ھڪ جپسي ڪالم … ڪٿا.. امير سنڌ جي غريب ماڻھن جي

0
66
پاڪ-ريل-ھڪ-اسٽڊي-۽-ھڪ-تاريخ

جي مان خواب ھجان

پلَ سڀئي ترسان،

تنھنجي نيڻن ۾  (ادل سومرو)

 منھنجي خوشنصيبي ته سکر جي ماڪا ڳوٺ ۾ جتي منھنجو گھر آھي، ان جي بلڪل ڀِڪَ ۾سائين اسماعيل ماڪو رھندا آھن ۽ لڳولڳ سائين امان اللھ ماڪو جو گھر ۽ ھن جو پيار، پورھيو يعني قرآن ميوزيم (الفرقان قرآن ريسرچ  سينٽراينڊ ميوزيم) به موجود آھن ان ڪري جاگرافيائي حوالي سان منھنجو گھر ھڪ شاھوڪار جاءِ تي آھي، ھرھفتي ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان سائين اسماعيل ماڪو سان ملاقات ۽ حال حوال ٿي ويندا آھن. سائين اسماعيل ماڪي ۾ ڳڻڻ جھڙيون کوڙين بلڪه ھزارين خوبيون آھن جن تي تفصيل سان 100 کن صفحا لکي سگھجن ٿا پر سائين جي ھڪ ڪمال عادت اھا  آھي ته جڏھن ھالا نگريءَ ۾ لطيف سائين جو عرس منعقد ٿيندو آھي، ته ٺيڪ انھيءَ ڏينھن تي سائين اسماعيل (ھر سال) لطيف سائينءَ جو ڏھاڙو بيحد اھتمام ۽ عقيدت سان ملھائيندا آھن، 11 سيپٽمبر تي جڏھن سائين اسماعيل ماڪو اھو ڏينھن ملھايو ته ان ۾ ھميشه جيان مون کي به دعوت ڏني . مان مسرور مسرورجڏھن سائين وٽ پھتس ته دل خوشيءَ وچان غني ٿي وئي جو مون کان اڳ ئي اتي سائين ادل سومرو، سائين ستار پيرزادو ۽ پيارڙو شيخ ارشاد موجود ھيا. پوءِ ته ڄڻ وقت کي پرَ لڳي ويا ، جام سارو وقت ادبَ، شاعريءَ ۽ سفرَ، ڪھاڻين جي تارَ سنڌودرياءَ ۾ تڙڳندا رھياسين. سائين ادلَ پنھنجي نئين نڪور شاعري ٻڌائي ۽ واھه واھه ڪرائي ڇڏي. سائين سنڌ جي ٻوڏ سٽيل حالتن تي پنھنجا ٽي سٽا ٻڌائي سڄي ماحول کي سانت جي چادر ۾ لپيٽي ڇڏيو، سنڌ جي انھيءَ انساني الميي تي جيترو ڀرپور سائين ادلَ لکيو آھي اھو ڏاڍو اداس ڪندڙ ۽ ھانءُ جھوريندڙ ھيو. تقريبن ٻين وڳي کن سائين اسماعيل ماڪي اسان کي ٻڌايو ته لطيف سائين جي ياد ۾ پچايل سموريون ديڳيون سکرَ جي چئني پاسي ويٺل ٻوڏ ستايل ڪٽنبن ۾ ورھائڻيون آھن. ان ڪم جي حوالي سان ھڪ گاڏي اڳ ۾ ئي تيار ڪئي وئي ھئي. اسان سڀ سائين ادلَ جي سربراھيءَ ۾ ماڪا ڳوٺ کان نڪتاسين ۽  آباد لاکا پل کان شروعات ڪئي. روڊ ڪناري سان خيمن ۾ويٺل ھزارين خاندانَ جھڙين حالتن ۾ ويٺل ھئا اھو ھڪ ھانءُ جھوريندڙ انساني الميو ھو. خيمن ۾ سواءِ ھڪ ٻن کٽن ۽ ڪجھه ٿانون جي ٻيو رڳو الله جو نالو ھو.امير ترين سنڌ حڪومت جو غريب ترين  عوام اڄ جھڙين حالتن ۾ روڊ ڪناري ويھي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي سوالي  نگاھن سان تڪي رھيو آھي اھو ڏسڻ وڏي دل گردي جي ڪم آھي. آباد لاکا پل ڪناري ويٺل خاندان ھڪ ھڪ ڪري سائين ادلَ جي نگرانيءَ ۾ ٿيلھيون وٺندا ويا ۽ گاڏي ھوريان ھوريان اڳتي سُرندي ھلندي وئي. سائين ايازگل جي پاڙي تائين نيازَ جي گاڏي خالي ٿي وئي ۽ ٻي ٽرپ (چڪر) لاءِ گاڏي ڀرڻ اسان وري پنھنجي محلي ۾ موٽي آياسين.

