ھڪ جپسي ڪالم … ڪھڪشائن وچان سفر- سِبي

0
225
ھڪ جپسي ڪالم ... ڪھڪشائن وچان سفر- سِبي

 رستو جيڪڏھن حسين ھجي ته اھو صفا به نه سوچجي ته ڪٿي رسائيندو. (ھڪ چوڻي)

  مون کي ٽن راتين کان ننڊ ڪانه اچي رھي ھئي، اڌ رات جو منھنجي آئِي مون کان بلوچيءَ ۾ پڇي رھي ھئي، “حبلي، ننڊ ڇو ڪونه ٿو ڪرين؟” ۽ مان مُرڪي پاسو ورائي وري ننڊ ڪرڻ جا جتن ڪندو رھيو ھئس. مھيني جون 1984ع جون اھي ٽي راتيون مان واقعي ننڊ کان پري رھيو ھئس، بس ھڪ عجيب انتظار ھو، جيڪو اک کي ٻوٽڻ ڏي ئي ڪونه پيو. اصل ۾ اسان ھاءِ اسڪول پريالوءِ جا مئٽرڪ وارا شاگردَ ڪوئيٽا جي ٽوئر تي وڃي رھيا ھئاسين ۽ زندگيءَ جي ان پھرين ٽرين سفرَ جو سوچي مون کي ننڊ ڪانه اچي رھي ھئي. ماڻھو انتظارَ ۾ ڏينھن گذاريندا آھن پر مان انتظارَ ۾ منٽَ گذاري رھيو ھئس. مان اڄ جڏھن 54 سالن جو ٿي ويو آھيان پر انتطارَ واري اھا نمڪين لذت ۽ وقت نه گذرڻ واري اھا عجيب مِٺي پيڙا وري زندگيءَ ۾ ائين ڪڏھن محسوس ڪانه ٿي آھي. مستقبل جي ڪاتبَ جي ھٿ ۾ منھنجي لاءِ اھا حيرت به لکيل ھئي ته جنھن ٽرين جي سفرَ جي سُرور ۾ مون کي ٽن راتين کان ننڊ ڪانه اچي رھي ھئي، ڇھن سالن پڄاڻان مون کي نوڪري به ان ئي ريلوائي محڪمي ۾ ملڻي ھئي. خدا خدا ڪري آخر اھو ڏينھن اچي ويو ۽ منھنجي آئيءَ مون لاءِ چار مِٺا روٽَ پچايا ۽ منھنجي بُجڪيءَ ۾ وجھي ڇڏيا (اڃان اسان ٻروچن وٽ ڊگھي سفر لاءِ بئگ وغيره جو رواج ڪونه پيو ھو). منھنجي آئيءَ مون کي ڀاڪر پائي الوداع ڪيو، بابا مون کي روھڙي ريلوي اسٽيشن تي وٺي آيو ۽ استاد نياز محمد بلوچ جي حوالي ڪري ڳوٺ واپس ھليو ويو. ان مھل شام جا ستَ ٿي رھيا ھئا ۽ اسان کي سنڌ ايڪسپريس ۾ ڪوئيٽا جي ھڪ بوگيءَ ۾ ويھاريو ويو. ڪراچيءَ کان ٽرين اچڻ تي اسٽيشن تي ايتري ته رش ٿي وئي ھئي، جو اسان لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ھلڻ محال بڻجي ويو ھو. اسان سڀني ڪلاسين کي سيٽن تي ويھاريو ويو، اھي سيٽون ڪاٺ جون ۽ ڏاڍيون سخت ھيون، مٿان رڳي ھڪ برٿ ھوندي ھئي (ھاڻ چار برٿون ھونديون آھن ۽ ڪلاس به ايڪانامي ٿي ويو آھي) جنھن تي ھڪ ماڻھو ننڊ ڪندو ھو ۽ ھيٺيان چار پنج مسافر ھڪ ٻئي جي مٿان آھلي ننڊ به ڪندا ھئا ته سفر به ڪٽيندا ھئا. مان ۽ احمد مغل (اسان جي ھاڻوڪي سنڌ جو مشھور راڳي ۽ قومي راڳي مرحوم سرمد سنڌيءَ جو ڀاءُ) ان جي ڀڪَ ۾ مخدوم زين (جيڪو ھن مھل پي ايس او ۾ آفيسر آھي)، ان سان لڳو لڳ ھيبت اللھ ميمڻ (جيڪو ھن مھل دبئيءَ ۾ اسٽيٽ ڊاڪٽر آھي) ۽ آخر ۾ گل حسن ڦلپوٽو (جيڪو پريالي ۾ پرائمري ماستر آھي)، منھنجي سامھون واري سيٽ تي وسيم آرائين (جيڪو ڪرنل جي عھدي تان رٽائر ٿي ھاڻ پنڊيءَ ۾ ڪوئي آرمي ڪاليج ھلائي رھيو آھي)، ان جي ڀڪَ ۾ منھنجو ڳوٺائي ۽ اڄ ڪلھ پريالوءِ ۾ رھندڙ مولانا عبدلمجيد بلوچ، ان سان گڏ يوسف بلوچ (جيڪو اسٽيٽ لائيف مان آفيسر رينڪ طور رٽائر ٿيو آھي) ۽ ان جي ڀڪَ ۾ سائين صفدر شاھ، جيڪو ھن مھل بلوچستانَ ۾ ھاءِ ويز ٺاھڻ واري کاتي ۾ انجنيئر آھي (جوانيءَ ۾جاپان ويو ته اتان ھڪ جاپاني گُڏيءَ کي به شادي ڪري وٺي آيو). مان ڀايان رات جا ڪي نوَ ٿيا ھئا، جو ٽرين روھڙي اسٽيشن کي ڇڏڻ لڳي، ھوريان ھوريان ٽرين، ٻن پھاڙن کي ڪاٽي ٺاھيل رستي تان لنگھي ايوب بِرج جي لوھي آرڪ ٽائپ پلَ ۾ داخل ٿي وئي. لوھي رسن سان ٻڌل اھا ٽنگيل پل آسٽريليا جي ھڪ ٻيٽ تي ٺاھيل پل جي ڪاپيءَ طور ٺاھي وئي ھئي. پل جي کاٻي پاسي سَتين جو آستان ۽ ٿورڙو اڳيان ساڌو ٻيلي جون سانتيڪيون بتيون جھلملائي رھيون ھيون. اھڙو سھڻو منظر، جيڪو منھنجي اڻ تجربيڪار نگاھن ان مھل جھٽيو ھو، اھو اڄ به منھنجي ذھن جي توشه خاني ۾ ڪنھن تحفي جيان محفوظ ٿيل آھي. سکر اسٽيشن رڳو پندرنھن منٽن بعد اچي وئي. ھوُ بھو اھا اسٽيشن جيڪا 15 سالَ بعد مون جڏھن گلزار صاحب جي شاھڪار فلم “اجازت” ڏٺي ته منھنجي ذھن تي تري آئي ھئي. ڄڻ سموري فلم سکر اسٽيشن جي اردگرد ئي ڀري وئي ھجي. ان بعد مون کي ننڊ جو جھوٽو اچي ويو ۽ مان احمد مغل جي ڪلھي کي ٽيڪ ڏئي جو سُتس ته ھڪ اھڙي ھلڪي شور تي جاڳي پيس، ڄڻ اسان جي ٽرين ھوريان ھوريان پٽڙيون بدلائي بيھڻ جو ارادو ڪري رھي ھجي. اوجاڳيل پاڙيسرين کان خبر پئي ته سبيءَ جي اسٽيشن تي پھچڻ وارا آھيون. سبيءَ جي اسٽيشن پھاڙن جي وچ ۾ ھڪ سھڻي انگلش طرز تي ٺھيل اسٽيشن ھئي، مون کي ھاڻ به ياد آھي ته ان اسٽيشن تي جڏھن اسان پاڻي پيتو ھو ته اھو ايترو ته مِٺو ۽ ٿڌو ھو، جو اصل مزو اچي ويو. مقامي قُلين اسان کي ٻڌايو ته اھو پاڻي پھاڙن تان چشمن جي صورت ۾ سبيءَ تائين اچي ٿو. ھن مھل جڏھن مون کي سِبي ڏٺي لڳ ڀڳ 40 سال ٿي ويا آھن