ھڪ جپسي ڪالم … پيشانيءَ سان لکيل نظمَ

0
58
ھڪ جپسي ڪالم ... پيشانيءَ سان لکيل نظمَ

ھن جي وفات کي اڄ ٽيون ڏھاڙو آھي.

گھر ۾ ھن جي ڪمي ڪنھن محسوس ڪئي،

اھو پَڪ سان نه ٿو چئي سگھجي،

ھا، ھن جي ڪمري ۾ ٽيبل تي پيل ھن جي نظرَ جي چشمي جي شيشي ۾

ھڪ ڳوڙھو اڃان تائين اٽڪيو پيو آھي..

**

                 ٽرين ورڪنگ ھڪ ايذائيندڙ ڪم آھي، ڊيوٽيءَ تي ھر وقت الرٽ رھڻ جي ڪري، حواسن تي ان جو اھو اثر ٿيو آھي، جو ڪنَ ٿورڙي به ائبنارمل آھٽ تي ستل جسمَ کي جاڳائي وجھندا آھن ۽ فوري طور تي ذھن ۽ سڄو جسم ريميڊي يا ان مسئلي جي حل طرف ھليو ويندو آھي. ان ڪري جو پوري ٽرين کي سيفٽيءَ ۽ سلامتيءَ سان ان جي منزل تي پھچائڻ ٽرين انچارج گارڊ يعني اسان جي ذميواريءَ آهي، 22 سئو کان مٿي ٽرين جا سفر ڪندڙ مسافر سڪونَ ۽ آرام سان ان ڪري ننڊ ڪندا آھن جو اسان جاڳندا رھندا آھيون ۽ انھن جي سفرَ جي منٽَ منٽَ کي ريڪارڊ ڪندا رھندا آھيون، جيڪڏھن ٽرين جي طئي ٿيل رفتار 100 ڪلوميٽر هڪ ڪلاڪ ۾ آھي ۽ اھا رفتار جيڪڏھن 90 تي اچي وڃي ٿي ته اسان کي خبر پئجي ويندي آھي ۽ اسان ڊرائيور کان پڇاڻو ڪندا آھيون ته رفتار ڇو گھٽ ڪئي اٿئي. جيڪو سبب ھُو ٻڌائيندو جيڪڏھن اھو صحيح ھوندو ته اسان اھو پنھنجي لاگ نوٽ ۾ لکي ڇڏيندا آھيون، ٽرين جي منزل تي يعني گارڊ جي بيٽ اچڻ تي اسان ھڪ تفصيلي رپورٽ ڪنٽرولر ريلوي کي لکت ۾ ڏيندا آھيون، جنھن ۾ ٽرين جي رننگ ۽ ليٽ ھجڻ جي منٽ منٽ جي رپورٽ ڏنل ھوندي آھي. اھڙي ئي هڪ ٿڪائيندڙ ۽ ايذائيندڙ وقت کي گذارڻ بعد اڄ صبح جيئن ئي مان گھر جو دروازو کولي داخل ٿيس ته عابده ٽي ڪتاب منهنجي حوالي ڪيا ته پوسٽ ذريعي آيا آھن. ٻه ڪتاب منھنجي بيحد پياري دوست ۽ ريلوي اڪائونٽس جي آفيسر نسيم پارس گادَ جا ھئا، ھڪ ڪھاڻين جو ڪتاب “ڪولاج ٿيل شخصَ جو پورٽريٽ” ۽ ٻيو ھن جو تازو تازو آيل ناول “نئين يُگ جو ديوتا” ۽ ٽيون ڪتاب ھيو، سنڌي نثري نظم جي سسيفس يوناني ديوتا جھڙي ھڪ سھڻي نالي  انور ڪاڪا  جو ، ڪتاب جو نالو هيو “پيشانيءَ سان لکيل نظمَ” .. ڏسو انورَ جو آرٽسٽڪ ڪرافٽ جو پيشانيءَ جو ڪم جھڪڻ ۽ سجدا ڪرڻ ھوندو آھي ۽ پيشانيءَ سان نظمَ لکڻ جو استعارو بيحد سھڻو ۽ سڀاويڪ محسوس ٿيو.. مان بي انتھا پيار وچان پنھنجي سيھوڳي ۽ پنھنجي پوئتان ايندڙ نوجوان ٽھيءَ جي انور ڪاڪا جي ڪتابَ ۾ رچيل ھن جو پھريون نظم پڙھيو.. نظم جي ڪرافٽ شپ ڪمال جي لڳي.. ٽائٽل ڏسو … “مان اڄ شام توسان ملڻ ويندس”… ھا ھا ھا ھا …. يعني جنھن لاءِ نظم لکيو ويو آھي، اھو شاعر سان گڏ گڏ ويٺل آھي، ھُو کيس اطلاع ڏئي رھيو آھي ته مان اڄ شام توسان ملڻ ويندس .. ھتي لفظ توسان بعد جڏھن ويندس اچي ٿو ته پنهنجو هي ٿڪل ذھن ڄڻ ڪنھن اڻ پيتل نشي ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو… ھي اھو ئي مفھوم آھي جيڪو گھڻو تڻو اردوءَ جوگلزار ۽ اسان جو لطيف سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ رچيندا رھيا آھن..

