ھڪ جپسي ڪالم … ھڪَ پھاڙ جو موت

0
376
ھڪ جپسي ڪالم ... ھڪَ پھاڙ جو موت

 “جيڪڏھن ڀارت ائٽم بم بڻائي ورتو ته اسان گاھ کائي ۽ بکيو رھي به گذارو ڪنداسين مگر اسان پنھنجو ائٽم بم ضرور بڻائينداسين” (ذوالفقار علي ڀٽو)

ٽائيم ھو ٽيپھريءَ جا ٽي لڳي پندرھن منٽ ۽ ڏينھن ھو سال1998ع جي 28 مئي جو،اوچتو خوفناڪ گڙگڙاھٽ سان ھڪ وڏي ڌماڪي جو آغاز ٿي ويو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڌرتيءَ جي رنگ وارو ھڪ زندھ پھاڙ واريءَ جي زرڙن جيان ڀُرڀُرو ٿي ميٽائين رنگ ۾ بدلجي ويو، پي ٽي ويءَ  تي حڪومت پاڪستان پاران جيڪا ويڊيو جاري ڪئي وئي، اھا ايڏي ته خوفناڪ ھئي جو مان 28 سالن جو ھوندي به ڪنھن ٻار جيان ڏڪي رھيو ھئس. مبارڪن جا ڌوڙيا ٿي ويا ۽ ھڪ ٻئي کي گلن جا ھارَ پارائي انڊيا يعني ڀارت کي پي ٽي ويءَ چواڻي “منھن ٽوڙ جواب” ڏنو ويو، ڇوته ڀارت 11 ۽ 13 مئي تي راجسٿان جي پوکران صحرا ۾ لڳاتار پنج ائٽمي ڌماڪا ڪري چڪو ھو ۽ انھن جو مورال بيحد بلند ٿي ويو ھو، انھن جو اھو مورال جھڪائڻ ضروري به ھو ۽ پوءِ اھو مورال جھڪيو ته ڪونه پر ان جي سطح برابريءَ واري ٿي وئي، ھاڻ پي ٽي وي بار بار ورجائي رھي ھئي، “ھم ني ھندوستان ڪي خوابون ڪو چڪناچور ڪرڪي رک ديا ھي” ڀٽو صاحب، جنھن کي پاڪستاني ائٽم بم جي حاصلات جو باني چيو ويندو آھي،پاڪستان جي انھن ئي گروھن ھٿان 19 سال اڳ شھيد ٿي ڳڙھي خدا بخش ۾ آرامي ٿي چڪو ھو. ان وقت نواز شريف جي حڪومت ھئي ۽ انھن کي افسوس ان ڳالھ جو ھوته انھن جي ڪريڊٽ تي ڪوبه اھڙو ڪارنامو ڪونه ھو، جنھن سان اھي ڪنڌ مٿي ڪري دنيا ۾ گھمي سگھن، پر ڌماڪي پڄاڻان، ھاڻ ھُو چئي سگھڻ جھڙا ٿيا ته “قوم ڪو مبارڪ ھو، ھم ني پاڪستان ڪو ناقابلِ تسخير ائٽمي قوت بناديا ھي”. پاڪستان لاءِ بي بي سيءَ جو نمائندو اوون بينيٽ جونز پنھنجي انگريزي ڪتاب“پاڪستان ان دي آئي آف اسٽارم” ۾ لکي ٿو ته 27 مئي 1998 جي شام مھلَ پاڪستان جي راولپنڊي شھرَ جي جي ايڇ ڪيو ۾ پاڪستاني فوج جو ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز، لڳاتار فون تي اعلي قيادت سان رابطو ڪندو رھيو ته انھن کي سعودي انٽيلي جنس جون رپورٽون مليون آھن ته اسرائيل جا جنگي جھازَ ھندستان جي چنائي شھر کان اڏاميا آھن ۽ پاڪستان طرف وڌي رھيا آھن ۽ اھي پاڪستان جي ايٽمي تنصيبات ۽ ايٽمي صلاحيت کي تباھ ڪرڻ چاھين ٿا. ڊائريڪٽر صاحب جو چوڻ ھو ته پاڪستان پنھنجو پھريون ائٽمي ڌماڪو ڪرڻ وڃي رھيو آھي ۽ ڀارت ۽ اسرائيل جيئن ته پاڪستان جا ازلي دشمن آھن، ان ڪري اھي،ائٽمي ڌماڪو روڪرائڻ چاھين ٿا. ملٽري آپريشنز جي فون ڪالز جو وڏو اثر ٿيو ۽ ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جھانگيرڪرامت 10 کن ايف 16 جھازن کي فوري طور تي اڏام جو حڪم ڏنو ۽ اسرائيل ۽ ڀارت جي ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي تياري ڪري