ھڪ سيد 100 سوال

0
23
ھڪ سيد 100 سوال

 گذريل ڏينھن يوال ھراري نوح جو ڪتاب “21 ھين صديءَ لاءِ 21 سبق” پڙھندي، اھو سمجھ ۾ آيو ته اسرائيل جي ماڊرن مورخ جو ڪمال ھن جي تحقيقي جوابن ۾ نه پر تخليقي سوالن ۾ آھي. ھُو پيشي جي حوالي سان ڀلي پروفيسر ھجي پر ھن ۾ ھڪ جرنلسٽ واري جستجو آھي.

                 اڄ جڏھن سنڌ جي سرڪش انسان جو جنم ڏينھن آھي، منھنجي من ۾ ھن جي حوالي سان پراڻيون ۽ وري وري ورجايل ڳالھيون اچڻ بدران، اھي سوال ڪر موڙڻ لڳا آھن، جيڪي ھن کان ڪڏھن به نه پڇيا ويا. ممڪن آھي ته ھن جي تحرير ٿيل ڪتابن مان ڪجھ سوالن جا جواب ملي به وڃن. ڇو ته ھو نه صرف سنڌ پر ننڍي کنڊ جو عالم، اديب ۽ سياستدان ھو. ھن دور جي مقدر ۾ ته سورن ۽ آلن نورن جھڙا سياستدان لڳا آھن، جن سموري زندگيءَ دوران ايترا ڪتاب پڙھيا به نه ھوندا، جيترا ڪتاب سائين جي ايم سيد پنھنجن ھٿن سان لکيا.

                 سن شھر جون سرد راتيون شاھد آھن ته جڏھن آڌيءَ جو ستارا به ننڊ ھارڪا ٿي جھوٽا کائڻ لڳندا ھئا، جڏھن ھُو بجليءَ کان محروم بنگلي جي ڪمري ۾ لالٽين جي وٽ وڌائي انھن خيالن کي قلمبند ڪندو ھو، جيڪي پکين جي ولرن وانگر ھن جي ذھن تي پر پکيڙي لھندا ھئا. تصوف، تاريخ، تمدن، مذھب، اخلاق، فڪر، فلسفو، ادب ۽ اخلاق کان ويندي انسان ذات جي سماجي، سياسي ۽ روحاني ارتقا تي سنجيدگيءَ سان سوچي ڪجھ من مان، ڪجھ مشاھدي ۽ ڪجھ مطالعي مان ڌيرج سان لکندڙ لفظ ڪنھن دولت ۽ شھرت جي لالچ لاءِ نه لکندو ھو. ھن جا تحرير ٿيل ڪتاب ترتيب سان پڙھندي ھڪ عام قاريءَ کي به شدت سان محسوس ٿيندو ته ھُو مشڪل سوالن جا آسان جواب تلاش ڪندڙ اھو فڪري مسافر آھي، جنھن کي روس جي عظيم ناول نگار دوستو وسڪيءَ جي جڳ مشھور ناول “برادرز ڪارامازوف” جي معصوم ڪردار جھڙو جِيءُ آھي. اھو ڪردار جنھن اڇل کائي اھي لفظ اُچاريا ھئا ته، “مون کي ملين روبل نه پر صرف پنھنجن سوالن جا جواب گھرجن”.