نظمن جي به ھڪ پنھنجي ئي دنيا ھوندي آھي، پنھنجي ئي هڪ مملڪت ھوندي آھي جنھن جو حدون ۽ سرحدون پوري گلوب کي به ڪراس ڪري وينديون آھن، منهنجو ايمان آهي ته ھڪ نظم ناسا جي وائجر ون يا ٽُو کان به گھڻُو اڳتي نڪري وڃڻ جي طاقت رکي سگهي ٿو… جيئن گلزار واھ جو لکيو آھي … خيال پھينڪا ھي، رفتارِ بي پناھ ڪي ساتھ، خدا تڪ پھنچي، تو جاڪر پھر تم تڪ پھنچي …شاعر اھو چئبو آھي ۽ شاعري ان کي چئبو آھي.. شاعر کي پنھنجي مملڪت مان نيڪالي ڏيندي افلاطون شايد اھو نه سوچيو ھو ته شاعري اندر جي ميراڻ کي ڌوٻيءَ جيان ڌوئي صاف ڪرڻ جي سگھ رکي ٿي، افلاطون اگر ڪنھن سان محبت ڪئي ھجي ھا ته ھن جي خيالي مملڪت ۾ شاعريءَ جي اھم ۽ نمايان حيثيت ضرور ڏنل ھجي ھا پر افلاطون ھڪ مشيني مفڪر ھيو جنھن جي خيالي يا مثالي ممڪلت ۾ شاعرن جي لاءِ ڪابه جاءِ ڪانه رکيل آهي، شايد ان ڪري جو هن جي جيون ۽ دل ۾ رومانس لاء ٿوري به جاءِ يا گنجائش ڪانه هئي … مثالي معاشرن ۾ ليکڪ ۽ شاعر دڳَ ڏسيندڙ رهنمائن جيان هوندا آهن ۽ جن جي ڏسيل دڳن تي وقت جي سياست پنهنجا پيرڙا کڻي منزل ماڻيندي آهي ..

اسان جي انورَ جي شاعري به اهڙي ئي دڳَ ڏي اشارو ڪندڙ ۽ منزل کي افق وٽان پاڻ پسائڻ جي هڪ سهڻي ڪوشش آهي، جيئن ان نظم ۾ … ڏسي وٺو.

“محبت جي هر اڌوري رهجي ويل ڪهاڻيء مان،

ڏک جي هڪ سنڌو ندي نڪري

مختلف پهاڙي سلسلن،

وادين ۽ ميدانن کان ٿيندي،

سڀ ڪجهه جل ٿل ڪندي

گهمي ڦري اچي ڇوڙ ڪندي آهي

پهرين هڪ اداس دل ۾

۽ پوء هڪ اداس اک ۾

۽ سڀ کان آخر ۾ هڪ اداس نظم ۾..!”

اهڙيون کوڙ ساتريون رچنائون آهن، جيڪي منهنجي اک جي معرفت منهنجي دل ۾ گهڙي ويون آهن …جيئن هيء رچنا پڙهي ڏسو..

“تنهنجي ڳلَ کي ڇهي ئي

آئون ڪو اندازو ڪري سگهان ٿو،

ان جي چُگهه ۾ ڪو گل ٽڙي رهيو آهي،

يا ڪوئي ڏيئو ٻري رهيو آهي ..”

انور ڪاڪا جي نظمن ۾ تشبيهن ۽ معنائن جون ايتريون ته گوناگون ورائٽيون موجود آهن جو انور جي هن ڪتاب جي نظمن تي کوڙين ايم ڦلس ۽ پي ايچ ڊيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اهو ئي هڪ شاعر طور انورَ جو پنهنجي نظمن ڏي هڪ مربوط, ڪامياب ۽ سنجيده رويو آهي، جيڪو ڪٿي ڪٿي ڪمال جون هائٽس ڇهي وٺي ٿو.. اهي دوست جيڪي سمجهن ٿا ته نظم لکڻ سئولو ۽ هڪ ٻاراڻو کيل آهي، انهن کي گذارش آهي ته ڀوڳ ڀوڳ ۾ ئي سهي هن ڪتاب ۾ رچيل 359 نظمن جهڙو ڪو هڪ نظم ته رچي ڏيکارين …

“مستطيل ۾ چئوڪنڊو آهي

۽ چئوڪنڊي ۾ گول آهي

۽ گول ۾ آهن…ڪيئي دائرا،

۽ دائرن ۾ آهن..

“رڳو تنهنجون اکيون..”.

مان ويندي ويندي انور سائينءَ جي هن ڪتاب ۾ ڏنل پنهنجا اهي لفظ وري ورجايان ٿو ته انور ڪاڪا نظم جو منهنجو فيورٽ شاعر آهي، سندس ڪوبه نظم جڏهن به پڙهڻ لاء ملندو آهي ته پڙهي انور سان ملڻ جي ارج ۽ خواهش بيحد وڌي ويندي آهي ، هُو ڪمري جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي نالي سان اسٽيمپ ٿيل ڪائناتون تخليق ڪرڻ وارو فنڪار آهي ..ڪڏهن موقعو مليو ته انهن آرٽسٽ آڱرين کي ڇهي وٺڻ جو هڪ حج ضرور ادا ڪري وٺبو…