ورتي. پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدلقدير خان جذبات ۾ اچي ايترو به چئي ڏنو ته تازو تازو ٺاھيل غوري ميزائيلن جي منھن تي ائٽمي وار ھيڊز لڳائڻ کپن ۽ انھن کي الرٽ ڪيو وڃي پر الائي ڇو ڊاڪٽر صاحب جي ان حب الوطنيءَ واري خواھش تي ڪنھن به غور نه ڪيو. ان ائٽمي اڳرائيءَ جي ڪري پوري دنيا جي امن پسند ملڪن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو ۽ سڀني ملڪن، پاڪستاني حڪمرانن کي پنھنجي پنھنجي سفارتڪارن ذريعي ھٿ جوڙي گذارش ڪئي ته ائٽمي ڌماڪن کان مڙي وڃو، پر پاڪستان جي اصل  اشرافيه لاءِ ھاڻ اھو عزت ۽ انا جو معاملو بڻجي چڪو ھو. رات جو ھڪ وڳي اسلام آباد ۾ تعينات ڀارتي سفير کي ننڊ مان جاڳائي دفترِ خارجه طلب ڪيو ويو ۽ کيس وارننگ ڏني وئي ته پنھنجا ۽ اسرائيل جا جنگي جھاز موٽايو نه ته ان جا سنگين نتيجا نڪرندا.. دوسُو ناچُوءَ جيان نوازشريف ھٿان آمريڪا جي صدر بل ڪلنٽن ۽ برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر کي ڪال ڪرائي وئي ۽ انھن کي اطلاع ڏنو ويو ته اسرائيلي ۽ ڀارتي جنگي جھاز پاڪستان تي حملو ڪرڻ لاءِ انڊيا جي شھر چنائيءَ مان اڏري چڪا آھن. نيويارڪ ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل مندوب محترم احمد ڪمال کي اسلام آباد مان خاص ٽيليگرامَ موڪليا ويا ۽ ھُنَ اقوام متحده جي سيڪيٽري جنرل ڪوفي عنان  ۽ سلامتي ڪائونسل کي پاڪستان کي درپيش ان اھم مسئلي کان آگاھي ڏني  ۽ ان بعد ھلي وڃي امريڪي سي اين اين نيوز چئنل جي نيوز روم ۾ پاڻ پھچي ڪري پاڻ کي انٽرويو لاءِ پيش ڪيو، جيئن ته کيس چئنل وارن گھرايو ئي ڪونه ھيو ان ڪري اھي ڪجھ گھڙيون ته حيران رھجي ويا ھيا. ھوڏانھن اسلام آباد ۾ دفتر خارجه پنھنجو بيان جاري ڪندي پاڪستاني قوم کي خوشخبري ڏني ته انھن جي زورائتن سفارتي ڪوششن ڪري چنائيءَ کان ھليل جنگي جھازَ پاڪستاني سرحد کي ھٿ لائي واپس موٽي ھليا ويا آھن. حالانڪه سوچڻ جي ڳالھ اھا آھي ته جيڪڏھن چنائي ائيرپورٽ تان اھي جھاز ھلن به ھا ته انھن کي پاڪستان تائين پھچندي پھچندي ٽي دفعا فيول ڀرائڻو پوي ھا پر ان ٽيڪنيڪل ڳالھ کي ڪنھن به ۽ ڪڏھن به ظاھر ڪونه ڪيو. ھتي ھڪ ٻي به گڙبڙ ٿي وئي ھئي،  30 مئي تي پاڪستان پنھنجي ائٽمي تجربي جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪيو ۽ ٻيپھريءَ جو پاڪستان جي وزير خارجه محترم گوھر ايوب خان ھڪ بيان جاري ڪيو ته پاڪستان بلوچستان جي چاغي پھاڙ اندر ٻه ڪامياب ائٽمي ڏماڪا ڪيا آھن، منٽن ۾ اھو بيان دنيا جي ھر نيوز ايجنسيءَ جي نيوز ڊيسڪ تي موجود ٿي ويوھيو، تڏھن ھڪ عجيب واقعو رونما ٿيو، شام جو ڇھين وڳي حڪومت پاڪستان جي ترجمان کي وضاحت پيش ڪرڻي پئجي وئي ته ٻه نه پر ھڪ ائٽمي ڌماڪو ٿيو آھي، ان واقعي سان واضع طور تي پاڪستان جي سياسي قيادت ۽ اصل ڪنٽرولنگ اٿارٽيز جي وچ ۾ ٿيل ان غلط بيانيءَ جي ڪري وڏي وِٿيءَ جي نشاندھي ٿي رھي ھئي.

