شڪارپور شھرَ جي ڇا ڳالھ ڪجي ! .. جنھن شھر جا فقير به پنندا آھن ته اھڙي سُر ۾ شاھ لطيف جا بيت جھونگاريندا آھن جو دل چوندي آھي پورو ٻٽون الٽائي خالي ڪري انھن کي دان ڪري ڇڏجي … مان شڪارپور سان عشق ڪندو آھيان، ان جو سبب منھنجي اھا ٽن مھينن واري ريلوائي نوڪري ھئي جا مون شڪارپور اسٽيشن جي بوڪنگ آفيس ۾ ڪئي ھئي، ان وقت منھنجي عمر ڪا چوويھ يا پنجويھ سال ھوندي، چاچا دائود ٻرڙو بوڪنگ آفيس جو چيف ھوندو ھيو ۽ مون کي پنھنجي ٻچن جيان ڀائيندو ھو، ان ڪري ڊيوٽيءَ ۾ ايتري سختي ڪونه ھوندي ھئي، فارغ وقتن ۾ انڊس ھوٽل لکي درَ تي وڃي ويھبو ھو ته جھٽَ گھڙيءَ ۾ ارشاد شيخ المعروف آدرش به ڪنڊ جي ميزَ سنڀالي ويھندو ھو.. ذاتي حوالي سان مون آدرش کي ڪڏھن به پسند نه ڪيو، ان جو سبب ھن جو سنڌي صديءَ جي مھان شاعر شيخ اياز کي چور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ھئي، جنھن ۾ ھن کي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ يا تاجل بيوسَ شعوري طور تي استعمال ڪيو ۽ شيخ اياز سان پنھنجي ياري بچائيندي اھو دُھل آدرش جي ڳچيءَ ۾ وڌو، آدرشَ کي ٻيو ڇا کپندو ھو، ھن ھڪ عجيب ڪھاڻي جوڙي ان سڄي سٽاءَ کي جيسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪيئن ھن پرڏيھ جي ملڪن جا سفر ڪيا ۽ اتان جي شاعرن کان اھي نظم حاصل ڪيا، جيڪي شيخ اياز چوري ڪري پنھنجي نالي سان ڇپرايا… عبرت مئگزين جو پورو شاھي سائيز جو صفحو شيخ اياز کي چور ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ڇاپيو ويو، جنھن بعد شيخ اياز کي پسند نه ڪندڙ وڏن وڏن نالن آدرش جي پٺي ٺپري مگر ھن پنھنجي ئي شھر جي ديوتا کي بدنام ڪيو.. ان مضمون جي ڏھاڪو سال بعد جڏھن مان، وسيم سومرو، رکيل مورائي ۽ امر اقبال پرنس ڪامپليڪس ڪراچيءَ ۾ سنڌي صديءَ جي سڀ کان وڏي ھستيءَ جي سامھون ويٺا ھئاسين ته آدرش جي حوالي سان شيخ اياز جا لفظ ھئا ..“ اھو وڇون آھي، جڏھن به موقعو ملندو اٿس ڏنگ ھڻي وٺندو آھي، مگر پھاڙ جي پاڙ ۾ ويٺل ان وڇونءَ کي اھا خبر ناھي ته پھاڙ کي ڪجھ به ناھي ٿيندو (۽ اڻ دُکيل سگريٽ جو سُوٽو ھڻي مون کان پڇيائين .. تون سکر جو آھين، ادل ۽ اياز سان ملندو آھين ..سکر سدائين منھنجي دل ۾ وسندو آھي).
