……۽ بشارالاسد جي اقتدار جو سِج به لهي ويو!

0
19
ڪرپشن جو نئون دروازو نه کوليو

وچ اوڀر ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ پنهنجي انتهائن تائين پهچي چڪي آهي. شام تي ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ بشارالاسد جي اقتدار جو سج لهي چڪو آهي. دمشق مخالف گروپن جي قبضي هيٺ آهي، جتي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. بشارالاسد ڪالهه صبح سوير پنهنجي جهاز ۾ دمشق ڇڏي نامعلوم منزل ڏانهن روانو ٿي ويو هو پر ڪجهه ئي دير بعد سندس جهاز ريڊار تان گم ٿي ويو، جنهن لاءِ اهو گمان ڏيکاريو پيو وڃو، هو حادثي جو شڪار ٿي ويو آهي. شام ۾ آيل اها تبديلي وچ اوڀر جي حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن تدبر سان معاملن کي سنڀالڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ته، باهه ۽ بارود هن خطي کي رک ڪري سگهن ٿا.

وچ اوڀر جو علائقو پنهنجي تاريخي، مذهبي ۽ سياسي پيچيدگين سبب عالمي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. شام ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو، نه رڳو شام پر سڄي وچ اوڀر تي ڊگهي مدي وارا اثر ڇڏيندو. هي تبديلي، جيڪا عالمي ۽ علائقائي قوتن جي مداخلت جو نتيجو آهي، هڪ نئين سياسي ۽ سماجي صورتحال کي جنم ڏئي سگهي ٿي. شام ۾ 2011ع ۾ عرب بهار جي لهر سان شروع ٿيل احتجاج، اڳتي هلي هڪ مڪمل خانه جنگي ۾ تبديل ٿيو. بشار الاسد، جيڪو پنهنجي خاندان جي حڪومت جو تسلسل برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، سخت فوجي طاقت جي استعمال ۽ مخالف گروپن خلاف ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جا الزام لڳا، جنھن سبب ھو عالمي مخالفت جو شڪار ٿيو. ان جي حڪومت جي خاتمي جا وڏا اثر پئجي سگهن ٿا.

بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ شام ۾ نئون سياسي نظام قائم ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو، جنهن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ افراتفري پکڙجي سگهي ٿي. ان سان گڏ، شام مان لڏي ويل لکين پناهگيرن لاءِ پنهنجي وطن واپس وڃڻ جون حالتون پيدا نه ٿينديون ته انهن جو بحران وڌي سگهي ٿو. يورپ ۽ پاڙيسري ملڪ، جيڪي اڳ ئي پناهگيرن جي مسئلن جو شڪار آهن، ان مان وڌيڪ متاثر ٿيندا. بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ خلا پيدا ٿي سگهي ٿو، جنهن کي شدت پسند گروپن جهڙوڪ، داعش ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن طرفان ڀرڻ جو خطرو وڌي ويندو. شام ۾ سياسي استحڪام جي کوٽ، دهشتگردن لاءِ نئين جاءِ پيدا ڪري سگهي ٿي، جيڪا نه رڳو وچ اوڀر بلڪه عالمي سطح تي به امن لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي.

اسان سمجھون ٿا ته بشار الاسد جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ شام ۾ نئين حڪومتي نظام جو قيام هڪ ڏکيو عمل هوندو. مختلف سياسي، نسلي ۽ مذهبي گروپن جي وچ ۾ اختلاف ان عمل کي پيچيده بڻائي سگهي ٿو. ان لاءِ عالمي ۽ علائقائي قوتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن شام ۾ هڪ جمهوري ۽ جامع نظام قائم ٿي سگهي. آمريڪا ۽ يورپي يونين، جيڪي شام ۾ پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندا رهيا آهن، هن تبديلي مان فائدو وٺڻ لاءِ پنهنجا اثر وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا. پر کين اهو به سمجهڻ گهرجي ته وچ اوڀر ۾ غير ضروري مداخلت علائقي کي وڌيڪ عدم استحڪام ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿي. وچ اوڀر ۾ بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو هڪ نئين صورتحال جو آغاز ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن علائقائي ۽ عالمي قوتون شام جي سياسي استحڪام ۽ نئين سر تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪن، ته هي تبديلي هڪ بهتر نتيجو ڏئي سگهي ٿي. پر جيڪڏهن طاقت جي سياست ۽ ذاتي مفادن کي اهميت ڏني وئي ته شام ۽ وچ اوڀر لاءِ هي تبديلي وڌيڪ تباھي آڻيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿي. بشار الاسد جي حڪومت جو خاتمو وچ اوڀر لاءِ هڪ اهم موڙ آهي، جيڪو نون موقعن ۽ خطرن – ٻنهي کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ان جا اثر علائقائي سياست کان وٺي عالمي امن تائين محسوس ڪيا ويندا. وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن جي چوڪيدار اسرائيل کي ان سان ھشي ملندي ۽ ان جي جنگي جنون ۾ اضافو ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته اھڙي جنونيت جي رستي روڪ ڪئي وڃي. عالمي ۽ علائقائي قيادتون، شام کي امن ۽ استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ گڏجي قدم کڻن.