سائين جي ايم سيد جي ڀيٽ موجوده دور جي انھن سياستدانن سان ڪيئن ٿي ڪري سگھجي، جن جو گذارو ئي ڪرپشن ۽ ڪوڙ تي آھي. ھن زندگيءَ ۾ نه ته ڪرپشن ڪئي ۽ نه ڪوڙ ڳالھايو. ھن جي دل مٿان ان درد جو وڏو بار ھو ته ھن بي خبري يا بي سمجھي ۾ وڏيون غلطيون ڪيون پر ھن جا دُشمن به ھن جي حق ۾ اھا شاھدي ڏيندا ته ھن جي نيت ڪڏھن به بُري نه ھئي. ھُو تاريخ جي انھن عظيم انسانن مان ھو، جيڪي تمام وڏا اعتراف ڪري سگھندا آھن. ھن جو انداز الڳ ٿلڳ ھو. ھن جو مک مھانڊو به اھڙو ھو، جھڙا مغرب جا مفڪر ھوندا آھن. جيڪڏھن ھُو سنڌ ۾ پيدا نه ٿئي ھا ته ھُو انقلاب فرانس ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پيرس ۾ پيدا ٿئي ھا. ھن جا خيال، ھن جا غم ۽ ھن جون خوشيون ڏسي ائين لڳندو ھو ته ڄڻ ھو 18 ھين صديءَ واري انگلستان جو رھواسي ھجي. ھُو انھن مغربي مفڪرن جھڙو ھو، جيڪي ڪلچر ۽ انارڪيءَ جي باھمي تعلق تي سنجيدگيءَ سان سوچيندا رھندا ھئا. اھي انگريز عالم ۽ اديب جيڪي سمجھندا ھئا ته ڪامياب ۽ ڪلچرڊ انسان جو شعور ھڪ اھڙي شمع ھوندو آھي، جيڪا ان ميڻ مان ٺھندي آھي، جنھن مان ماکي ڪڍي ويندي آھي. روشني ۽ مٺاس جي مرڪب جھڙو ماڻھو ھو، جي ايم سيد!

ھُو شاعر نه ھو پر ھن جو من اھو مئخانو ھو، اھو مئڪندو ھو، جتي شاعر نه صرف پنھنجا پراڻا شعر شيئر ڪندا ھئا پر اھڙا نوان ۽ مترنم نظم به لکندا ھئا، جيڪي قومي تحريڪ ۾ ترانا بڻجي پاپولر ٿيا. جيتوڻيڪ ھن جي ھمعصر مخالفن ھن مٿان وڏيري ھجڻ جا الزام عائد ڪيا ۽ ھن کي سيد پرستيءَ واري تنقيدي پٿرن سان سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ھُو ڪھڙو وڏيرو ھو؟ جيڪو ڌاڙيل کي رني ڪوٽ ۾ روپوش ڪري رکڻ بدران انھن اديبن جي پنھنجي اوطاق تي مھمان ڪري ترسائيندو ھو، جن مٿان حڪومت مخالف ليک لکڻ سبب گرفتارين جا وارنٽ نڪتل ھوندا ھئا. ھُو ڪھڙو سيد ھو؟ جنھن پنھنجي ڌِيءَ ڊاڪٽر درشھوار کي پرڏيھ مان پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ جنھن پير پرستيءَ جا بکيا اڊيڙي سنڌ جي سٻاجھي عوام کي انڌن عقيدن مان ٻاھر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.

ھُو سيد ھو. ھڪ اھڙو سيد، جنھن تاريخ جي پوري بيانيي کي رد ڪندي عرب حملي آورن مٿان ڪک رکڻ بدران انھن کي ڦورو ۽ ليٽرو ڪوٺيو ۽ جنھن پنھنجي ديس جي ھندو حڪمران راجا ڏاھر کي سنڌ جو سرموڙ سورمو قرار ڏنو. ھن وقت ته نه صرف ترقي پسند مورخ پر يوٽيوب تي مشھور مولوي به اھو موقف اختيار ڪن ٿا ته سنڌ مٿان ڪاھ جا ڪارڻ اھي ناھن، جيڪي چچ نامو بيان ڪري ٿو پر اھڙو موقف سڀ کان اڳ ۾ ان جي ايم سيد پيش ڪيو ھو، جنھن مٿان پنھنجي دور ۾ فتوائون صادر ڪيون ويون.

سياست طاقت جي تلاش آھي پر جي ايم سيد وٽ سياست سچ جي ساکَ ھئي. جڏھن سن ۾ ھن سان صحافتي ملاقات دوران انٽريو ڪندي مون کانئس سوال ڪيو ھو ته، “ڇا ھن جي لاءِ سڀ کان اھم شئي سنڌ آھي؟”، تڏھن ھن حيران ڪندڙ جواب ڏيندي چيو ھو تهم “منھنجي لاءِ سڀ کان اھم شئي سچ آھي. مان سنڌ جي حق ۾ سياست به ان ڪري ٿو ڪريان جو سچ سنڌ جي پاسي آھي”.