ايٽمي بمَ ٺاھڻ ۽ انھن کي سنڀالڻ ڪڏھن به مذاق جو ڪم ناھي، ائٽمي تباھڪارين جا داستان ئي الڳ آھن، اھي داستان اگر ڏسڻا ھجن ته جاپان جي ٻن شھرن ھيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ کي ڏسي اچو جتي اڄ به يعني 78 سالن بعد به ان شھر جا رھاڪو ايٽمي تباھ ڪارين جي آفٽر افيڪٽس کي ڀوڳي رھيا آھن. جاپانين انھن ٻنھي شھرن جو اھي تباھ ٿيل عمارتون جيڪي ائٽمي گرميءَ ۾ رجي وڃڻ کان رھجي ويون ھيون اڄ به انھن کي لڳ ڀڳ ايئن ئي رکيو آھي جيئن اھي تباھيءَ بعد ھيا . ھيروشيما جا بزرگ رھاڪو ٻڌائيندا آھن ته بم ڪرڻ سان ئي سيٽيءَ نما ايترو ته تيز آواز گونجيو جو ماڻھن جي ڪنن جا پڙدا ڦاٽي پيا ۽ ان شھر جا ماڻھو ڏسندي ئي ڏسندي سڙي ڪوئلو ٿي ويا، انھن جي جسمن تان گوشت اڏامي ويو رڳو ھڏاوان پڃرا وڃي بچيا ، ھڪ ھڏائون پڃرو ڪنھن ٻارڙيءَ جو به ھيو جيڪا لوھي تارن جي ريلنگ پڪڙي ٻارڙن جي راند ڏسي رھي ھئي ته اتي ئي سڙي وئي ۽ ھن جو پڃرو اوئين ئي لوھي تارن کي پڪڙيل رھجي ويو . چوندا آھن ته ائٽمي بم جي ڪرڻ سان تباھي ايتري ته تيزيءَ سان ڦھلجي ٿي جو ڪنھن انسان يا جانور کي پنھنجي گوشت جي سَڙڻ ۽ ھڏن تان رجي اڏامي وڃڻ جي خبر ئي ڪانه پوندي آھي ڇوته جيسيتائين سُور جو اطلاع ذھن تائين پھچي ۽ جسم ان سُور جي اذيت محسوس ڪري،  ان کان اڳ ۾ ئي سڀ ڪجھ ختم ٿي چڪو ھوندو آھي. اڄ ڪلھ يوم تڪبير تي ائٽم بم جا حامي بم جي حمايت ۾ ايترو ته اڳتي ھليا ويندا  آھن جو اھي ڄاڻن ئي ڪونه ٿا ته ان بم جي مالڪي،ان جي حفاظت ۽ ان جي ڪنھن به غلط ھٿن ۾ پھچڻ جي پاڪستاني قوم ڪيڏي نه خوفناڪ قيمت چڪائي رھي آھي، اسان واقعي به ھاڻ گاھ کائڻ جي حالتن ۾ پھچي ويا آھيون پر ھاڻ اھو گاھ به ايترو ته مھانگو ٿي ويو آھي جو منھنجي گھر جي ڇيلي جنھنکي منھنجي گھرواريءَ پيار مان پالڻ شروع ڪيو ھو ھاڻ ان کي به اسان جيان ٽن بجاءِ رڳو ھڪ ويلو ئي گاھ ملي پيو.