او سقراط! ھڪ سُرڪ جي ھا ڀرين،
زندگيءَ جي زھر جي، مڃان ھا ميان!
(آڪاش)
روز جيئڻ ۽ روز مرڻ جهڙي زندگي جيئڻ وڏي ڳالهه آهي، آڪاش اهڙين حالتن ۽ گهڙين مان ڪيئن گذريو هو، انهيءَ جو پتو سقراط کان ڪيل مٿئين سوال مان پوي ٿو. مرڻ لاءِ زهر پيئڻ وڏي ڳالهه ناهي پر زهر پي جيئڻ وڏي ڳالهه آهي. مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي اهڙن لمحن کي ڪمال بيان ڪري ويو، “زهر کي بـ زم زم ڪري پي ڏٺوسين، مرڻ کان اڳي ئي مري جي ڏٺوسين”.
ڪنهن جي قدمن جي آهٽ ٻڌڻ لاءِ سِڪي ويل ڪنن، ڪنهن کي دروازي جي اوٽ کي ڏسڻ لاءِ سِڪي ويل اکين ۽ ڪنهن جي هٿ جي لمس کي محسوس ڪرڻ لاءِ سِڪي ويل هٿن جي شاعر آڪاش انصاري کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي! وقت جي دز آڪاش جي ياد کي لٽي نٿي سگهي. آڪاش انصاري گونگن ڳوڙهن کي زبانون عطا ڪري ويو آهي. هن جي شاعري دل تي رکيل هٿ جهڙي آهي، جيڪا اندر جو حال ڄاڻي ٿي. سنڌي شاعرن مان آڪاش جيترو ڀلا ٻيو ڪير ڳايو ۽ ٻڌو ويو آهي؟
ساهه ساميئڙو، مڙيئي مهمان آ، هونئن بـ هليو ئي وڃي ها پر انهي کي بيدردي سان تڙيندڙ ڪوئي ٻيو نـه پر پنهنجو لاڏلو ئي نڪري تـه ماڻهو مرڻ جي مزي کان بـه محروم ٿيو پوي، ائين ئي آڪاش سان ٿيو آهي.
تون ته بيدرد، بيقدر آھين!
جيءَ ۾ پوءِ به جلوہ گر آھين.
منھنجي ھوندي به تون منھنجو ناھين،
تون به ڄڻ سنڌ جو شھر آھين.
(آڪاش)
پنهنجي وطن ۾ جلاوطني جو احساس محسوس ڪندڙ، پنهنجي جهانگين جي سَڱ کي نـه سڃاڻڻ وارن جي سڃاڻپ ڪندڙ يا “او امان او امان، جي رهزنن هٿان ماريو وڃان” جهڙا گيت لکي پنهنجي جوانن کي وطن جي تحفظ لاءِ ديوار بڻجڻ جو پيغام ڏيندڙ شاعر ڪا قوم ڪيئن وساري سگهندي؟ آڪاش انصاري سرمد سنڌي جي آواز ۾ هر قومي تقريب جو محور رهيو آهي. هن وطن ۽ قوم تان وارجي وڃڻ جي جيڪا شاعري ڪئي آهي، اها فاضل، پليجي، جي ايم سيد، ڀٽو ۽ ڄام ساقي جي چاهيندڙن لاءِ پنهنجي شاعري آهي. آڪاش انصاري پليجي صاحب جي ساٿين ۽ دوستن ۾ رهيو آهي.
هن جا شعر، اکيون ۽ هن جي ياد جون گهڙيون اسان جو اڳ جهلينديون رهنديون. آڪاش خوشبو وانگر آهي، آڪاش ماڪ ڦڙي وانگر آهي، ڪڏهن ڀلا خوشبوءِ قتل ٿي سگهي آهي؟ ڪو ماڪ ڦڙو سڙي رک ٿيو آهي؟ آڪاش جو تصور ۽ تخيل پنهنجي پوري جوڀن سان اسان سان رهڻو آهي. هن جي شاعري هر دور جي آمي ۽ ڦاپي جو مقدمو لڙندي رهندي. هن جي شاعري رهبرن مان رهزن بڻيلن کي ميارن سان ماريندي رهندي. هو جيڪو ارغونن ۽ خاڪي وردي وارن ديوتائن کي للڪاريندو رهيو، انهيءَ کي ڀلا ڪير مِٽائي سگهي ٿو! آڪاش سنڌ جي نرڙ تي ڀاڳ جي لڪير جهڙو آهي. اسان پنهنجي ڀاڳ کي ڀلا ڪيئن ٿا ڀلجي سگهون! هن ياد جي سگهه پيدا ڪئي، ويسر خلاف جيڪا يادگيري جي مزاحمت آهي، اها ئي ته آڪاش جي شاعري آهي.