سائين جي ايم سيد جي جيون ياترا سچ جي ڳولا ئي ته ھئي. ھن کي جڏھن به جتي به ۽ جھڙو به سچ مليو، ھن جِيءَ جا جوکا کڻي به ان سچ کي مچ وانگر ٻاري سرديءَ ۾ ڪنبندڙ سنڌ کي جيڪا توانائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن کان اڳ يا ھن پوءِ ان جو مثال ملڻ مشڪل ئي نه پر محال آھي.

تاريخ جي ھر وڏي ڪردار وانگر ھن جي شخصيت تڪرارن جي ور چڙھيل رھي آھي. ڇو ته وڏيون شخصيتون پاڻ کي مروج اصولن، ضابطن ۽ قدرن تائين محدود رکڻ بجاءِ نوان اصول، نوان قاعدا، نوان رستا بلڪه نيون منزلون نشانبر ڪنديون آھن. ھلندڙ دور سان ھلڻ ۾ آساني ھوندي آھي. مڃيل قدرن جي تبليغ تي ڪو به ارھو نه ٿيندو آھي پر جيڪو انسان نئون فڪر آڇي، نئون فھم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، اھو لازمي طور تي تڪرارن جي ور چڙھي ويندو آھي. تاريخ جي وڏن ڪردارن جي باري ۾ اھا ڳالھ به نوٽ ڪئي ويندي آھي ته ھُو وڏا خطرا کڻڻ کان نه گھٻرائيندا آھن. جي ايم سيد جي سياست يا ھن جي سياسي منشور سان اختلاف رکڻ وارا به اھو تسليم ڪندا ھئا ته ھُو جيڪا ڳالھ ڪري ٿو، اھا پرخطر آھي.

جي ايم سيد جي سلسلي ۾ اھو سوال ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ پيدا ضرور ٿيو آھي ته ھُو صوفي ھو يا سياستدان؟ ان سوال جي حوالي سان ھن جي مخالفن ڪڏھن به ھن جي فڪر کي فقيري نه مڃيو ۽ نه وري انھن اھو تسليم ڪيو ته ھُو پنھنجي وجودي وصفن ۾ لاطمع ۽ لاڪوفي شخص آھي پر ھن جا پوئلڳ ۽ ھن سان پيار ڪندڙ ھن جي صورت تاريخ جو عظيم صوفي پسندا ھئا. انھن جو موقف ته محبت ۾ لپيٽيل ھو پر ڇا محبت نرگس جيان نابين ھوندي آھي؟ عشق جي باري ۾ شيخ اياز لکيو آھي ته، عشق کي نو لک نيڻ ھوندا آھن. اياز ته اھو به لکيو ھو ته، “جي ايم سيد صوفي لاڪوفي ۽ سچو ديش ڀڳت آھي”.

صوفي صحيح آھن يا انھن جي سوچ کي درست قرار ڏيڻ دشوار آھي پر ھڪ ڳالھ تي تڪرار ٿي نه ٿو سگھي ته ھڪ سچو صوفي خوف کان به ايترو پري رھندو آھي، جيترو لالچ کان! جي ايم سيد جي باري ۾ عام راءِ اھا آھي ته ھُو خوف ۽ لالچ کي جيڪڏھن مڪمل طور تي فتح نه ڪري سگھيو، تڏھن به بقول سندس ھن سموري زندگي ٻنھي شين جي مخالف مزاحمت ضرور ڪئي آھي.

