ھڪ جپسي ڪالم … پنھنجي ڳولھا ۾ …

0
75
ھڪ جپسي ڪالم ... پنھنجي ڳولھا ۾ ...

  ننڍپڻ جي اونداھين ۽ ڪارين راتين ۾جڏھن ننڊَاکڙيون اکيون ٻوٽجڻ کان جواب ڏئي ڇڏينديون ھيون ته بابا ٻروچڪي ٻوليءَ ۾ ٻڌائيندو ھو ته، “اھو مٿي جيڪو ٽن تارن جو ميڙ ڏسين پيو، اھو ‘ٽيڙو’ آھي” ( جنھن لاءِ اسان کي ھاڻ يعني ھن عمر ۾ خبر پئي آھي ته اھا اينڊروميڊا گليڪسي آھي، جيڪا اسان کان  2.5 ملين روشنيءَ جي رفتار واري نوري سالن جي فاصلي تي موجود آھي)  بابا ٻڌائيندو ھو ته اسان ان ٽيڙوءَ کي نظر ۾ رکي راتين جو جھنگ مان سڌو سڌو پنھنجي منزل طرف وڌي ويندا ھئاسين ۽ ڪڏھن به رستو وڃائڻ جي خطري جو شڪار نه ٿيندا ھئاسين. ان مھل منھنجي عمر ڏھ ٻارنھن سال ھوندي ۽ مان بابا جي کٽ تي سڌي منھن اونداھي آسمان ڏانھن پيو تڪيندو ھئس، ڪنڌ ھيٺان بابا جي پيل ٻانھن ڪڏھن به ٿڪبي ڪانه ھئي. ھُو ٻروچڪي لھجي ۾ منھنجي ڪچڙي ذھن ۾ عجيب عجيب ڳالھيون پيو وجھندو ھو، جن کي منھنجو ننڍڙو ذھن ڪڏھن قبول ڪندو ھو ۽ ڪڏھن نه ڪندو ھو. ھن جي ھڪ ڳالھ مون کي اڄ به ياد آھي ته ھُو چوندو ھو ته خدا راتين جو آسمانن کان لھي ايندو آھي ۽ پنھنجي انھن ماڻھن ڏي ويندو آھي، جيڪي ھن کي سچي دل سان ياد ڪندا آھن. بابا جي انھن عجيب ڳالھين جو فائدو يا نقصان مون کي اھو ٿيو، جو منھنجي ڪچڙي ذھن ۾ ھڪ آسماني خدا جو تصور جُڙي ئي نه سگھيو ۽ مان اڄ به “اُن” الائي “ھُن” کي اھو مخصوص آسماني تصور نه ڏئي سگھيو آھيان، جيڪو تصور منھنجي ٻين سئوٽ يا ماساتن وٽ جُڙيل آھي، ۽ ان ڪري مان پنھنجي ڳوٺ جي مُلن وٽ ڪڏھن به پسنديدگيءَ جو درجو نه پائي سگھيس، ڇو ته انھن وٽ چڱائيءَ يا برائيءَ جو سڄو تصور مذھبي تاڃي پيٽي موجب جُڙيل آھي، جيڪو مون وٽ شروع کان ڪونه آھي. مثال طور مان امان “مدر ٽريسا” کي ھڪ جنتي عورت سمجھندو آھيان ۽ منھنجا ملان سئوٽَ  منھنجي ان ڳالھ تي منھن ڪِنو ڪندا آھن ته ھڪ ڪافرياڻي ۽ عيسائڻ ڪيئن جنت جي حقدار ٿي سگھي ٿي! خير انھن کي اتي ئي ڇڏيون ٿا ۽ پاڻ ھلون ٿا ھڪ اھڙي پاسي، جتي سواءِ عجب ۽ حيرت جي ٻيو ڪوبه جھان ڪونه آھي،

مان رات جو جڏھن به آسمان جي وسعتن ۾ نھارڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ته صاف صاف محسوس ڪندو آھيان ته اسان انسان ھن پوري سرشٽيءَ ۾ يا ڪائنات ۾ بلڪل به اڪيلا ڪونه آھيون. ناسا جون ٻه خلائي مشينون ‘وائجر ھڪ’ ۽ ‘وائجر ٻه’ جيڪي بالترتيب 20 آگسٽ ۽ 5 سيپٽمبر 1977ع تي خلا ۾ ڇڏيا ويا ھئا، ھن مھل يعني 10 سيپٽمبر 2023ع تي اھي اسان کان 23 بلين ڪلوميٽر ڏور خلا جي انٽراسٽيلر سرحدن مان گذري رھيا آھن، انھن ٻنھي مشنز تي ڪمال جي انوکي ڳالھ اھا آھي، جو انھن ٻنھي خلائي جھازن ۾ سون جي ٺھيل ھڪ ڊسڪ ناسا وارن رکي ڇڏي آھي، جنھن ۾ اسان جي ڌرتيءَ جي انسان پاران ڪائنات جي ڪنھن نه ڪنھن ڪنڊ ۾ موجود انسانن يا ايلينز لاءِ ھڪ پيغام رڪارڊ ٿيل آھي. مشھور فلڪياتي ماھر ڪارل ساگان ان ٽيم جو سربراھ ھو، جنھن ان ڊسڪ تي جيڪي شيون ريڪارڊ ڪري رکيون آھن، انھن ۾ 115 اسان جي ھن ڌرتيءَ جون تصويرون، قدرتي آوازَ مثال طور ھوا، طوفان، بجلي ڪرڻ وارو ڪڙڪو، ھر جانور جو آواز يا ٻولي، جن ۾ وھيل مڇي، پکين جون ٻوليون ۽ سڀ کان ڪمال جي ڳالھ ته موسيقيءَ جي ھڪ سھڻي ڪليڪشن به رکي وئي آھي، جنھن ۾ مختلف ثقافتن ۽ دؤرن جون شيون، ان کان علاوه 55 زبانن ۾ ڌرتيءَ جي رھواسين پاران ڀليڪار جا پيغام ريڪارڊ ڪري رکيا ويا آھن. انھن ڊسڪز جي روانگيءَ مھل ڪارل ساگان اھي تاريخي لفظَ آکيا ھئا:

