انٽرنيٽ تي سرفنگ ڪندي اڄ ھڪ اھڙي ويڊيو ڏٺم .. لاھور چئمبر آف ڪامرس جو چيئرمين پاڪستان جي آرمي چيف کي ھٿ ٻڌي ۽ روئي روئي دانھن ڏئي رھيو ھو ته، “سر… رڳو ڏھن ڏينھن جي ٻٻرلوءِ واري ڌرڻي اسان واپارين جا لاھَ ڪڍي ڇڏيا آھن، اسان جا پرڏيھي آرڊرس رڪجي ويا آھن، نوان آرڊرس ملڻ بند ٿي ويا آھن، جيڪي آرڊرس مليل آھن اھي ڌرڻي جي ڪري رستي ۾ ڦاٿل آھن، اسان جو ڏيوالو نڪري ويو آھي، پوري پنجاپ جي فيڪٽرين ۾ شٽ ڊائون واري حالت آھي، خدارا .. جاڳو .. ڪجھ ڪريو. مان اوھان کي خدا ۽ رسول جا واسطا ڏيان ٿو، اسان کي سنڌين جي ان بدمعاشيءَ کان بچايو”….
مسين مسين ھڪ سامراج ذھن واري صوبي کي سنڌين ڪاميابيءَ سان گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري وڌو آھي. سنڌين سالن بعد اھو مشاھدو ڪيو آھي ته سنڌ سڄي پاڪستان لاءِ ڪيڏي نه اھم آھي ۽ سنڌين پنھنجي 12 ڏينھن جي ٻٻرلوءِ جاڳرتا جي ڪري پاڪستان جي پوري ايڪاناميءَ کي لوڏي ۽ جھڪائي ڏيکاريو آھي، ان جو نتيجو ھاڻ اھو نڪرندو جو فيصلي ڪرڻ واريون اھي قوتون سنڌ جي لاءِ ڌرتي رِڻ ڪري ڇڏينديون ۽ چاھينديون ته وري اھڙي حرڪت انھن جي مفادن سان نه ٿئي. ان لاءِ اھي ھاڻي گهڻا محاذ سنڌ خلاف کولي وٺنديون. في الحال ته سڄي دفاعي انتظاميا پلوامه حملي جي “ڪانسيڪئنسز” جي گھرن بادلن جي گھيري ۾ آھي، اھي اتان جيئن واندا ٿيندا، ضرور زخمي بگهڙن جيان سنڌين خلاف رڻ ٻاري ڏيندا، ڇوته ھُو سمجھن ٿا، انھن جي ھڪ وڏي ڪمزوري سنڌين جي ھٿ چڙھي وئي آھي، جنھن کي سنڌي ڪنھن به ناانصافيءَ جي صورت ۾ ھر ھر ورجائي سگھن ٿا، ان ڪري منھنجو خيال آھي ته اسان کي ھاڻ پنھنجي راتين ۾ به پھرا ڏيندي “جاڳندا رھو” جا ھوڪا ڏيڻا پوندا، ڇوته اسان اڳيان ڀِت جي اوٽَ ۾ ھڪ ڪم ظرف دشمن لڪل بيٺو آھي.
ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ٻه وڏا ڪم ڪيا آھن، هڪ ته سنڌين تي ستل ھجڻ جو ليبل ھٽائي ڇڏيو آھي ۽ ٻيو اھو، ته ھن ڌرڻي ۾ سموريون پارٽيون پنھنجي پنھنجي ڪارڪنن ۽ جھنڊن سميت نه فقط موجود رھيون پر انھن پنھنجي حيثيت ۽ طاقت کان گھڻو وڌيڪ وقت به ڏئي ڌرڻي کي ڪاميابيءَ سان پنھنجي توڙ تي به پھچايو. وڪيلن جي ھمٿ، پلاننگ ۽ روڊميپ جي آگاھيءَ جي ڪري ھن ڌرڻي پوري سنڌ کي ھڪ نئون اتساھ بخشيو آھي ۽ ھڪ اھڙو گس به فراھم ڪيو آھي، جنھن تي هلي ڪاميابيءَ سان دوررس نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا.
سنڌي سماج جي ھر پرت ۽ هر لهر ھن ڌرڻي ۾ موجود ھئي، ٻارڙا، نياڻيون، ونيون، ورَ، شاگردَ، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ ھر طبقي پنھنجي پنھنجي وس آھر ھن ڌرڻي جي ڪاميابيءَ ۾ پنھنجو پنھنجو حصو وڌو. سڀ کان سھڻي ڳالھ اھا ڏٺيسين ته اسان جا ليکڪَ، اديبَ ۽ شاعر ھر وقت ڌرڻي ۾ نه فقط موجود رھيا مگر اھي پنھنجي پنھنجي حصي جي جاڳرتا به ڦھلائي رھيا ھئا. حيدراباد مان ٻه دفعا جامي سائينءَ جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌي اديبن ۽ ليکڪن جون بسون ٻٻرلوءِ پھتيون، جن جو اسان سڀني مقامي ساٿين دل جي گھراين سان استقبال ڪيو ۽ پوءِ جٿن جي صورت ۾ پنڊال جي مرڪزي اسٽيج تي پنھنجي موجودگي ريڪارڊ به ڪرائي. امر سنڌو، عرفانه ملاح، حَسين مسرت، روماسا جامي ۽ ٻيا کوڙ سارا ليکڪ ساٿي ڪافي دير تائين ٻٻرلوءِ ۾ موجود رھيا ۽ اسان سڀن لاءِ اتساھ جو سبب بڻيا رھيا. ھن ڌرڻي پاڪستان ۽ ٻاھرين دنيا کي سھڻي نموني ڏيکاريو ته نظم ۽ ضبط ڇا ٿيندو آھي، بلڪه اھو ته ھتي اچي سنڌين کان سکڻ گھرجي، ھزارين بيٺل ٽرڪن جي ڊوائيورن کي نه فقط ٽي ويلا کاڌو ڀِڪ وارن ڳوٺاڻن پاران پھچايو ويندو رھيو، بلڪه برف ۽ پاڻيءَ جو انتظام به ٿيندو رھيو. ٻٻرلوءِ ڌرڻي سنڌين جي مھمان نوازيءَ واري خاصيت کي ڪمال سان اجاگر ڪري ڏيکاريو آهي. اسان جيترو وقت به ڌرڻي ۾ موجود رھياسين، ٻٻرلوءِ جي چئني پاسن کان ڦھليل ڳوٺن مان ضرورت جو ھر سامان مسلسل ۽ بنا ساھيءَ جي ايندو رھيو. ڌرڻي جي پوري عرصي ۾ ڪٿان به ڪا شڪايت ڪانه آئي ته ڪو بکئي پيٽ ستو ھجي. ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي پنڊال ۾ اسان جون ساٿياڻيون وڏي جذبي سان ڌرڻي کي سنڀالينديون رھيون ۽ پنھنجي ھم خيال ساھيڙين کي به گھرائينديون رھيون، ايئن ھي ڌرڻو پھرئين ڏينھن کان ئي هڪ سنڌي خاندان جيان شروع ٿيو ۽ ڪاميابيءَ سان ختم ٿيو. سڄي عرصي دوران ڌرڻي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالھ نه ٿي. کلَ خوشيءَ ۾ ڌرڻي جو پورو وقت ڪاميابيءَ سان پنھنجي ڪامياب انجام تي پھتو. سنڌ ۾ پھريون ڀيرو اھو ڏٺو ويو ته سنڌ جي حڪمران پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي ھن ڌرڻي کان لاتعلق ۽ ڪوھين ڏور بيٺي رھي، ايتري تائين جو پي پي جا وڏا وڏا اسٽار سياستدان به ڊڄندا ڊڄندا ڌرڻي ۾ وڪيلن سان ھڪ جھتي ثابت ڪرڻ لاءِ آيا مگر عوام جو غصو ۽ مزاج ڏسي واپس جو وريا ته وري ٻيھر ڪونه آيا. ھن ڌرڻي پي پي جي سنڌ دوستي ۽ کوکلائپ کي کليءَ طرح سان اجاگر ڪري بيھاريو. ايتري تائين جو صدر زرداريءَ جي نالي سان جيڪي نعرا ڌرڻي ۾ جُڙي راس ٿيا، انھن پورو وقت ڌرڻي جي شريڪ ڪارڪنن کي مصروف رکيو. پي پي کي پھريون ڀيرو ھڪ موقعي پرست پارٽيءَ طور سڃاڻپ به ھن ئي ڌرڻي ۾ سنڌي ماڻھن ڏني ۽ ان خلاف کليل ڌڪارَ جو اظھار ڪيو.