شڪارپور حسام، سجاد مھر، وحيد محسن ۽ زبير جونئير ۽ سينيئر جو شھر آھي ۽ جن سان ملي واقعي لڳندو آھي ته دوستي ۽ پنھنجائپ ڇا ٿيندي آھي، سائين ضياءَ شاھ، آغا پير محمد ڪئلاش، سائين بيدل مسرور ۽ پياري سنگتي استاد غفور سومري سان ملي ھن پراچين سڀيتائن واري شھر سان پيار ٿي ويندو آھي…
ھن مھل مان جڏھن پنھنجي سامھون ليپ ٽاپ جي ڀڪ ۾ رکيل حاڪم گل جو تازو آيل خاڪن جي ڪتاب “آرسيءَ آڏو” کڻي کوليان ٿو ته ائين لڳي ٿو مون اوچتو ڀُل ۾ پنھنجي ٻوساٽيل ڪمري جي ڏکڻ طرف واري دريءَ کولي وڌي آھي، تازي، ٿڌي ۽ نرم جھوٽي جھڙي ھوا جھڙي ھن خاڪن جي ڪتاب ۾ دوستن جون لڳ ڀڳ سموريون ڪھاڻيون لکيل آھن جيڪي اسان انھن متعلق آف دي ريڪارڊ ٻڌيون ھيون سين. سائين بيدل مسرور ھن مھل جڏھن پنھنجي جيون جي مڪمل واندڪائيءَ واري دئور مان گذري رھيو آھي ته ھن پنھنجي شھر ۽ ان جي ڪردارن کي وقت ڏيڻ شروع ڪيو آھي، جيڪو قدم ھر طرح سان واکاڻڻ جي لائق آھي، پنھنجي مھاڳ جي مُنڍ ۾ ئي سائين بيدل مسرور لکي ٿو.. “خاڪا ته پُراڻين ڀتين جي لٿل چاپُڙن ۾ به نظر ايندا آھن.. ته بادلن ۾ به … صفا عجب جھڙا، ھڪ پل ۾ انساني شڪل ۾ ته ٻئي پلَ ۾ جانورن جي صورت ۾ .. اصل ۾ اھي زندگيءَ جي بي ثباتيءَ جون علامتون آھن .. پر اھو علم ادب ئي آھي جيڪو زندگيءَ جي پرانھن پنڌن تائين پنھنجا اڻ مِٽ نقشَ اُڪيريندو ٿو ھلي… (واھ بيدل سائين ).
پھريون خاڪو يا پورٽريٽ جيڪو اسان جي حاڪم گلَ لکيو آھي، اھو ھڪ اھڙي نابغه ءِ روزگار ھستيءَ تي لکيو آھي جيڪو مون کي سدائين انسپائر ڪندو آھي، جيڪڏھن دھليءَ کي خوشونت سنگھ جھڙو مھا رائٽر مليل آھي ته ان ئي پدَ جو شڪارپور ۾ سائين ضيا شاھ موجود آھي، ھن سِکَ ته دھليءَ جھڙو ناول لکي پنھنجي شھر کي صدين تائين ادبَ ۾ امر ڪري ڇڏيو آھي مگر مان سدائين سائين ضياءَ شاھ وٽان اھڙي ڪنھن ماسٽر پيس جي توقع ڪندو ايندو آھيان، جنھن ۾ ھو پنھنجي شڪارپور لاءِ اھڙو ڪو ناول لکي پنھنجي شھر جي حسن جو حق ادا ڪري.. مرحوم شيخ اياز ۽ آغا سليم بعد مان ڀايان ڪنھن به شڪارپور کي ان نظر سان نه ڏٺو آھي، جنھن سان ان کي ڏسڻ گھرجي ٿو..
حاڪم گل مھر جي خاڪن جي ھڪ ڳالھ مون کي بيحد وڻي آھي، اُھا اِھا ته، ھن جنھن به ھستيءَ تي لکيو آھي، ان تي ڏاڪڻ ٻڌي ڪري لکيو آھي .. ۽ اھڙو ڪجھ به لکي ورتو آھي ، اھو جيڪڏھن اسان ھتي سکر ۾ ڪنھن عظيم ھستيءَ تي لکون ته مھينن تائين ته ان وٽان چانھ پيئڻ جو آسرو به ختم ٿيو وڃي … پر شڪارپور جي مٽي جيڏي زرخيز آھي ، اوتري مس چٽي يا آب چٽي به آھي، بارش جيان ھر شئي جذب ٿي وڃي ٿي ، موٽ ۾ رھجي وڃي ٿي ، بارش پڄاڻان ھڪ وائلڊ ۽ تيز موھيندڙ مٽيءَ جي مھڪ کوڙ جا وقت تائين مَن کي مھڪائيندي رھي ٿي.. حاڪم گل جي رچيل اھڙي انٽيميسي مون کي سنڌ جي ٻين کوڙ ساترن ليکڪن ۾ گھٽ نظر آئي آھي ..