“جڏھن به ڪا خلائي مخلوق انھن خلائي جھازن تائين رسائي ڪندي ته اھي اھا ريڪارڊ ٿيل ڊسڪ ضرور وڄائيندا ۽ اسان سان رابطو ڪندا، ڇو ته انٽراسٽيلر اسپيس ۾ اسان کان گھڻيون ائڊوانس ۽ اعليٰ درجي جون خلائي تھذيبون ضرور موجود آھن”.

پر ان ڳالھ جو ھڪ ٻيو پاسو ھي به آھي ته جڏھن انھن کي اھي ڊسڪز ھٿ لڳنديون ته انھن کي اھا خبر ڪانه لڳندي ته انھن کان اربين کربين ڪلوميٽر ڏور سورج منڊل جي ٽين نمبر سياري ڌرتيءَ تي اھڙا انسان به رھن ٿا، جن پنھنجي ڌرتيءَ جي قدرتي وسيلن کي چُوسي چُوسي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڌرتيءَ جو گرمي پد ايترو ته وڌائي ڇڏيو آھي، جو اڳتي ھلي انھن جي ڌرتي باھ جو ھڪ گولو بڻجي ويندي. جنھن قدرت انھن جي ڌرتيءَکي ڪروڙين سالن جي مسلسل پراسيس سان زندگيءَ جي لاءِ رھڻ لائق بڻايو، انھيءَ ڌرتيءَ کي اسان جي انسانن رڳو ٻه سئو سالن جي صنعتي ترقيءَ جي موٽ ۾ دوزخ جي ويجھو آڻي بيھاريو آھي.

پاڻ ھاڻي اچون ٿا انھن ‘ايڪسو پلانيٽس’ ڏانھن، يعني اھي گرھ جن جي فضا زندگيءَ جي رھڻ لاءِ موافق آھي ۽ اتي به اسان جي ڌرتيءَ جيان ئي انسانن جھڙي ڪانه ڪا مخلوق ضرور موجود ھوندي. ان ڏس ۾ ناسا پاران ھڪ خاص خلائي دوربين بڻائي وئي، جنھن کي ڪيپلر جو نالو ڏنو ويو ۽ ان کي 7 مارچ 2009ع تي خلا ۾ اماڻيو ويو ھو. ان خلائي دوربين ھن مھل تائين کوڙين اھڙا گرھ ڳولھي لڌا آھن، جن تي زندگيءَ جو وجود ممڪن ڏسجي رھيو آھي ۽ اھي ڪنھن نه ڪنھن سورج نما ستاري جي چئوڌاري چڪر ڪاٽي رھيا آھن. ان حوالي سان سڀ کان پھريون نالو “ڪيپلر 22 بي” جو کنيو وڃي ٿو، جيڪو اسان جي سورج منڊل کان 635 نوري سالن  جي مفاصلي تي پنھنجي ھڪ “جِي اسٽار” سورج، جنھن جو نالو ناسا وارن “ڪيپلر 22” رکيو آھي، جي چؤڌاري گردش ڪري رھيو آھي، ھن جو وزن اسان جي ڌرتيءَ کان ڏھوڻ تي گھڻو آھي ۽ اھو پنھنجي سورج جي چؤڌاري 290 ڏينھن ۾ ھڪ پورو چڪر مڪمل ڪري ٿو، يعني ان گرھ تي ھڪ سال 290 ڏينھن جو ٿئي ٿو، ان سياري تي پنھنجي انھيءَ سورج جي ڪري گرمي پد 16 سيلسيس رھي ٿو يعني 60 ڊگري فيرنھائيٽ، معني اھڙو سرد ماحول جيئن اسان وٽ نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري جي مھيني ۾ ھوندو آھي. ھيءُ گرھ پاڻيءَ سان ڀريل گرھ طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان حوالي سان ان سياري کي ھڪ ٻئي سياري “گليسيز 1214 بي”  سان به ڀيٽيو ويندو آھي، جنھن تي چون ٿا زندگي ممڪن آھي، يا ھڪ ٻئي گرھ جنھن جو نالو “ڪيپلر 11 ايف” رکيو ويو آھي، جنھن لاءِ به سائنسدان چون ٿا ته اھو ھڪ پٿريلو جھان آھي ۽ جنھن جي سمنڊ ۾ زندگيءَ جو ھجڻ ممڪن آھي. ھتي جيئن ته اسان جي مضمون جو ھيرو “ڪيپلر 22 بي” گرھ آھي، ان ڪري ان تي ئي فوڪس رکون ٿا.