لاڙ پٽ جي سارين جي خوشبوءِ، سامونڊي هوائن ۽ وڳهه ڪوٽ جهڙي شاعر آڪاش انصاري جي ياد اسان لاءِ هر روز تازي ٿي اچي ٿي. هن جي ڪا سِٽ، هن جو ڪو جملو، هن جو ڪو گيت جيئن ئي ڪنن تي پئي ٿو، اسان کي آڪاش اڃان وڌيڪ ياد اچي ٿو. جيئن هو پاڻ چئي ويو: “الئه ڇو اوهانجو اکيون ياد آيون”. اسان کي جن جون اکيون ياد ڏيارڻ لاءِ آڪاش شعر لکيا، اسين انهن شعرن سان آڪاش جون اکيون ويٺا ياد ڪريون. آڪاش جي آخري لمحن ۽ درد کي ڀٽائي بيان ڪري سگهي ٿو، اسان وٽ تـه لفظ ئي ناهن.
ڪُٺِيس ڪُويڄَنِ، تَنَ طبيبَ نه گڏيا؛
ڏيئي ڏنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏکوئِيو.
يا جيئن لطيف چيو آهي “مارن مُنجهه مياس، نـه تـه ماڙين ماريس ڪينڪي”. هن کي جيل ۽ ٿاڻا ماري نـه سگهيا پر جيڪي پنهنجن پٺ ۾ هنيا، انهن ماري وڌس.
مختلف ترقياتي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪم دوران 2012ع کان 2016ع تائين آڪاش سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. هن سان بدين ۾ بـه بيٺڪ ٿي، جتي آڪاش مونکي پنهنجي شاعري جا ڪتاب ڏنا. هن سدائين همٿايو. چوندو هو ڇوڪريون سنڌ ۾ تبديلي جو اهڃاڻ ٿي سامهون اچن پيون، اسان اهڙي آزاد ۽ خوشحال سنڌ لاءِ خواب ڏٺا ۽ جدوجهد ڪئي، توهان اسان جي خوابن جي ساڀيان آهيو. آڪاش انصاري اميد پرست هو. هن وٽ روڄ راڙو نـه هو. حالتن بدلائڻ لاءِ هن جيڪي ڪجهه لکيو ۽ چيو، انهيءَ راهه تي پاڻ بـه هليو. هن جون ڳالهيون ياد ڪندي، ڪچهريون ياد ڪندي دل ٻڏيو وڃي. هن جي صنم ماروي، صادق فقير، رجب فقير ۽ الهڏني خاصخيلي پاران ڳايل شاعري ٻڌي ڏک ٻيڻو ٿيو وڃي تـه ڪهڙو ماڻهو اسان جي محفل مان اٿاريو ويو آهي.
آڪاش انصاري اسانجي تمنائن کي اظهار ڏنو. اسان کي خواب ڏيکاريا ۽ انهن خوابن جي ساڀيان لاءِ پنڌ ڪرڻ سيکاريو. اهو ئي پنڌ ئي ته آهي جيڪو اسان کي هلندو رهڻ تي بيهاريو بيٺو آهي. آڪاش انصاري جيترو معصوم پنهنجي شاعري ۾ آهي، ايترو ئي معصوم هو پنهنجي مزاج ۾ هو. هن وٽ نياز نوڙت ۽ پيار کانسواءِ ڪا دولت نـ هئي. توڙي جو آڪاش تي گهڻو لکيو ۽ ڳالهايو ويو آهي. هن جي المئي تي لکڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو، آڪاش لاءِ ماضي جو صِيغو ڪيئن استعمال ڪجي! هو جيڪو اسانجي دلين ۾ پهريان کان وڌيڪ زندگيءَ سان موجود آهي. هو جنهن جي شاعري خوشبوءِ بڻجي اسانجي اندر جا ولهار واسي رهي آهي. هو جيڪو هر بادل سان گڏجي اچي ٿو، هو جيڪو چئي ۽ لکي ويو دنيا تـ پئي جلندي دنيا کي ڀلا ڇاهي. اهڙي خوبصورت شاعر ۽ خوبصورت انسان آڪاش انصاري کي صرف راڳ ۾ ئي ڪا ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي، ڪجهه ياد ڪري سگهجي ٿو. آڪاش کي ڀيٽا آڪاش کان مدد وٺي ئي ڏئي سگهجي ٿي.
اي اسان جا اڻ ڏٺل!
صدين کان رُٺل،
خواب جهڙا آئيندا!
تنھنجو ڌنڌلو ڪو تصور رڳو محسوس ڪري،
متان تون سمجھين،
توکي ماڻڻ لئه،
اسان مقتل ۾ ڪري ماٺ رھيا ھونداسين،
نه تنھنجي لاءِ ڪا ويڙهاند وڙھيا ھونداسين،
۽ تنھنجي چاھ جي خواھش ۾ توکي،
ڳولڻ لئه،
پنھنجي ٿوھر ڀريل راھن تان ٿڙيا ھونداسين.
متان تون سمجھين، توکي پائڻ لئه،
اسان جو روح رتوڇاڻ ڪين ٿيو ھوندو،
۽ تنھنجي مک کي منور جي آس کڻي،
اسان جو چاھ ڀي چانڊاڻ ڪين ٿيو ھوندو.