ھڪ جپسي ڪالم … ھڪ مشيني دل جي تنھائي

0
49
ھڪ جپسي ڪالم ... ھڪ مشيني دل جي تنھائي

 ڌرتيءَ جي گرھ تي جون جي ڏھ تاريخ ۽ سال 2018 ھو، جڏھن مريخ گرھ مٿان انساني ھٿڙن جي جوڙيل مارس مشن جي روور (خلائي گاڏي) “ اپرچونٽي” جنھن کي سمورا مارس مشن جي ڪنٽرول روم جا ساٿي جذباتي وابستگيءَ جي ڪري “اوپي اوپي” چئي سڏيندا رھيا ھئا، پنھنجي پندرنھن سالا زندگيءَ جا ھي آخري الفاظ ڌرتيءَ ڏانھن اماڻي ھميشه جي لاءِ خاموش ٿي ويو..“آسمان بيحد اونداھو ٿي ويو آھي ۽ مون کي ڏينھن ۾ به رات لھندي محسوس ٿي رھي آھي”.  ھن جي لوھي ڪنڌ ۾ لڳل ٽن ڪئمرائن جا شٽرس سدائين لاءِ ڪري پيا ۽ اوپي مريخ تي ٽيھن ڏينھن کان اٿيل ڳاڙھسري مٽيءَ جي شديد واچوڙن ۾ وڪوڙجي مريخ جي ڌرتيءَ ۾ ھميشه جي لاءِ دفن ٿي ويو ھو. ھيٺ ڌرتيءَ جي ڪنٽرول روم ۾ پن ڪرڻ جھڙي خاموشي طاري ھئي ۽ رکي رکي ڪمپيوٽر اسڪرينن تان ڪا بيپ اوچتو ٻري رھي ھئي، نه ته سڄو ڪنٽرول روم ڄڻ سوڳ ۾ وٺجي ويو ھو. ايئن ڇو نه ھجي، ان شعبي جي سمورن ملازمن مريخ جي ان روبوٽ سان پنھنجي گھر جي ٻارڙن جيان پيار ڪيو ھو ۽ ڌرتيءَ کان 225 ملين ڪلوميٽر پري ھجڻ جي باوجود به گھر جي ڀاتين جيان ان جي سار سنڀار لڌي ھئي. الاھي دفعا اھا اوپي مريخ جي اڻ وڻندڙ ماحول ۾ ڪنھن بدروح مسافر جيان ڀٽڪندي رھي ۽ مشڪلاتن جو شڪار رھي پر ان پنھنجي ڌرتيءَ ڏانھن اھو ڪجھ علم موڪلڻ بند نه ڪيو، جنھن سان خبر پئي پئي ته اھو مريخ به ڪڏھن ڌرتيءَ جيان سرسبز ھو ۽ ان تي به حيات رھي ھئي. مريخ يا مارس جو ماحول ھن وقت ڌرتيءَ کان گھڻو مختلف ٿي چڪو آھي، اتي رکي رکي واچوڙا اٿندا آھن پر انھن واچوڙن ۾ آڪسيجن ڪونه ھوندي آھي جا، ڌرتيءَ تي ھائڊروجن سان ملي ڪري زندگيءَ کي ممڪن بڻايو پئي اچي.

