انگريزيءَ جي آئرش ليکڪا آئرس مردوڪ ڪيڏي نه ڀلي ڳالھ لکي آھي ته، “مون کي ڪو ليک ترجمو ڪرڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو آھي، ايئن لڳندو آھي ڄڻ ڪو ڳالھائڻ لاءِ پنھنجو وات کولي مگر آواز ڪنھن ٻئي جو اچي.” مان به اھڙي ئي ھڪ اچرج واري ڪيفيت ۾ وڪوڙجي ويس، جڏھن پنھنجي ڳوٺائي ليکڪ تاج سروھيءَ جو مسودو پڙھڻ ۽ لکڻ لاءِ مون وٽ ٽي سي ايس ٿي آيو.
هونئن منھنجو خيال آھي ته، نظم کي ترجمو ڪرڻ ڄڻ ته ھڪ نئون نظم تخليق ڪرڻ جھڙو مسرور ڪم آھي، جنھن ۾ جيڪڏهن اوھان جي آڏو اوھان جا پسنديده نظم جا شاعر ھجن ته اھو ترجمو ھٿ جي آڱرين سان گھٽ پر دل جي آڱرين سان وڌيڪ لکيو ويندو آھي، ھي مسودو جڏھن مون وٽ پھتو ته مان ھڪ ڏک واري ڪيفيت جو شڪار ٿيل ھيس، پر ھن ڪليڪشن جو پھريون نظم پڙھندي ئي، منھنجي دل ۽ بدن جي ڪيفيت ۽ موسم بدلجي وئي ۽ مان دنيا ڀر مان سيبتائيءَ سان ڪٺي ڪيل انھن نظمن جي دنيا ۾ گم ٿي ويس، انھن ترجمن جي خاص ڳالھ مون کي اھا لڳي ھئي ته اھي نظم تاج سائين پنھنجي دل ۾ ھنڊائي ۽ پوءِ ترجمو ڪيا آھن ۽ انھن ۾ اھو ئي رس چس موجود آھي، جيڪو رس چس تاج جي ادا ڪيل اوچتن جملن ۾ ھوندو آھي.
تاج پنھنجو ڪم ۽ پنھنجي سُڃاڻ اڳ ۾ خيرپور جي سطح تي ۽ ان پڄاڻان سنڌ سطح تي پنھنجي ترجمن وسيلي بڻائي ورتي آھي. فيس بوڪ تي تاج روز ڪونه ڪو ترجمو رکندو آھي، ايئن اسان سنڌ جي ڪنڊ ۾ ڪنھن کوھ جھڙي ھڪ گُھٽيل ماحول ۾ رھندي به تاج جي ڪري ٻاھر جي دنيا جي ڪنھن شعر يا نظم جو مزو وٺي سگھندا آھيون، جيئن ڪالھ تاج جي فيس بوڪ تي مشھور روسي شاعره اعنااخماتووا جو ھي نظم پڙھيم ته مزو اچي ويو:
ھڪ ڏينھن اسان سڀئي
ان مِٽيءَ ھيٺيان سُڪون سان سُمھي پونداسي
جنھن مٽيءَ مٿان اسان سڀني ھڪ ٻئي کي
ڪڏھن به آرام ڪرڻ جو موقعو ڪونه ڏنو.
مزي جي ڳالھ اھا آھي ته، منھنجي تاج سان ڪا به ڳڻڻ جھڙي ملاقات ڪانه ٿي سگھي آھي، ان جو گناھ مان پنھنجي سِرَ تي کڻڻ چاھيان ٿو، ڇوته منھنجو خيرپور ۾ لڳ ڀڳ ھر ھفتي اچڻ ٿيندو آھي، امر اقبال، ابراھيم کرل، روشنڙي ۽ گريٽ گريٽ ڊرامه آرٽسٽ فھيم ڀٽو سان کوڙ دفعا ملاقاتون ٿينديون آھن ۽ سکر واپسيءَ ۾ ذھن جي کرجين کوڙين ٽھڪن ۽ خوشين سان ڀري موٽندو آھيان. اھو به سچ آھي ته ھڪ مزاج ۽ ھڪ دلچسپيءَ وارا ماڻھو گھٽ گھٽ ملندا آھن ۽ جي ملندا به آھن ته ھڪجھڙي ذھني فريڪوئنسيءَ جي ڪري بيحد گھرا دوست به بڻجي ويندا آھن.
