برن (م ڊ) آءِ ايم ايف ۽ عالمي بينڪ بعد سعودي عرب به پاڪستان کي امداد ۽ قرض ڏيڻ لاءِ وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سعودي ناڻي واري وزير محمد الجدعان چيو آهي ته سعودي هاڻ غيرمشروط پرڏيهي امداد نه ڏيندو ۽ اسان  پرڏيهي ملڪن کي امداد ڏيڻ جو طريقيڪار تبديل ڪري رهيا آهيون. ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ ڳالهائيندي سعودي جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان چيو ته اسان ڪيئي ادارن سان ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ سڌارا ڏسڻ چاهيون ٿا، اسان پنهنجن ماڻهن تي ٽئڪس لڳائي رهيا آهيون ۽ ٻين مان به اِها اميد رکون ٿا ته هو به پنهنجي عوام کان ٽيڪس اوڳاڙيندا. هن چيوته  اسان مدد ڪرڻ چاهيون ته ٿا پر اسان چاهيون ٿا ٻين کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ کپي. محمد الجدعان چيو ته پنهنجي معيشت وڌائڻ سان گڏوگڏ عالمي معيشت جي مدد تي به ڪم ڪري رهيا آهيون، سعودي عرب اڳتي غيرمشروط غيرملڪي امداد نه ڏيندو، اسان پرڏيهي ملڪن کي امداد ڏيڻ جو طريقو تبديل ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هوته اسان سڌو سنئون گرانٽ ۽ ڊپازٽس ڏيندا هئاسين جنهن ۾ هاڻي تبديلي آڻي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب سمورن مُلڪن سان عالمي سهڪار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، اسان خطي لاءِ هڪ رول ماڊل بڻجڻ چاهيون ٿا ۽ پنهنجي ڀرپاسي وارن ملڪن کي سڌارن جي ترغيب ڏيون ٿا.