اوپيءَ کي ناسا جي مارس مشن، انساني سڀاوَ جي پروگرامنگ سان جوڙي تيار ڪيو ھو، يعني ان ۾ اھو سينس ھو ته سج لھڻ مھل مريخ جو افق نيرو ڇو ٿي ويندو آھي، ڌرتيءَ جي شام جيان ڳاڙھسرو ڇو نه ٿي رھيو آھي. ھن کوڙين دفعا پنھنجي اڳين ھٿ ۾ لڳل ڊرل مشين سان مريخي پٿر جا نمونا ھٿ ڪيا ۽ انھن جو انالائسز پنھنجي پروگرامنگ مطابق ڪاميابيءَ سان ڪيو. ان اسان کي اھو به ٻڌايو ته ھتي ڏينھن 24 ڪلاڪ ۽ 37 منٽن جو ٿئي ٿو يعني مريخ اسان جي ڌرتيءَ کان 37 منٽ بعد ۾ الھي ۽ چڙھي ٿو. اوپيءَ کي ناسا وارن 90 سولس لاءِ جوڙيو ھو يعني 93 زميني ڏينھن لاءِ … مگر ھُو پنھنجي ڪنٽرول روم جي محبتن ۽ محنتن سبب 15 سال زندھ رھيو ۽ ڌرتيءَ ڏانھن مسلسل ڊيٽا اماڻيندو رھيو ۽ اھا ڊيٽا ڌرتيءَ تي ٻن ڪلاڪن بعد پھچندي ھئي. حالانڪه اھا ڊيٽا روزانو جي بنياد تي 4 ميگا بائٽس جيتري ھوندي ھئي. اوپيءَ جون بيٽريون سج جي روشنيءَ تي چارج ٿينديون ھيون ۽ انھن جي مينٽيننس به ھو ڪنٽرول روم جي موڪليل ڪمانڊس جي آڌار تي ڪندو ھئو. اوپي روور ڏينھن مھل مريخ جو سفر ڪندو ھئو ۽ سياري جي اوبڙ کابڙ ڌرتيءَ تي ڪنڌ کڻي گھمندو رھندو ھئو، ھن کوڙ سارو ٽائيم مريخ جي سوين ڪلوميٽرن تائين ڦھليل ڊگھين کڏن ۾ گذاريو ۽ اتان جي زمين جي بناوت تي ڪا راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ناسا جي سائنسدانن جي مدد ڪئي. اوپي روور مريخ تي 14 سال ۽ 47 ڌرتيءَ وارا ڏھاڙا گھمندو رھيو ۽ آخرڪار ھڪ ٿڪائيندڙ ۽ مسلسل واچوڙي نما مريخي طوفان سان جھيڙيندي جھيڙيندي 2018ع جي جون مھيني جي 10 تاريخ تي ڌرتيءَ تي شروع ۾ ڏنل آخري پيغام موڪلي ھميشه لاءِ ننڊ ۾ پئجي ويو. اوپي جي ڪنٽرول روم ۾ امريڪن سائنسدانن سان گڏ اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت جي ھڪ عورت سائنسدان “سواتي موھن” به ڪم ڪندي آھي، جنھن جو اوپي مشن سان ايترو ته موھ ھو، جو ھن کي جڏھن جاڙا ٻار ڄميا، تڏھن به جلدي جلدي ٺيڪ ٿي پنھنجي مشن سان جُڙي وئي. ان مشن جي ڪامياب پڄاڻي ناسا جي بھترين سائنسدانن جي ڏينھن رات جي محنتن جو نتيجو آھي، جو انھن اوپيءَ جي مرتيي بعد ھڪ ٻيو روور ٺاھي ورتو، جيڪو ھن مھل مريخ تي اوپيءَ جي جاءِ تي رولاڪيون ڪري رھيو آھي.

سج کان چوٿين نمبر تي موجود مريخ جو گرھ سدائين اسان ڌرتي واسين کي موھيندو رھيو آھي، ھن جو ننڍڙي ٽٻڪي جھڙو وجود ھر رات آسمان جي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ ۾ خاموشيءَ سان ڳاڙھسري جوت سان ٽمڪندي نظر ايندو آھي، ۽ منھنجي اٽيچمينٽ ان گرھ سان ان حوالي سان ايتري ته گھري رھي آھي، جو رات  ٿيندي ئي مان آسمان جي سليٽ تي مريخ کي ڳولھڻ لڳندو آھيان ۽ اگر بادلن يا لُڙاٽيل فضا جي ڪري اھو نظر نه به ايندو آھي ته ڪنھن نه ڪنھن ايسٽرونامي اپليڪيشن جي مدد سان ان کي ڳولھي لھندو آھيان.

مارس يعني مريخ تي انسان ذات جي دلچسپي الاھي سارن حوالن سان اھميت رکي ٿي، ھڪ اھو ته جي ڌرتيءَ تي امڪاني ائٽمي جنگ ڇڙجي وئي ته ان دوران ڪجھ انسان مريخ تي موڪليا ويندا ۽ ان کان اڳ ۾ اتي ھڪ اھڙي ڪالوني جوڙي ويندي، جنھن جي اندر اھي انسان زميني ھوا جيان ساھ کڻي سگھندا. اسان جي ڌرتيءَ جو ھڪ بلينيئر چريو “ايلون مسڪ” پوري تيارين سان اسپيس ايڪس پروگرام ھيٺ مريخ تي انساني ڪالونيون جوڙڻ وڃي رھيو آھي ۽ ان حوالي سان ھن جو ڪم ڪنھن به طور تي نظرانداز ڪرڻ جھڙو ڪونھي. ھن مھل ان ماڻھو اسپيس ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايتري ته مھارت حاصل ڪري ورتي آھي، جو ھُو ھڪ ئي اسپيس جھاز کي وري وري اڏام لاءِ استعمال ڪري سگھڻ جي ويجھو پھچي چڪو آھي، ان حوالي سان ناسا جا مشنز به ڪم ڪري رھيا آھن. ھاڻ ته ناسا ھڪ اھڙي ھائپر سونڪ جھاز جي اڏام ڪرڻ جي ويجھو پھچي چڪو آھي، جنھن کي ايڪس 43 جو نالو ڏنو ويو آھي ۽ جيڪو ھن ڌرتيءَ تي ئي ھڪ ڪلاڪ ۾ لڳ ڀڳ 7000 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪندو. ائين سمجھو ته پاڪستان کان آمريڪا رڳو ڪلاڪن ۾ پھچي سگھبو. اھي ته ٿيون ٻاھرين جون ڳالھيون، پاڻ وٽ ڇا ٿي رھيو آھي، اسان جي پاڪستاني ايجنسي سپارڪو ڇا ڪري رھي آھي، ان حوالي سان آخري اطلاع اھي آھن ته اسان جي اسپيس ايجنسي ھڪ جنرل جي عملداريءَ ۾ چئن ۽ سڪون جي اگھور ننڊ ڪري رھي آھي.