ھن مھل مان تاج سائينءَ جي ترجمي جو مسودو سامھون رکيو ويٺو آھيان ۽ پھرين پني تي جيڪو نظم پڙھي رھيو آھيان ان ۾ انساني نفسيات جي پيچيده ترين وارتائن کي بيحد سئولي نموني سان بيان ڪيو ويو آھي، ھن ڪليڪشن جو پھريون شاعر آمريڪا جو ڊوگلس مولوچ آھي، جيڪو 2 جولاءِ 1938 تي فوت ٿي ويو ھو، جنھن جي نظم جون ھِي سٽون دل کي ڇُھندڙ آھن:
“جيڪڏھن تون سج نه ٿو بڻجي سگھين ته ستارو بڻجي وڃ،
تنھنجي جيت ۽ شڪست جو تعلق تنھنجي جسماني بناوٽ سان نه آھي،
تون بھترين ٿي وڃ، جيڪو تون آھين به.”
ان بعد جيڪو نظم اچي ٿو، اھو اسان ۽ توھان جي بيحد پسنديده عربي شاعر نزار قبانيءَ جو آھي، جيڪو اصلن شام ملڪ جو رھواسي ھو، ھن جي شھرت ھن جي نظمن ۾ لڪل جذبن جي اٿاھ اُٿل ۽ سادگيءَ واري شاعر جي آھي، دمشق شھر ۾ 21 مارچ 1923ع تي پئدا ٿيل نزار توفيق قباني 75 سالن جي عمر ۾ لنڊن ۾ انتقال ڪري ويو، ھن ٻه شاديون ڪيون ھيون ۽ کيس ٽي پُٽ ۽ ھڪ ڌيءَ جو اولاد ھو. ھن جي جنھن نظم جو تاج ترجمو ڪيو آھي، اھو نزار قبانيءَ جو ھڪ شاھڪار نظم آھي، جنھن جون ڪجھ سِٽون آھن ته:
“مون ڪنھن کي به تنھنجي باري ۾ ڪجھ ڪونه ٻڌايو ھو،
الائي ڪيئن، انھن توکي منھنجي اکين ۾ ڳولھي ورتو ھو.
ڇوته، پيار جي خوشبوءَ کي ڪٿي به لڪائي نه ٿو سگھجي”.
ان پڄاڻان جيڪو نظم اکين اڳيان اچي ٿو، اھو جرمن ٻوليءَ جي تمام وڏي ليکڪ گوئٽي جو آھي، جنھن جي نظم جون ھِي ٻه سِٽون ڄڻ ته انساني تاريخ جون ٻه عظيم ترين سِٽون آھن.
“جنھن شخص به محبت ڏيڻ ۽ غلطي ڪرڻ ڇڏي ڏني آھي،
ان کي تيار رھڻ گھرجي،
پنھنجي تدفين جي لاءِ.”
ان کان پوءِ وارن صفحن تي دنيا ڀر مان چونڊيل کوڙ سارن شاعرن ۽ شاعرائن جا نظم ڦھليا پيا آھن، جن پنھنجي پنھنجي دئور ۾ نظم کي مان بخشيو ۽ ان کي ان اوج تي پھچايو، جنھن جي ڪري نظم جا شاعر وڏي مشڪل کان پوءِ دنيا جي نظر ۾ ھڪ سھڻي ۽ سيبتي جاءِ ٺاھڻ ۾ ڪامياب رھيا آھن. نظم جو سفر سنڌ ۾ ڪاميابيءَ سان جاري آھي، اڄ به سنڌ ۾ ڪامياب ۽ منفرد نظم لکجي رھيو آھي، جن جا نظم جيڪڏھن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿين ته اھي پوري دنيا ۾ پنھنجي نج پني ۽ ڪرافٽ جي حوالي سان ھڪ اهم جاءِ ٺاھي سگھن ٿا، ان جي لاءِ جيڪو ڪم سنڌ جي ادبي ادارن ۽ سنڌي ادبي سنگت کي ڪرڻ کپي ھا، اھو افسوس سان لکڻو پئجي رھيو آھي ته ڪونه ٿي رھيو آھي، ھاڻي ته لڳ ڀڳ ھر ضلعي ۾ آرٽ ڪائونسلون کُلي ويون آھن، انھن کي سنڌيءَ جي ھن وساريل صنف تي به ڪم ڪرڻ گھرجي، ورڪشاپ رچائڻ گُھرجن ۽ عام ماڻھن ۾ نظم لکڻ ۽ ان مان حظ وٺڻ جو موقعو فراھم ڪرڻ گھرجي.
