙين جي شارٽ فال لاءِ قدم به تجويز ڪيا ويا آهن، پي ايس ڊي پي سميت ٻين خرچن ۾ڪٽوتي جو امڪان آهي، ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان مامرا 9 مئي تائين طئي ڪيا ويندا، آءِ ايم ايف سان 7 فيبروري کان ميڊيم ٽرم بجيٽري فريم ورڪ تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿيندي.