ھڪ جپسي ڪالم … پوٽوھار جي مِٽي ۽ بي نور گلابَ

0
30
ھڪ جپسي ڪالم ... پوٽوھار جي مِٽي ۽ بي نور گلابَ

 باھ جي پوڄاريءَ کي ڪھڙو خوف ته اُسَ تيز ڪيتري آھي! سنڌ ۾، خاص طور تي ۽ پاڪستان ۾ عام طور تي معياري ۽ نج نثري نظم لکندڙن جو تعداد ٻنھي ھٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترو به نه آھي، انھن ۾ پنجاب جو ھي شاعر جنھن جو نالو توقير رضا آھي، ان حوالي سان به معتبر ۽ منفرد آھي جو پنھنجي ڪتابَ “موتيي ڪي نابينا پُهول” ۾ ھن بي نيڻ ۽ نابينا پاڙھڪن لاءِ به ھڪ نظم بئريل لکڻيءَ ۾ شامل ڪيو آھي، مون اکين ھوندي به، جڏھن ان نظمَ تي آڱريون ڦيري ڪجھ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي ته محسوس ٿيو بي نور اکين جي پوئتان ڪيڏا نه انڌيرا جاڳندا ھوندا، جن کان پاڻ اکڙين وارا آشنا ئي ڪو نه آھيون….منھنجي بليڪ آئوٽ جھڙي دماغ ۾ ڪٿي به ڪو روشنيءَ جو ترورو نه پيو سُجھائي ڏي. پوءِ اھي نابينَ ڪيئن پنھنجي ڳالھ بينا ماڻھن تائين پھچائي ويندا آھن، ان تي به ھڪ ڪالم لکڻ جو من ٿئي پيو. اسان سڀني ھيلن ڪيلر جو نانءُ ته ضرور ٻڌو ھوندو مگر ان عظيم ھستيءَ پنھنجي اڻ اکين واري نابينائيءَ کي ھڪ لمحي لاءِ به پنھنجي لاءِ رڪاوٽ محسوس نه ڪيو ۽ ايتري ڪامياب زندگي گذاري ھلي وئي، جھڙي زندگي آئن اسٽائن ۽ ٽالسٽاءِ گذاري ھئي. توقير رضا جنھن کي مان پنھنجائپ وچان توقير سائين چوندو آھيان، مون کي پنجاب جي روايتي سامراج ذھنيت کان گھڻو مختلف لڳندو آھي، ھُو جڏھن به ميسنجر تي ڪنيڪٽ ڪندو آھي، سائين ڪري ھٿَ جوڙ ڪندو آھي ۽ ادبي حوالي سان حالي حوالي ٿيندو آھي….بي تڪلفي ڪجھ وڌيڪ ڊيويلپ ٿي ته پنھنجي تازي آيل ڪتاب جون پنج ڪاپيون ان خواھش تحت مون ڏانھن اُماڻيائين ته مان سنڌ جي نظمَ سان جُڙڻ چاھيان ٿو ۽ سنڌي نظم جي مزاج کان واقفيت ڌارڻ چاھيان ٿو… ان ڪري مون ھن جا اھي ڪتاب پنھنجي انھن سنگتين ڏي اُماڻڻ جو ارادو ڪيو آھي، جن جو سنڌي نظم جي حوالي سان هڪ بھترين درجو آهي ۽ انهن لاءِ منهنجي اکين ۾ اٽوٽ احترام آھي. ڪتابَ جي شروعات ئي ھڪ سِٽَ سان ٿئي ٿي، جيڪا مون ھن ڪالم جي مُھڙَ ۾ رکي آھي، ان بعد ھن جو ھڪ نظم پڙهي ڏسو، سو به سانڍڻ جھڙو آھي:

ان ڳالھ کان الڳ ته،

بي دردي سجَ

روڊ تي ھوريان ھوريان چُرندڙ

ھڪ معذور ماڻھوءَ جي لَٺِ ساڙي ڇڏي آھي

اسان سڀ پنھنجو پنھنجو سَڙڻ ڏسون پيا

۽ پنھنجي باھِ سيڪيون پيا

خيال ڪجانءِ….باھ جي ڦَڻيءَ سان وارَ سنواريندي

تنھنجا ڪومل ھٿَ سَڙي نه پون.

پنجابي شاعرن وٽ پنھنجي شاعريءَ کي پري پري تائين پکيڙڻ لاءِ جيڪي سھولتون ميسر آھن، اسان ڪنڊائتا سنڌي ان جو اندازو به نه ٿا لڳائي سگھون….بودليئر ۽ سارتر جي ملڪ فرانس ۾ رھندڙ ھي اسان جو دوست سچ ۾ ھڪ شاعراڻي زندگي گذارڻ جو آنند وٺي رھيو آھي، عالمي شھرت وارن شاعرن ۽ سيھوڳي اديبن سان ملاقاتون ڪري رھيو آھي ۽ انھن مان ڪجھ تحريرن جي ونڊَ به وقتن فوقتن ڪندو رھندو آھي، جنھن مان خبر پوندي آھي ته ھڪ کُليل ذھن واري شھر ۾ زندگي گذارڻ جو تجربو ڪيڏو نه ڪمال هجي ٿو…اسان اڄ به پنھنجي ليکڪن جي ذاتي زندگين ۾ دخل اندازيءَ کي ڄڻ پنھنجو موروثي حق سمجھيو ويٺا آھيون، جيئن اڄڪلھ اسان جي ذھين ليکڪا امر سنڌو اسان جي معاشري ۾ ذاتي زندگيءَ جي ڀوڳنائن کي ڪنھن بي وڙي پاران روڊ تي آڻي رکڻ جھڙي گھناوني ڀوڳنا جو شڪار ڪئي وئي آھي.

