ھڪ جپسي ڪالم … ھڪ شاعرَ جون شعرَ ــ ڪھاڻيون

0
42
ھڪ جپسي ڪالم ... ھڪ شاعرَ جون شعرَ ــ ڪھاڻيون

 ”ننڍا ھوندا ھياسين، اسان جو نانو روز رات جو اسان کي ڪھاڻيون ٻڌائيندو ھو، بادشاھن ۽ راڻين جون ڪھاڻيون. سياري ۾ اسان ٻارَ ھن جي سَوَڙَ ۾ ھليا ويندا ھياسين، سَوڙ ۽ سندس ٻڌايل ڳالھين جي گرمي ھڪ ئي وقت سرديءَ جي احساس کي ختم ڪري ڇڏينديون ھيون.“

                 شاعر امر اقبال جو ڪھاڻي مجموعو “اڌَ ۾ رھجي ويل ڪھاڻيءَ جي ڪھاڻي” منھنجي آڏو پيو آھي ۽ مان ڪتاب جي ڪھاڻين کان اڳ ۾ ھڪ اھڙي منظر جو حصو ٿي وڃان ٿو جتي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچيءَ جي اڪيڊمڪ بلاڪ کان ٿورو اڳتي اتر طرف ايم بي ڪيو، ون ھاسٽل ھئي (اھو عرب حملہ آور محمد بن قاسم ڪيئن تہ ملڪ ۾ ھر جاءِ تي اسان مٿان ٿاڦيو ويو آھي) ان جي ٽئين ماڙ تي ڏاڪڻين جي ساڄي پاسي اسان جي امر اقبال جو ڪمرو ھوندو ھو، اھو ڪمرو اسان سنگتين جو ڪراچيءَ ۾ ڄڻ ته پنھنجو اصلي گھر ھوندو ھو، جڏھن به ڪراچيءَ اچڻ ٿيندو ھو، پناھ گاھ امر جي ھاسٽل ۽ ان جو ڪمرو نمبر 213 ھوندو ھو. ھي اھو تاريخي ڪمرو ھو، جتي اڄ جي سنڌي ادب جا وڏا وڏا درخت ڇانوَ وٺڻ ايندا ھئا، وسيم سومرو، نياز نديم، ممتاز عباسي، ممتاز بخاري، قدير انصاري، فياض چنڊ ڪليري، آدرش، مظھر ابڙو، بشير منگي، جميل شھزاد، نثار ٻانڀڻ ۽ خالد ٻانڀڻ امر اقبال جا ھتي ئي مھمان ٿيندا ھئا ۽ ھي امر پنھنجي پاڪٽ منيءَ جا پئسا سگريٽن ۽ دوستن تي خرچ ڪندو ھو. امر جي ڪمري جي ڀڪَ ۾ مٺيءَ جي پسگردائيءَ جي ھڪ ڳوٺڙي “ڪانٽيو” جو سانورو ديپڪ اڄ به مون کي ياد آھي، اھو ٿري ديپڪ جيترو سانورو ھو، ھن جا خواب اوترا ئي اُجرا ۽ روشن ھئا، ديپڪَ سان ملي سدائين ٿرَ جي ڪونڀٽن ۾ ڦٽل روھيڙي جو واس حواسن ۾ ڦھلجڻ لڳندو ھو. امر جي ايم بي ڪيو ون ھاسٽل جي ڀڪ ۾ ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ھاسٽل ھوندي ھئي (جنھن کي اسان KU ڪوٺيندا ھئاسين) وچ ۾ ھڪ ڀِت ھوندي ھئي، جيڪا ٻنھي يونيورسٽين جي عاشقن ڀڃي ان مان ھڪ ڳرکڻو ٺاھي ڇڏيو ھو، جتان ڊونڊڙا ٿي اسان ڪي يُو ۾ داخل ٿي ويندا ھئاسين. انھيءَ ڀِت جي ڀِڪ ۾ ئي ڪي يُو جي ھڪ ھاسٽل ۾ معصوم سنديلو ۽ اسان جو جگر يار پرويز ابڙو رھندا ھئا، انھن ڏينھن ۾ پرويز ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جو شاگرد ھو ۽ ھن جو استاد اسان جو ايورگرين سنگتي سائين عابد مظھر ھو، جنھن سان جڏھن به ملبو ھو ڄڻ ڪنول گلن سان ڀريل ڪنھن ڍنڍَ سان ملاقات ٿي ويندي ھئي. سائين عابد جا ٽھڪَ ۽ مخصوص مذاقي جملا اڄ به ياد ھوندا آھن ۽ اسان پنھنجي تحريرن ۾ انھن دلبر قسم جي جملن کي ڪوٽ ڪندا رھندا آھيون.

