ھڪ وک اڳتي ٻه وکون پوئتي

0
90
ھڪ وک اڳتي ٻه وکون پوئتي

 جڏھن ٻي مھاڀاري جنگ رُڪجي وئي، امن قائم ٿيو ھئو، تڏھن سڀني اهو سمجهيو ته ھن ٻي عالمي جنگ ۾ اتحادي سوڀارا ٿيا آهن، پر حقيقت ۾ ائين نه ھئو. اصل فتح مارڪيٽ ۽ انڊسٽريءَ کي ھلائڻ واري سرمائيدار جي ٿي، جيڪو پوءِ ايترو ته طاقتور ٿي وڃي ٿو، جو دنيا جي سپر پاور ملڪن جي صدرن ۽ وزير اعظمن کي پنھنجي اشاري تي ھلائي ٿو. ھو سنئون سڌو پاڻ سياست جي ميدان ۾ ڪاھي نه ٿو پوي پر پئسن ۽ پوءِ دولت جي طاقت کي استعمال ڪندي سڄي دنيا جي مارڪيٽن، منڊين، ۽ ان کان پوءِ ايوانن تي پنھنجي ڌؤنس ڄمائي اڻ سڌيءَ طرح سان حڪومت ڪري ٿو. اھو سرمائيدار ئي ھئو، جيڪو آمريڪا جي ٻن وڏين پارٽين ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪن ۾ پنھنجا پنھنجا ماڻهو آڻي، آمريڪا جي سڄي معيشت تي ڪنٽرول ڪري، سياسي حرڪتون ڪندي جنگيون مڙهي پنھنجي مارڪيٽ ڦھلائيندو ويو. تان جو ان ئي سرمائيدار جي ڳجهين ۽ ظاھري حڪمت عملين سان سوويت يونين ڪمزور ٿي وڃي ٿو ۽ پريستورائيڪا (نئين تعمير) واري نعري ھيٺ سوشلزم جي بنياد تي ٺھيل اهو ملڪ نيٺ نوي واري ڏهاڪي جي شروع ۾ ئي ٽُٽي پوي ٿو.

ھيڏانھن سوويت يونين جو ڊھڻ ۽ ھوڏانھن سرمائيدار جو سنئون سڌو پوري دنيا جي سرشتن ۾ داخل ٿيڻ! ھاڻي طاقت جو توازن به ڊھي پيو. اڳي آمريڪا جي سامهون سوويت يونين ھوندو ھئو، جيڪو ٽٽڻ کان پوءِ ڪڪڙ جيان ويھي رھيو، انڪري ھاڻي سڄي دنيا جو اڪيلو چوڌري آمريڪا، ۽ ان جي پويان سرمائيدار جو ذھن هو. جنھن جو نتيجو اھو نڪتو ته سڄي دنيا ۾ نجڪاري ڦھلبي وئي، ايتري قدر جو انساني تاريخ ۾ پھريون ڀيرو جنگيون به نجي ٿيڻ لڳيون! اڳي بيٺڪي نظام ھلندو ھئو، پر ھاڻي وري جديد بيٺڪي نظام ڪَرُ کنيو! ھاڻي ڪارپوريٽ سيٺ ھزارين ڪوھ پري پنھنجو ڪاروبار فرينچائيز ڪري ھلائڻ لڳي ٿو، جنھن ۾ پئسو به فرينچائيز وٺندڙ ٺيڪيدار ۽ خريد ڪندڙ گراھڪ جو، بس نالو اصل مالڪ جو، جنھن کي نه ته فرينچائيز ڪندڙ ٺيڪيدار ڏٺو ھوندو، نه گراھڪ پر وڏو نفعو اھو ڪمائي کڻندو. مثال اوھان مشھور فاسٽ فوڊ اداري ڪي ايف سي (KFC) کي ڏسو. ان جو ھلائيندڙ ھتان جو، خذمت ڪندڙ به ھتان جا، اتي کائيندڙ به ھتان جا، ڪڪڙيون ھتان جون، ميدو ھتان جو، نيز سڀ ڪجهه ھتان جو، پر زبردست پئسو آمريڪا ويندو، جنھن جو رڳو نالو ھتي استعمال ٿيندو.