پر سِبيءَ جي گرمي اڄ به مون کي ياد آھي، ڄڻ ڪنھن اسان کي ٻرندڙ تنورَ ۾ وجھي ڇڏيو ھجي. اھو مھينو جون جو ھو ۽ جون مھيني ۾ ڪوئيٽا گھمڻ جو ڪھڙو راز آھي، اھو اسان تي تڏھن کليو، جڏھن اسان ڪوئيٽا پھتا ھئاسين. خير، سر نياز محمد ٻڌايو ته سِبي ستين صديءَ ۾ “سيوا” خاندان جو شھر رھيو آھي، جنھن جي ڪري مقامي ماڻھو سِبيءَ کي اڄ به “سيوي” ڪري سڏيندا آھن. تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر ملتان جي غوري حاڪم نصير الدين قباچه جي سلطنت جو حصو رھيو آھي. 15هين صديءَ ۾ ھن شھر تي افغانين ۽ قنڌار شھر جي ارغونن قبضو ڪيو ۽ انھن شھر تان سنڌ جي سما حاڪمن جي حڪومت ختم ڪئي پر مغلن ھي شھر وري واپس سنڌ جي سمن کي موٽائي ڏنو. 18هين صديءَ ۾ شروعات ۾ سِبي شھر تي سنڌ جي ڪلھوڙا خاندان جي حڪومت رھي ۽ اھي نادر شاھ جا ڏنَ ڀَرو رھيا، جنھن 1737ع ۾ سبيءَ کي ان ڏنَ عيوض ڪلھوڙن حوالي ڪيو ھو. 1747ع ۾ دراني پٺاڻن سِبيءَ تي قبضو ڪيو ۽ پنھنجي بروزئي قبيلي جي سردارن کي ان شھر جو حاڪم مقرر ڪيو. سِبي 1880ع ۾ برطانيا جي قبضي ۾ آيو ۽ انھن سِبيءَ کي ريلوي سان ڳنڍي ان کي ھرنائي ۽ ڪوئيٽا لوپ ريلوي لائين جو درجو ڏنو. ورھاڱي پڄاڻان ھي شھر پاڪستان جي حصي ۾ آيو. سِبيءَ ۾ ھر سال جانورن جو ميلو لڳندو آھي، جنھن ۾ ايئن لڳندو آھي ڄڻ سِبي جو شھر ڪَرَ موڙي ننڊ مان جاڳي پيو ھجي ۽ ميلي ۾ پنھنجي ھجڻ جي مختلف ثابتي ڏيندو آھي. پنجاب جون کوڙ ساريون سرڪس منڊليون ۽ انھن جا ڪن ڦاڙ لائوڊ اسپيڪر شھر جي خاموشيءَ کي چيريندا رھندا آھن. جون مھيني جي جنھن صبح جو اسان سِبيءَ پھتا ھئاسين، ان صبح ئي ايڏي ته گرمي ھئي، ڄڻ اسان جو گوشت ھوريان ھوريان ھڏن تان ڳرڻ لڳي پوندو. تڏھن مون کي ياد آيو مرحوم طارق عزيز پي ٽي وي تان جڏھن نيلام گھر ڪندو ھو ته ھن ھڪ سوال اھو به ڪيو ھو ته اھو ڪھڙو شھر آھي، جيڪو پوري دنيا ۾ پنھنجي گرميءَ جي ڪري سرفھرست آھي؟ ته ڪنھن نوجوان فورن جواب ڏنو ھو “سِبي”. سِبيءَ ۾ گھڻي کان گھڻو گرمي پد جون مھيني ۾ رڪارڊ ڪيو ويندو آھي، جيڪو تقريبن 54 سينٽي گريڊ بيھي ٿو، جڏھن ته پاڻي به 100 ڊگريءَ تي ٻاڦ بڻجي اڏامڻ لڳندو آھي. جڏھن ٽرين لڳ ڀڳ ڏھين وڳي سِبيءَ کي ڇڏي ھلي ھئي ته اسان سڀني کُتابين جا جسمَ پگھرَ ۾ شل ٿي چڪا ھئا. (جاري).