سڀن کي اها ڄاڻ آھي ته پوري ملڪ مان تڏا ويڙھ ٿي وڃڻ کان پوءِ رڳو سنڌ جو صوبو ئي پيپلز پارٽيءَ لاءِ جاءِ پناھ جيان وڃي بچيو آھي ۽ پي پي ڪڏھن به سنڌ جي اقتدار مان ھٿ ڪڍڻ نه چاھيندي، ڇوته پي پي جي سڄي روزي روٽي ھاڻ سنڌ وٽ ئي وڃي بچي آھي ۽ اھي سدائين سنڌ جي رڳن مان رت چوسڻ وارن جيان چھٽيل رھڻ پسند ڪندا، ڇوته پي پي اگر سنڌ مان ھارائي وئي ته ھن جو وجود ۽ هن جي وقعت وقت جي کوھ ۾ ڏيڏر کان وڌيڪ ڪونه بيهندي … ۽ پي پي جيڪا ھن مھل پنھنجي خانداني ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ٽئين پيڙھيءَ کي سنڌ ۾ لانچ ڪرڻ وڃي رھي آھي، ان پي پي لاءِ ايندڙ اليڪشن کٽڻ زندگيءَ ۽ موت جھڙي معاملي جو روپ وٺندو ۽ اھا ھر قسم جي ڪرپشن ڪندي موافق قسم جي ڪاموراشاهي سنڌ ۾ مقرر ڪرائيندي ۽ نتيجا پنھنجي حق ۾ ڪرڻ جا وڏا جتن ڪندي. ان ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سنڌ جي قوم پرست سياستدانن کي ايم ڪيو ايم مان گھڻو ڪجھ سکڻ جي ضرورت آھي، انھن جي سياست ۽ سياست جي انداز تي ھزارين اعتراض ڪري سگھجن ٿا پر انھن کي اھا به خبر آھي ته جيڪڏھن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سياست انھن جي ھٿان نڪري وئي ته انھن جو مستقبل ڪيئن گذرندو، ڇا سنڌي کين پنھنجو ڪري وٺندا، جنھن جو جواب سدائين نهڪر ۾ اچي ٿو، ڇوته پنھنجي علائقن ۾ مھاجرن جھڙي طرح سان پنھنجو پاڻ کي سنڌ جي معاملي کان الڳ ٿلڳ ڪري بيھاريو آھي، ان بعد ممڪن ئي نه ٿو لڳي ته سنڌين جي امڪاني شھري سيٽ اپ ۾ انھن لاءِ ڪا رحم جوڳي جاءِ بچي سگھي. مڪافاتِ عمل جو وقت پري ڪونھي ۽ اھو وقت اسان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڏسنداسين ته ڪراچيءَ جي آباديءَ جو تناسب ضرور سنڌين جي حق ۾ پاسو بدلائيندو.
آخر ۾ اھا ڳالھ به سوچڻ جي آھي ته ٻٻرلوءِ جي ھن سڄي وايومنڊل ۾ اسان جون سنڌي پارٽيون ھيون ته سھي پر ڄڻ ته رڳو پاڻ کي ريڪارڊ تي رکڻ واري انداز سان رھيون، جنھن سان اھا پڪ ٿي رھي ھئي ته سنڌ جون قوم پرست پارٽيون گذريل ڇھن مھينن کان ڪئنالن خلاف احتجاج ۽ جاڳرتا ڦھلائينديون ته رھيون پر ٻٻرلوءِ ڌرڻي جو سڄو ڪريڊٽ وڪيل برادري کڻي وئي. ڇا اھا ھڪ گيم ھئي يا پيپلزپارٽيءَ کي رليف ڏيڻ وارو ڪو منصوبو ھو، ڇوته ان احتجاج کان اڳ ۾ ئي احتجاج جو سڄو ٽيمپو ۽ ماحول سائين زين شاھ ۽ اياز لطيف پليجو ڪاميابيءَ سان جوڙي چڪا ھئا. جيڪڏھن انھن جي پليٽ فارم تان اھو ڌرڻو لڳي ھا ته ممڪن ھو پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت ايئن هن ڌرڻي لاءِ سھپ جو مظاھرو نه ڪري ھا، جيئن ھن ڌرڻي مھل مظاھرو ڪري ڏيکاريو. پردي پويان سياست ڪرڻ ته ڪو پيپلزپارٽيءَ کان سکي ۽ اھو سوال پنھنجي جاءِ تي اھم ضرور آھي ته ھن ڌرڻي جي ڪاميابيءَ پويان ڇا پيپلز پارٽيءَ جي فيس سيونگ واري سوچ ته ڪم نه ڪري ھئي! ھاڻ به اھي سوالَ پنھنجي جاءِ تي ائين ئي نروار کڙا آھن ته پاڪستان جي سرڪار پاران جيڪي فيصلا ان ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيا ويا آھن، ڇا اھي وقتي طور تي سنڌين جي غصي کي ماٺو ڪرڻ واري سوچ تحت ڪيا ويا آھن … ڇوته اسلام آبادي نيٽ ورڪ پنھنجي اندر ۽ جوھر ۾ اڄ تائين ته پوري جو پورو سنڌ دشمن ئي ثابت ٿيو آھي ۽ ان ڳالھ جي ڪھڙي گارنٽي آھي ته پنجاب جي اشرافيه کي جڏھن به پنھنجي لاءِ موافق قسم جو ماحول ميسر ٿيو، انھن جي مفادن جي ٻلي ٿيلھي مان ٻاھر نه نڪري ايندي! ڏسجي .. ان لاءِ ته انتظار ئي ڪري سگھجي ٿو.