امر اقبال جو ھي ڪھاڻي ڪتاب ان حوالي سان بہ مون کي ڏاڍو “اٽريڪٽ” ڪري رھيو آھي، جو ھن ڪتاب ۾ امر جيڪي بہ ڪھاڻيون سرجيون آھن، اھي گھڻيون تڻيون ھن جي زندگيءَ جون ئي ڄڻ تہ ڪي گلائمپسز آھن ۽ ھن جي سوچن ۽ پيڙائن جي تاريخ آھن، مون کي خبر ناھي ته امر جون ھي ڪھاڻيون سنڌي ادبَ جي ڪھڙي درجي تي فائز ٿينديون، اھي ڪنھن يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي ڪنھن ڪورس جو حصو بڻبيون بہ الائجي نہ، پر مون کي امر جي ڪھاڻين ۾ ھڪ ڳالھ بيحد سھڻي لڳي، اھا ھيءَ تہ، امر اھي ڪھاڻيون لکيون ناھن، بلڪه ڪجهہ فلمَ ۽ انھن جا ريلَ ٺاھي ڪتاب جي ھر صفحي تي رکي ڇڏيا آھن، جيڪو به صفحو کوليون ٿا، ان پني جي اسڪرين تي اھا ڪھاڻي جهٽ ۾ پِلي ٿي وڃي ٿي. امر چواڻي، “ھڪ ڪھاڻيءَ جو ڪئنواس ھڪ نقطي جيترو بہ ٿي سگهي ٿو ۽ اھو ڪئي ڪائناتن جيترو بہ ٿي سگهي ٿو، ڪھاڻي ھڪ لمحي جي بہ ٿي سگهي ٿي، تہ ڪيئي صدين تي ڦھليل بہ“.

منور سراج سنڌي ڪھاڻيءَ ۽ اسان جي دوستيءَ جو اھو رنگين آئينو آھي، جيڪو ھر تخليقي بارش کان پوءِ اوڀر يا اولھ پاسي سج جي مقابل ھڪ انڊلٺ جھڙو آرڪ ٺاھي بيھي رھندو آھي، منور جا ھي لفظ ھتي ڪوٽ ڪريان ٿو، جيڪي ھن امر جي ڪھاڻين متعلق لکيا آھن، اھي لفظَ ڄڻ تہ منھنجي ئي ڪنھن ارادي جو اظھار آھن.

”امر اقبال جي ڪھاڻين جو ھڪ اھم ۽ بنيادي جُز، جيڪو سدائين ڪھاڻين کي پڙھندڙ جي دل ۾ جاءِ ڏئي ٿو، اھو آھي ڪھاڻين جي حساسيت ۽ اندروني حسيت، ليکڪ پاڻ ۽ سندس ڪردار جيئن محسوس ڪري ٿو، ايئن ھُو پڙھندڙ کي بہ محسوس ڪرائي ٿو، اھو بيحد ڏکيو ھنر آھي، ھڪ خاص اھليت آھي، جا ھر ڪنھن ۾ نہ ھوندي آھي.“

منور سائين! بلڪل صحيح لکيو اٿوَ.

ھونءَ بہ ڪو سھڻي ۽ ڌيان ڇڪي وٺندڙ چھري وارو شاعر جڏھن ڪھاڻيون لکڻ لڳندو آھي تہ ھن جي ڪھاڻين ۾ غير محسوس انداز ۾ شاعري بہ اينٽر ٿي ويندي آھي، جيئن ھن امر جي ھر ڪھاڻيءَ ۾ ڪانہ ڪا سٽ ڄڻ تہ ڪو نظم لڳي رھي آھي، جيئن … “سردي بيحد خاموشيءَ سان،  شام ۾ شامل ٿي وئي ھئي”. يا ھي ٻيو ھڪ جملو .. “جڏھن ھن وٽ کوڙ سارا نظمَ گڏ ٿي ويا ھئا، تڏھن فيبروريءَ جي چوڏھين شام جو ھُو اچانڪ ڊاڪٽرَ جي ننڍڙي آفيس ۾ اکين ۾ ھزارين رنگين مڇيون تاريندڙ ان ڇوڪريءَ جي سامھون بيٺو ھو”. (زندگي خوبصورت آھي)

ھن سِٽَ ۾ امر خاموشيءَ سان احساس ڏياريو آھي تہ اھا شام محبتن جي ويلنٽائنز جي ڏينھن واري شام ھئي.