ڇا ھُو مزاحمتي صوفي ھو؟ ڇا ھن جي باري ۾ پيش ڪيل اھو نئون خيال آھي؟ ڇا مزاحمتي صوفي ھوندا آھن؟ ڇا مزاحمتي صوفي ملامتي صوفين جو سياسي روپ آھن؟ ڇا سياست ۽ تصوف ۾ ڪو تال ميل ممڪن آھي؟ ڇا منصور ۽ ميڪاوليءَ ۾ ميلاپ ممڪن آھي؟ ڇا جي ايم سيد ميڪاوليءَ کان منصور طرف سنڌ جو سياسي سفر ھو؟ سياست تاج ۽ تخت جي تلاش آھي پر ڇا سيد سياست کي ھڪ صليب وانگر قبول ڪيو؟ گورباچوف پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو ھو ته، “سياست ممڪنات جو فن آھي”. ڇا سيد جي سياست لاحاصل جي جستجو ھئي؟ ڇا سندس جدوجھد پنھنجي اندر جي پيڙا جو پڙلاءُ ھئي؟ ڇا ھن کي دنياوي دماغ جي حساب سان ھڪ ڪامياب سياستدان قرار ڏئي سگھجي ٿو؟ ڇا ڪاميابي ۽ ناڪامي ٻه تڪراري تصور آھن؟ ڇا سيد سياست جي صحرا ۾ سسئي جو سفر ھو؟ ڇا سياست صرف عقل جو دوڪان آھي؟ ڇا سيد سياست ۾ عشق جي علامت ھو؟ ڇا سلجھيل فڪر سان سياسي تبديلي ممڪن ٿي سگھي ٿي؟ ڇا عمليت پسنديءَ جو دڳ درست نه ھوندو آھي؟ ڇا آئيڊيلسٽ ھجڻ تي فخر ڪري سگھجي ٿو؟ ڇا سنڌ سان سيد جو سڱ سياست جي باب ۾ بيان ڪري نه ٿو سگھجي؟ ڇا ھن جي آدرشن جو سفر اڄ به جاري آھي؟ ڇا ھن جا سپنا ساڀيان ٿيڻ جا مرحلا عبور ڪري رھيا آھن؟ ڇا اياز جا اھي لفظ سيد جي طرف تڪن ٿا، “منھنجا جھونا ساٿي، اڄ تنھنجو جنم ڏينھن آھي”. ڇا جي ايم سيد جي آدرشن کي عبدالواحد آريسر اياز کان وڌيڪ بھتر طور پسي سگھندو ھو؟ ڇا جي ايم سيد جي سياست “پيغام لطيف” جو پڙاڏو ھئي؟ ڇا اھو پڙاڏو سنڌ جو سڏ ٿي سگھي ٿو؟

سنڌ ھن وقت جنھن سياسي سُڃَ جي رُڃَ ۾ رڙي رھي آھي، ھن ڌرتيءَ مٿان دردن جو اھڙو بار اڳ ڪڏھن به پيو ھو. سنڌ جي سياسي سرڪشي، جنھن سمجھوتي جي ور چڙھي چڪي آھي، ان جو احوال اسان جي اندر ۾وڌيڪ سُورن جو سبب ٿي پوندو پر ڇا سُور سدائين منفيت طرف مائل ھجن ٿا؟ ڇا سُورن جو ڪو مثبت روپ سروپ ممڪن ناھي؟ ڇا سياست ۾ سُور سھڻ جو مطلب اذيت پسنديءَ وارو آھي؟ ڇا “جا لڪن لوساٽي، سا سيڄ چڙھندي سسئي” محض ھڪ رومانوي ۽ شاعراڻي سِٽَ آھي؟ ڇا ادب ۽ شاعريءَ کي افلاطوني سياست جي رياست ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ھجڻ گُھرجي؟

جي ايم سيد ته بندوق جي ناليءَ مان نئون سج ڏسندڙ ڇوڪرن ۽ بيتن معرفت ڪوڙ جي قلعي کي ڊاھي پٽ ڪرڻ ڪوشش ڪندڙ شاعرن سان گڏجي نئين سياست جو تجربو ڪيو ھو. ڇا اھو تاريخ جو تلخ تجربو ھو؟

ڇا سنڌ پڄاڻان سرڪش سياست جو انت اچي چڪو آھي؟

(ناتمام)