سائين ھارون چنو شڪارپور جي حدن ۾ ته جنميو آھي پر ھن جي فنَ جو ڪئنواس شڪارپور جي حدن کان گهڻو وڌيڪ ڦھلاءُ رکي ٿو، ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ھڪ ننڍڙي گھر جي ھڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ويھي ھن جيڪي اسٽروڪس پنھنجي پينٽنگس ۾ رچيا آھن انھن چڪَ شھر کان ٻاھر نڪري ڪري سنڌ جي ڪردارن ۽ منظرن کي نيشانبر ڪيو آھي. مان ذاتي طور تي سائين ھارون چني جي شخصيت کي آرٽسٽ سنڌ جي ھڪ وڏي ھستي مڃيندو آھيان ، جنھن کي جيتري مڃتا ملڻ کپندي ھئي، اھا ڪونه ملي آھي پر حاڪم گل جو لکيل پروفائل پڙھي مون کي لڳو حاڪم اسان جي سائين ھارون چني جي شخصيت جي کوڙ ساترن تھن جو سٺو مطالعو ڪيو آھي ۽ پروفائل لکڻ جو صحيح معني ۾ حق ادا ڪيو آھي..
استاد راھيءَ تي لکيل مختصر خاڪو به پنھنجي انداز جي ھڪ سھڻي ڀيٽا آھي، استاد راھي تي لکڻ لاءَ ھن کي ھڪ جاءِ تي بيھارڻو پوندو ۽ استاد راھي پاري جيان ڪٿي به بيھي رھڻ واري عادت ۾ مبتلا ئي ناھي، سدائين سفر ۾… سدائين نشان تي جو صحيح روپ اگرڪو آھي ته اھو استاد راھي آھي..
شريف شاد تي لکيل خاڪو حالانڪه ايترو منفرد ناھي، جيترو ٻين تي لکيل خاڪا آھن شايد اھا پرسنل اٽيچمينٽ به ھوندي آھي جا گھرو گھرو لکائي ويندي آھي … شريف شاد جڏھن اڃان ماستر ھيو ۽ ڊاڪٽر نه ٿيو ھو ته ھن سان ڪٿي نه ڪٿي پنھنجي ملاقات ٿي ويندي ھئي، منھنجي سکر جي پياري دوست ۽ شاعر اسد عباسيءَ سان شريف جي گاڏي ڏاڍو ڇڪبي ھئي، ھُو ھڪ ٻئي ته لفظي حملا ڪرڻ جو ڪوبه موقعو ھٿان نه وڃائيندا ھيا، کوڙين سال ٿيا اسان ٽيئي ڪنھن پروگرام ۾ گڏ ٿيا ھياسين ته شريف شادَ اسد عباسيءَ جي سيپڪڙي ۽ سنھڙي بدن ڏي اشارو ڪري چيو ته .. ھن کي توھان اسد (شينھن) چئو ٿا … ان تي اسد ٺھ پھ وراڻيو ته “ھي “شريف” آھي! ، ڪٿان آھي! ۽ ڪيئن آھي!، مون کي سمجھايو ته سھي”.. اسان ڏھن منٽن تائين پيٽ کي ھٿَ ڏئي ڏاڍو کلندا رھيا ھئاسين.