مون کي ذاتي طور تي امر جي ڪھاڻي “ھن جي ۽ ھن جي دوست جي ڪھاڻي” جي ٽريٽمنٽ ۽ ڪلائمڪس بيحد وڻيون، پنھنجي ھڪ خرچ ــ ليس دوست کي ساڳي ئي معاملي ۾ پنھنجي سموري خرچي ڏيڻ بعد امر جو ڪردار ڇا ته جملو ورجائي ٿو.. ھُو ان ڪري پنھنجي ٽيوشن ڏيڻ واري نوڪري وري واپس وٺي ٿو، ڇو تہ پنھنجي دوست کي پنھنجا سمورا پئسا ڏيڻ بعد ھاڻ ھن وٽ ايترا پئسا بہ ڪونه ھئا جو ھُو صبح جو ڊبل روٽيءَ جا ٻه سلائس ۽ چانھ جو ھڪ ڪوپ خريد ڪري سگھي.

جيتري قدر مان ڄاڻان ٿو امر جي ڪراچيءَ وارن ڏھاڙن ۾ ھُو ڪڏھن ڪڏھن سيلاني روح ۽ سمنڊ تي شام جي منظرن جھڙي پنھنجي دوست رحمت الله ماڃوٺيءَ سان ملڻ ويندو ھو، ان پسمنظر ۾ امر جي ڪھاڻي “نئون چوٽيھون در” مون کي بيحد وڻي، جنھن ۾ ھن پنھنجي انداز ۽ اسٽائل ۾ پنھنجي سيھوڳي ليکڪ کي ھڪ ڪمال جو ٽرائيبيوٽ ۽ ھن جي طبعي تڪليف کي نظر ۾ رکندي ھن جي لاءِ اُلڪي جھڙو ڪلائمڪس پينٽ ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان نموني پنھنجو ھڪ خاموش احتجاج نوٽ ڪرايو آھي.

اوھان کي جڏھن بہ امراقبال جي ڪھاڻين جو ھي ڪتاب ڪٿان ھٿ اچي وڃي تہ پنھنجي ٽيبل تي ڪافي يا چانھ جي ڪوپ جي موجودگي اينشوئر ڪرائي،  چُسڪين وچ ۾ مختصر ڪھاڻين جو ھي ڪتاب ضرور پڙھي وٺجو، ھر چُسڪيءَ جي پيرڊ وچ ۾ ھڪ ڪھاڻي ختم ٿيو وڃي ٿي پر ان ڪھاڻيءَ جو اثر ڪنھن ضخيم ناول جيان حواسن کي جڪڙي بيھي ٿو، ان ڪري ئي مون جڏھن ھي ڪتاب پڙھڻ شروع ڪيو ھو تہ ھر ڪھاڻيءَ جي اينڊ ۾، ان ئي صفحي تي ڪھاڻيءَ متعلق ھڪ لفظي فيلنگز لکڻ شروع ڪيون ھيون، تہ مون کي منھنجي چانھ چار ڀيرا گرم ڪرائڻي پئجي وئي ھئي ۽ چانھ ٺاھيندڙ جيون ساٿيءَ جي پيشانيءَ تي اڀري آيل ڪاوڙ جي ريکائن کي ڀوڳڻو پيو ھو.

امر اقبال ھي ڪھاڻي ڪتاب لکي ثابت ڪيو آھي تہ ھُو ھڪ سھڻو ۽ ڪيئرنگ شاعر تہ آھي ئي آھي پر ان سان گڏوگڏ نثري تحريرن جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي پنھنجي ڪمانڊ زورائتي انداز ۾ محسوس ڪرائيندڙ ھڪ ملٽي ٽيلنٽيڊ ليکڪ  به آھي.