جيئن مٿي لکي آيو آھيان ته ھيءُ ڌرتيءَ جي ويجھڙ جھڙي ماحول جو سيارو پنھنجي سورج “ڪيپلر 22” چؤڌاري چڪرَ ڪاٽي رھيو آھي، ان جو اھو سورج اسان جي سورج کان ٻه ڀيرا گھٽ وزن وارو آھي، ان جي سورج يعني ڪيپلر 22 جو گرمي پد 5245 سيلسيس آھي، جڏھن ته اسان جي ڌرتيءَ جي سورج جو گرمي پد 5505 سيلسيس آھي، ۽ ان سورج جي نظر اچڻ جي شرح 11.5 سيڪڙو آھي، ان ڪري ان کي اسان رات جو پنھنجي اگھاڙي اک سان نه ٿا ڏسي سگھون، ان لاءِ ھڪ سٺي دوربين جي ضرورت پوندي آھي.

اسان جي ملڪ ۾ الائي جي ڇو، سائنس ۽ سائنسي دريافتن کي اھميت ئي ڪونه ڏني ويندي آھي، اسان جي ملڪ جا تقريبن سمورا سائنسي ادارا اھڙي ماحول ۾ رکيا ويا آھن، جو اھي ڪوبه فخر لائق ‘آئوٽ پُٽ’ نه ڏئي سگھيا آھن، انھن جا ڪرم چاري رڳو پگھارون کڻڻ ۽ آفيس اچڻ ۽ موٽي وڃڻ کي ئي ڊيوٽي سمجھندا آھن. ھوڏانھن اسان جي يونيورسٽيين ۾به ساڳي ئي حالت آھي جو فزڪس جا ماھر استاد فزڪس تي ليڪچرز ڏيڻ بعد اھو چوندي ٻڌا ويندا آھن ته اسان جي سائنس اسان کي پنھنجي مذھب کان ڊي- ريل يعني پري ڪري رھي آھي، ان ڪري رڳو نوڪريءَ جي ڪري اھا سائنسي بڪواس پڙھائڻي پوي ٿي.

کوڙين سال اڳ منھنجي ملاقات ھڪ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر سان ٿي ھئي، ته مون ھن کان “گاڊ پارٽيڪل” متعلق سوال ڪيو ھو ۽ ھن کان پچيو ته ھُو “ھِگس بوسون” متعلق ڇا ٿو ڄاڻي؟ ته ھن جو ڪلاسڪ جواب سانڍي رکڻ جھڙو ھو. ھن جو خيال ھو ته، “جيئن ته اھا سائنس اڃان اسان جي پاڪ ڪتاب مان ثابت نه ٿي سگھي آھي، تنھن ڪري، تيستائين مان ڪافر ٿيڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه ٿو رکان”. اتي اچي ڪري اسان کي اسان جي اصل ھيروز ڊاڪٽر عبدالسلام مرحوم ۽ ڊاڪٽر پرويز ھودڀائي جھڙن فزڪس پرست سائنسدانن جي ھن ملڪ ۾ “تنھائي” ۽ آئسوليشن سمجھ ۾ اچي ٿي، جيڪي ھر روز ڪنھن نه ڪنھن بنياد پرست شاگرد جي زھريلن جملن جو شڪار ٿيا ھئا ۽ اڃان تائين ٿي رھيا آھن. ھن ملڪ ۾ ھر شئي کي ھڪ مخصوص اک سان ڏسڻ جو ڪم نه رڳو ڪاليج، پر وڏيون وڏيون نالي واريون يونيورسٽيون به ڪري رھيون آھن ۽ جتي اڄ به ڪلاس ۾ فزڪس پڙھائي ٻاھر اچي پنھنجي نرڙ تان پگھر اگھندڙ استاد اھو چوندي نظر ايندا آھن ته ڪافرن جا اھي سبجيڪٽ پڙھائڻ اسان جي سرڪاري ڊيوٽي آھي .. اھي فزڪس جا معصوم استاد اڄ به فزڪس جي سبجيڪٽ ۾ اپ ڊيٽ ٿي رھڻ کي غلط سمجھن ٿا ۽ رڳو ايترو پڙھن ۽ پڙھائين ٿا، جيترو ضروري ھجي ٿو ۽ جنھن سان انھن جي ايمان کي ڪو لوڏو نه ٿو اچي.