ھن مھلَ شامَ جومان جڏھن پنھنجي ڪمري ۾ ويھي خيمن ۾ ويٺل امير سنڌ جي انھن تمام غريب ۽ روڊ ڪناري ويٺل خاندانن لاءِ سوچي رھيو آھيان ته اکيون ور ور ڪري ڀرجي رھيون آھن. اسان جو ڇا ڇا ته  روڊ ڪناري اوپن ۽ عام نظرن جي پھچ ۾ ويٺل نظري رھيو آھي، پردي دار سنڌي عورتون خيرات وارين گاڏين کي ڏسندي ئي، رئي پوتيءَ جو اوڙھڻ وساري خيرات وارين گاڏين کي ورائي ويون ھيون ۽ خيرات وٺڻ بعد کين احساس ٿي رھيو ھو ته ھو بي پردي نڪري آيون آھن.

خير ۽ ڪيئر جي ان ڪم ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت اسان کي ڪٿي به نظر ڪونه آئي، الھه تلھه ڳوٺن ۾ پوئتي ڇڏي آيل انھن لٽيل پٽيل خاندانن جي سھائتا جيتري قدر سکر جو عوام ڪري رھيو آھي اھو ڏسي انھن کي دل جي گھراين سان سلام ڪرڻ لاءِ دل چوي ٿي. اسان جي گاڏيءَ جي اڳيان ۽ پوئتان کاڌي ۽ سامان سان ڀريل ڪيئي گاڏيون ٻوڏ سٽيل انھن خاندانن ۾ خيما، ضرورت جو سامان ، ڪپڙا ۽ کاڌو ورھائي رھيون ھيون يعني دان ڏيندڙ عوامي گاڏين جي ھڪ قطارَ ھوريان ھوريان اڳتي سُري رھي ھئي. ۽ اھو منظر مان شايد خوابَ ۾ به وساري نه سگھان.

مان ياد ڪيان ٿو. 24 آگسٽ تي جڏھن مان ھزاره ايڪسپريس ٽرين ڪراچيءَ کان روھڙيءَ تائين انچارج طور ورڪ ڪري رھيو ھيس ته نوابشاھه کان ٻانڌي اسٽيشن تائين ٽرين ٽائيٽينڪ جھاز جيان پاڻيءَ کي چيريندي اڳتي وڌي رھي ھئي ، چئني پاسي رڳو پاڻي، رڳي ڇرَ ئي ڇرَ.. ڄڻ پورو آسمان سمنڊ بڻجي سنڌ مٿان پلٽجي پيو ھو. ۽ سنڌ جو انچ انچ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ھو. اھا ٽرين آخري ٽرين ھئي ان بعد ان سيڪشن ۾ ٽرين سروس مڪمل طور تي معطل ٿي وئي،۽ ھنن سٽن لکڻ تائين ڪراچي ۽ ڪوئٽه ٽرين سروس کان ڪٽيل آھن. ٻه ڏينھن اڳ رڳو ھڪڙي ٽرين خيبر ميل روھڙيءَ کان پنجاب لاءِ شروع ڪئي وئي آھي جيڪا به بارشن ۾ برباد ٿيل سگنلنگ سسٽم جي ڪري 20 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ھلي رھي آھي يعني روھڙيءَ کان پنوعاقل به اگر ٽرين ذريعي وڃجي تھ ٻه ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا (ھونئن اھو فاصلو ٽرين 20 منٽن ۾ طئي ڪندي ھئي.)

آخر ۾ ويندي ويندي ھڪ يادگيري شيئر ڪيان ته آگسٽ مھيني ۾، جڏھن سکرَ ۾ زوردار بارشن جو اسپيل ھلي رھيو ھو. پنھنجي گھر جي ٽمندڙ ڇتِ لاءِ پلاسٽڪ جي شيٽ وٺڻ مان شاھي بازارويو ھيس. بازار ۾ پلاسٽڪ شيٽ وارن دوڪانن تي ايڏي ته رش ۽ پيھه ھئي جو مان پريشان ٿي ويس ۽ پنھنجي مھاجر سنڍوءَ کي فون ڪيم تھ شيٽ وٺي ڏيو .ھو آيو ۽ ھن کي پنھنجي واقف دوڪان دار کان جنھن قيمت تي شيٽ ملي اھا قيمت شيٽ جي اصل قيمت کان ڏھوڻ تي وڌيڪ ھئي ۽ ماڻھن جي رش ھئي جا پنھنجا گھر بچائڻ لاءِ ھر قيمت تي شيٽ وٺڻ لاءِ مجبور نظر اچي رھي ھئي. انھن دوڪانن جا مالڪ وڏين ڏاڙھين وارا حاجي ۽ الحاج آھن ۽ ھي انساني الميو انھن لاءِ ايڏو ته لاڀائتو ۽ منافعي بخش رھيو آھي جو مون کي پنھنجي سنڍوءَ ٻڌايو ته انھن دوڪانن جا گھڻا مالڪ ان اڻ ڳڻي ڪمائيءَ جي خوشيءَ ۾ سڳوري ملڪ سعوديءَ  عمرو ڪرڻ لاءِ وڃي رھيا آھن.