اوھان سڀني ڏٺو ھوندو ته 1990 ۾ روس ڊھڻ کان پوءِ سڄي دنيا جي ميڊيا به نجي ٿي وئي، ھر ملڪ ۾ نجي چئنلن جي ابتدا ٿي، ائين ميڊيا جي ھٿان مارڪيٽ گهر گهر ۾ ڪاھي پيو. قدر مٽبا ويا. اھو فلسفاتي فڪر جيڪو سترھين صديءَ ۾ پوکيو ويو، وجوديت جي ڳولا، انساني شعور جي ارتقا ۽ وڌ کان وڌ ان شعور مان لاڀ وٺڻ وارا عظيم فڪر فيشني ڪتابن ۽ اشتھارن ۾ استعمال ٿيڻ لڳا. ۽ دوستو گذريل صديءَ جي آخري ٽن ڏھاڪن  کان پوءِ جديديت (Modernism) جي ڪُک مان ان جو ناجائز اولاد “جديديت پڄاڻان” (Post-modernism) نڪري ٿو، (جنھن ئي ڇڙواڳيءَ واري روش يا دؤر کي ڪي ڏاھا “سچ پڄاڻان” Post-truth به سڏين ٿا.) جيڪو انساني فڪرن، روين ۽ سڀاويڪ سوچن کي ميڊيا ھٿان “فڪر جي لامحدود آزادي” جو نالو ڏيئي مارڪيٽي سيٺ کي فائدن مٿان فائدا ڏيندو ويو. جرمن سياستدان جوزف گوئبلز چيو ته، “ڪوڙ کي ايترو ورجائي ورجائي چئو، جو اھو سچ لڳي”، پر “جديديت پڄاڻان” ۾ وري ساڳي ڳالهه ڪنھن ٻي روپ ۾ مارڪيٽي سرمائيدارن ۽ سياستدانن باور ڪرائي ته، “سچ کي ھر ايري غيري نٿو خيري واتان غلط وقتن ۽ غلط جڳھن تي ائين چورايو، جو اھو سچ پنھنجي مڪمل حيثيت ۽ تقدس وڃائي ويھي”. لقائن جي حقيقتن مٿان سرابي حقيقتون ٺاھي انھن کي پيش ڪيو، جو اصل شيون به نقلي شين سان سڃاتيون وڃن. معنا ھاڻي سرابي حقيقت (Hyper-reality) جيڪا اصل کان بلڪل جدا ھجي، ان کي عام ڪريو ۽ ائين پاڻ انساني تھذيب جي انھن ڏھاڪن مان پيا گذرون جتي سچ، سچ ناھي پر ڪوڙ آھي، حقيقت، حقيقت ناھي پر دوکو آھي. ماضيءَ ۾ جنگين لاءِ ھٿيار ٺاھيا ويندا ھئا، ھاڻي ھٿيارن کپائڻ لاءِ جنگيون ٺاھيون پيون وڃن. اڳي بيمارين لاءِ دوائون ٺاھيون وينديون ھيون، ھاڻي دوائن وڪڻڻ لاءِ بيماريون ٺاھيون پيون وڃن!

ھاڻي دوستو پاڻ سڀ نقلي ڪردارن ۾ پنھنجي پاڻ جي ڳولا پيا ڪريون، جيڪي به ڪردار ٺاھيا ويا آھن ھاڻي اوھان جا ھيرو، ۽ اوھان جا زيروز اوھان نه پر اوھان کي نجي ميڊيا مارڪيٽ جي ڊمانڊ تي تيار ڪري ٻڌائي ٿي. ھاڻي اسان جا صدين تي محيط انساني قدر ھر ڪمال با زوال جيان زوال پذير ٿيندا پيا وڃن. ھاڻي مارڪيٽ جو دؤر آھي. ڪالهه لطيف چيو ھئو ته، “ڪڏھن ڪانه وئي، ھوت ڳولڻ ھٽ تي!” پر اڄ “جديديت پڄاڻان” چوي ٿي: “او ايل ايڪس- جھان سڀ ڪڇ بڪتا ھئي”. جنھن مارڪيٽ ۾ ھاڻي ٻار جي کير کان ويندي آدرشي ازمن تائين سڀ جو سڀ اُن مارڪيٽ مٿان آھي. ھتي ھاڻي ھر شئي وڪامڻ جوڳي آھي، خيال ھجي يا مال، سڀ جو سڀ ھاڻي وڪامڻ لاءِ آھي. ڀارتي شاعر سوراج اھائي روش ڏسي شايد روئندي لکيو آھي ته:

ميرا فن ڦِر مُجهي بازار مين لي آيا هئي،

يه وه جا هئي ڪه جهان مهر و وفا بِڪتي هين

باپ بِڪتي هين اور لختِ جِگر بِڪتي هين

ڪوک بِڪتي هئي، دِل بِڪتي هين، سر بِڪتي هين

اس بدلتي هوئي دنيا ڪا خدا ڪوئي نهين

سستي دامون مين يهان روز خدا بِڪتي هين

اوھان ڇا پيا سمجهو ته سوشل ميڊيا تي ھي جيڪي اوھان لائيڪ يا شيئرنگ ڪريو ٿا، سا بس اوھان جي ئي ذھني پسند ناپسند تائين محدود آھي؟ ائين بلڪل به ناھي، ھتي اوھان سڀني جا لائيڪ ۽ شيئر ڳڻيا ويندا آھن ۽ انهن لائيڪن ۽ شيئرنگ جي تعداد سان گڏ اوھان جي مزاج، اوھان جي نفسيات، اوھان جي ذاتي ڄاڻ پڻ ڪٺي ڪري تمام وڏا ڊيٽابيس ٺاھيا وڃن ٿا، جن ڊيٽابسن ۾ زمرا به آھن ته اوھان ۽ اوھان جھڙن جي ڄمارن، ٻولين، روَين سان گڏ علائقن جا زمرا ٺاھي ورھائي وڏين ڪمپينن کي اھي ڊيٽابيس تمام وڏن اگهن تي وڪڻي ڏنا وڃن ٿا. اوھان جي قولن ۽ فعلن جا اھي ڊيٽابيس وري خريد ڪير ڪندو آھي؟ سرمائيدار، بين الاقوامي صنعتن کان ويندي سياست وارا سرمائيدار، جن ۾ دنيا جون وڏيون بئنڪون پڻ اچي وڃن ٿيون.