شيخ اياز کان وٺي مصطفي ارباب، مصطفي نانگراج ۽ روشن شيخ تائين نظم جي شاعرن جي ھڪ دل لڀائيندڙ کير ڌارا تاڻيل آھي، جنھن ۾ ھر ستارو پنھنجي پنھنجي روشنيءَ سان ٽمٽمائي رھيو آھي. مان حيران ٿي ويندو آھيان جڏھن پنھنجي سيھوڳي دوستن کي نظم تي فوڪس ڪندي ۽ توجھ ڏيندي پَسندو آھيان ته بيحد خوشي محسوس ڪندو آھيان. اسان جي ھن دوست تاج جي تعارف جا کوڙ سارا حوالا آھن، جن مان ھڪ حوالو ليکڪ ھجڻ جو به آھي ۽ منھنجو خيال آھي ته، تاج جو اھو حوالو مون کي ھن جي سمورن حوالن کان اُتم نظرجندو آھي، ھن جي سوچ ۽ ھن جي آڱرين ۾ پڪڙيل پين ۾ ڪابه وِٿي ڪانه سُجھي ٿي، ٻئي ھڪ جان ٿي ڪري تخليقون ترجمو ڪري رھيا آھن. تاج ان ڪم لاءِ ڪيئن وقت ٿو ڪڍي ۽ ڪيئن اُنھن ترجمن جي سھيڙ ڪري ٿو، اھو سڀ مون لاءِ ھڪ سرپرائز جيان آھي. ھن مھل مان جڏھن تاج جي ڪيل ترجمن جو ھِي مسودو پنھنجي ھنج ۾ گلزار چواڻي، “رحل ڪي صورت” رکي ڪري پڙھي رھيو آھيان ته عالمي ليول جي شاعرن ۽ شاعرائن جا رچيل ھي نظمَ-ڪٿا مون کي بيحد متاثر ڪري رھي آھي ۽ ھر ھر دل سَٽَ کائي چوي ٿي ڪاش اھڙي رچنا ڪا مان به ڪري سگھان ھا ۽ دنيا کي سنڌي نظم جو ڪو سلوڻو روپ پَسائي سگھان ھا. خير اھو ڪم مان ھزار چاھڻ جي باوجود به نه ڪري سگھيس، ڇو ته ريلوي جي رت سُڪائيندڙ ڊيوٽيءَ پڄاڻان جسم ۾ ايتري انرجي بچي ئي ڪانه ٿي جو ڪو تخليقي معجزو ڪري ڏيکارجي پر اسان جو تاج اھو ڪم پنھنجي وس آھر بھترين نموني سان ڪري رھيو آھي.
مون کي اوس اميد آھي ته اسان جي دوست تاج سروھيءَ جو ھي ڪم، ممڪن آھي ڪنھن وڏي ليکڪ کي اکين تان چشمو لاھي ڪجھ سوچڻ تي مجبور ڪري نه ڪري، پر ڪنھن غريب ۽ پراميد شاعر کي ضرور جاڳائڻ جو ڪم ڪندو ۽ ھن کي انھن عالمي نگاھ وارين نظمن جو چس ته ملندو ئي ملندو پر اھو به پتو پوندو ته ڪتاب جي ٿورڙي قيمت ۾ ھن انھن نظمن جي روپ ۾ ھڪ بھترين خزاني کي پڙھي ذھني ملڪيت بڻائڻ جو حق به حاصل ڪري ورتو آھي.