مان ھڪ باھ ۾ سڙي رھيو آھيان

ھڪ نيري ۽ زھريلي باھ

ھڪ تسلسل سان مسلسل ڀڙڪندڙ باھِ

منهنجي جسم جي رکُ

۽ ھڏين جي مِکَ سياھ ٿي چڪي آھي

ڪاري رکَ ۾ ٻه اکڙيون رھجي ويون آھن

جي، مسلسل آسمانَ ۾ تڪي رھيون آھن.

توقير رضا مسلسل نظم جي ايرينا ۾ اسٽروڪس کيڏي رھيو آھي ۽ پنھنجي پنجابي زبان کي نظرانداز ڪندو فيض احمد فيض جيان پنھنجي اظھار جي زبان پنجابيءَ بجاءِ اردوءَ کي بڻائي ويٺو آھي، جنھن ڳالھ تي اعتراض ته نه ٿو ڪري سگھجي پر پنھنجي ٻوليءَ ۽ پنھنجي زبان جو قرض ايئن ڪونه لاھي سگھبو آھي، اڄ به پنجاب ۾ پنھنجي زبان ۾ ادب سرجيندڙن جو تعداد ڪافي گھڻو آھي ۽ انھن کي پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ جوڳي مڃتا به ملي رھي آھي، جيئن سرائيڪيءَ ۾ شاڪر شُجاع آبادي ھڪ وڏو نالو شمار ٿي رھيو آھي ۽ ھن جي شاعري وسيب جي لوڪ ورثي ۾ ڳڻائي ويندي آھي، ايئن ئي اسان جي ٻئي دوست ۽ ريلوي جي رٽائرڊ آفيسر سائين حميد رازيءَ جو شمار پنجابيءَ جي سرواڻ ڪھاڻيڪارن ۾ ٿيندو آھي، هن اردوءَ ۾ رڳو اهو ڪم ڪيو آهي جو، پنھنجي پنجابيءَ ۾ لکيل تخليقن کي پاڻ ئي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي پر هن جو اصلوڪو ڪم پنجابي زبان ۾ ٿيل آھي. ايئن ئي اسان جي دوست رفاقت حيات جو تعلق ملتان سان آھي ۽ ان جو سڄو ادبي ڪم پنهنجي  سرائيڪي ٻوليءَ ۾ ٿيل آھي. رفعت عباس صاحب جو واسطو به ملتان شھر سان آھي، گذريل سال مان ٽرين سان ملتان آيل ھيس ته مون کين فون ڪري ملڻ جو چيو پر هُو ان مھل ملتان لٽريچر فيسٽيول ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رھيو ھو، ھن چيو ته مان ساڻس گڏ ھلان پر مون ان ڪري معذرت ڪئي جو منھنجي ٽرين شام جو رائٽ ٽائيم اچي رھي ھئي، ان بعد رفعت صاحب سان وري ملاقات جو ڪو موقعو نه ملي سگھيو آھي، سڀاڻي مان ملتان ھوندم، ڪوشش ڪندم ته رفعت صاحب سان چانھ تي ڪچھري ٿي وڃي.

توقير رضا جو شعري اسلوب گھڻو تڻو ھارش ۽ سخت لھجي وارو آھي پر انھن لھجن وچ ۾ ھُو تشبيھن جو اھڙو ته جادو جاڳائي وڃي ٿو جو من حيران ٿي وڃي ٿو…جيئن هن نظم ۾:

ڳڻي ڏيکاريو

منھنجي تِريءَ تي

ننڊ جون ڪيتريون ٽِڪيون پيون آھن

ھڪ مُٺ جيترين ٽِڪين سان

ھڪ پوري سالَ کن جا خوابَ خريدي سگھجن ٿا.

…. ۽ اهڙا کوڙ سارا نظم هن ڪتاب جي 110 صفحن جي ڪائنات ۾ رولاڪ گرهن جيان هيڏانهن هوڏانهن گردش ڪري رهيا آهن. هي اهي نظم آهن، جيڪي قوميتن جي سرحدن کان مٿي جي دنيا پَسائي رهيا آهن. پنجابي قوم صدين کان پنهنجي نج فوج جي ڪلهي تي چڙهي هڪ استحصالي ۽ ڪمپرومائزڊ مائنڊ سيٽ ۾ تبديل ٿي وئي آهي پر ان قوم جا ليکڪ اڄ به سنڌين ڏانهن شعرن ۽ ڪهاڻين جي هڪ پُل ۽ برج ٺاهيندي نظرجندا آهن…جن تان هلي اسان قصور شهر جي بابا بلهي شاهه ۽  لاهور جي شاهه حسين جي آڳر تي هڪ نئين وجد ۽ مستيءَ جو آنند وٺي سگهون ٿا.