اي منھنجا معصوم دوستو! جنھن دؤر ۽ سماج ۾ پاڻ جيئرا آھيون، ان ۾ ڪابه پرائيويسي ناھي رھي. اوھان جي ھٿ يا کيسي ۾ ھڪ اھڙو چغلخور آلو اٿوَ، جنھن جي ڪري اوھان جي ھر ڳالهه، ھر ميسيج، ھر ڪال ھاڻي رڪارڊ ٿي رھي آھي. اھو آلو اوھان جي اٿڻي ويھڻيءَ کان ويندي اوھان جو پنڌ پير به رڪارڊ ڪندو پيو وڃي، جيڪا وري سڄي وارتا ھڪ ھنڌ جمع پڻ ڪندو پيو وڃي. حد ته ھاڻي اتي پھتي آھي، جو چائنا جي ھڪ ڪمپني “ٽيمو” اوھان جي تصوير، نالي ۽ اوھان جي ذاتي معلومات جي عيوض اوھان کي ھزارين رپيا پڻ آڇي ٿي.

ھاڻي جڏھن ڳالهه مارڪيٽ جي ٿيندي، تڏھن اتي ڇڙو سيٺ ئي ناھي ھوندو، پر مزدورن کي پڻ ڏھاڙي ملي ويندي آھي. جيئن جيڪڏھن مارڪيٽ بند ٿين ته مزدور بک مرن، ائين ئي جيترو فائدو ان مارڪيٽ مان مزدورن کي ملندو آھي، ٺيڪ اوترو ئي فائدو مٿين مارڪيٽ مان اسان کي ملندو آھي. مٿين مارڪيٽ ۾ جيڪو ٿورو گهڻو فائدو ٿيو، اھو آھي عام ماڻهوءَ کي پڻ موقعا ملڻ لڳا. ڳوٺن تائين موبائل فون پھچڻ ڪري عام ماڻهو به اڀرڻ لڳا. وري ٻئي پاسي سوشل ميڊيا ھل ھنگامي وڌڻ جي ڪري مسئلا چٽا ٿيڻ لڳا ته اتي مزاحمت جي ھڪ عجيب شڪل پڌري ٿي، جنھن کي “ٽرينڊنگ” جو نالو ڏنو ويو. وڏي کان وڏي ماڻهوءَ جو گريبان ڍرو ٿي عام ماڻهوءَ جي ھٿ تائين پھچي ويو ۽ اھو ايڊوينچر نما وٺ وٺان جو ڪلچر ڦھليو.

ھوڏانھن وري مسئلن جي ھي سيريز اھڙي جُڙي پئي، جو اڃا آواز اٿاريندڙ ھڪ ئي مسئلي جي ڪنھن منطقي انجام تائين پھچڻ جي انتظار ۾ ئي هجن، جو مٿان وري ٻيو مسئلو ڪر کڻي اڀو ٿيو پوي. جنھنڪري وري “اڳيون ويو وسري، نئون ٿيو مصري” جيان گذريل مسئلو سوشل ميڊيائي پاتال ۾ گم ٿي ويو. اوھان کي ائين لڳندو جيئن اوھان ڪنھن ريلوي اسٽيشن تي ويٺا ھجو، جتي ھر پنج منٽن کان پوءِ ھڪ ٽرين اچي ڌوڙيا ڪڍندي گذري وڃي. اوھان ڪپڙا ڇنڊي بيھو ئي نه ته وري ٻي ريل اچي وڃي!

سوال اهو آھي ته ھن مونجهارن سان ڀريل دؤر جو انت ڇا آھي؟ دوستو! پوري دنيا ۾ اھو سوال ھڪ اڌ گروھ وٽ ضرور آھي پر ان جو جواب اڃا تائين ڪنھن وٽ ناھي. ھا پر لڳي ائين ٿو ته ڪو وڏو ھائبرڊ ٽائپ انقلاب اچي رھيو آھي، جنھن ۾ پاڻ سڀني جا آدرش، خواب ته ھجن الائي نه پر ھڪ ڳالهه طئي آھي، بچندو اھو جنھن وٽ مھا ڏاھپ سان گڏ بقا جي سگهه ھوندي، ھنر ھوندو ۽ تبديل ٿيڻ جو مادو ھوندو، نه وري اھو جنھن وٽ ڇڙيون رڙيون ھوڪرا ۽ لعن طعن آھي.

[email protected]