سجاد مھر شڪارپور جو اھو شاعر آھي، جنھن ٿوري ئي عرصي ۾ پنھنجي انداز سان غزل رچڻ ۾ ڪماليت حاصل ڪئي آھي، سجادَ جا غزل ڄڻ شڪارپور جي ڪنھن ڳوٺ جي مزدور واتان چيل جملا آھن جيڪي سجاد فنائتي نموني پنھنجي غزلن ۾ استعمال ڪندي نظرجندو آھي، ننڍڙي بحر تي لکڻ ۾ سجاد کي ڪمال حاصل آھي ۽ مان جڏھن به شاعرن جي روايتي تُڪبند شاعريءَ مان بيزار ٿي پوندو آھيان ته سجاد جو شعري ڪتاب کولي پڙھڻ لڳندو آھيان ۽ شاعريءَ جي ارينا ۾ ڪاميابيءَ سان واپس وري پوندو آھيان. سجاد سيلاني وري اھڙو جو رڳو چانھ پيئڻ جي لاءِ خيرپور ايندو ۽ امراقبال کي چانھ جي ٻڙڪي ڏئي وري نوابشاھ ۾ فياض چنڊ ۽ وسيم سومري وٽ رات جي ماني کائيندي نظر ايندو آھي. اھڙو سيلاني ته ابنِ بطوطه به ڪونه ھيو. اھا خبر مون کي ھن ڪتاب مان پئي ته اسان جي يار سجاد مھر جي عمر ھاڻي سٺ جي ويجھو پھتي آھي مگر مان ان ڪري به ان ڳالھ جو اعتبار نه ٿو ڪري سگھان جو لڳندو آھي ته سجاد کي جواني ملي ئي ھاڻي آھي يعني اسان جو سجاد جوانيءَ جي مُھڙ ۾ ئي نوڪريءَ تان ريٽائر ٿي ويندو.. اھا ڪمال جي ڳالھ آھي.
مون کي حاڪم گل جو حسام ميمڻ تي لکيل خاڪو الائي ڇو بيحد محدود محسوس ٿيو.. حسام منھنجي نظر ۾ ھن مھل شڪارپور جو اڪيلو اھو ليکڪ ۽ بلاگر يا وِلاگر آھي جنھن جو فوڪس سدائين ھن جو پنھنجو شھر شڪارپور رھيو آھي، مون کي ياد آھي، مرحوم آغا سليم سان جڏھن ڪلفٽن جي ھڪ فليٽ ۾ ملاقات لاءِ ويا ھياسين ته ھن شڪارپور کي پنھنجي زندگيءَ جي ناسٽلجيا قرار ڏنو ھو، ھن جو چوڻ ھو ته منھنجي شھر جا گڏھ به جڏھن ھِينگندا ھيا ته سُريلا لڳندا ھيا.. ھاڻي اھو شھر ناھي رھيو .. شڪارپور پوريءَ طرح پنھنجي ماضيءَ جي اووج کان ڪٽجي ويو آھي .. ھاڻي رڳو ماڻھن جا انبوھ آھن .. باقي شھر ڪٿي به ڪونه نظرجندو آھي… حسام ميمڻ کي مان شيخ اياز کان پوءِ ھن شھر جو ادبي معجزو چوندو آھيان .. مون کي لڳندو آھي حسام اڃان پنھنجو جوھر لکڻ شروع ئي نه ڪيو آھي.. جڏھن ھي پنھنجي شھر ۽ پنھنجي شھر جي ليگسيءَ تي لکڻ شروع ڪندو ته خبر ناھي ڪيترا ٻيلا ٻاري ڇڏيندو .
حاڪم گل مھر کي مان دل سان ائپلاڊ ڏيڻ چاھيان ٿو جنھن ھن ڪتاب جي صورت ۾ ھڪ اھڙي دري اسان آڏو کولي آھي جتان اسان انھن سڀن ڪردارن کي پنھنجي مستيءَ ۽ مئوج ۾ گھمندي ڦرندي ڏسي رھيا آھيون جيڪي نه ڄاڻ ڪڏھن اوچتو ئي اوچتو نظرن اڳيان کان اوجھل ٿي وڃن ۽ انھن کي پنھنجي پنھنجي گھٽين ۾ گھمندي نه پَسي دل ڪيڏي نه اداس ٿي ويندي … حاڪم گل جو ھي ڪتاب پنھنجي حوالي سان ھڪ دستاويز ته آھي ئي آھي پر منھنجي نظر ۾ اھو اڃان اڻ مڪمل به آھي .. شڪارپور تي … جيئن مان اڳ ۾ لکي آيو آھيان خوشونت سنگھ جي دھليءَ جھڙو ناول لکجڻو آھي … جنھن ۾ شڪارپور جي ماضيءَ ۽ حال کي ان جو ليکڪ گڏ گڏ کڻي ھلندو ۽ اسان جھڙا ڪتابن جا مسافر انھيءَ ڪتاب جي پني پني تي ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي رولاڪيون ڪنداسين ۽ ريلوي اسٽيشن کان وٺي لکي در تائين محبوب نظارن جا داستانَ منظر ڪندي انجواءِ ڪنداسين.