جڏھن سکر شھر جون ھوائون لوساٽڻ لڳنديون آھن ۽ ڇڪتاڻن سان ڀرپور ريلوي جي نوڪري جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندي آھي ته دل پنھنجي ڳوٺ ڪوٽ مير محمد ڏانهن هلڻ لاءِ ڪاهيندي آهي، جيڪو ضلعي خيرپور ۽ تعلقي ڪنگريءَ جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي. پنهنجي ڳوٺ وڃڻ لاءِ سکر کان جيئن ئي نڪربو آھي ته جيڪو پھريون ڳوٺ سڀ کان اول آڏو ايندو آھي اھو “ٻٻرلوءِ؟ آھي، ٻٻرلوءِ .. جنھن تي اھو نالو ھتي رھندڙ ٻٻر ذات جي سنڌين جي ڪري پيو هو، پر ٻٻرلوءِ جي ھڪ ٻي اھميت به آھي، ھتي جي سونھن ۽ ايڪانامي گھڻي ڀاڱي کجين جي چئوڌاري ڦري ٿي. ھي پورو علائقو کجين جي باغن سان سجايل آھي، جيڪڏھن توھان ڪو ڊرون اُڏاري فوٽوگرافي ڪندئو ته ٻٻرلوءِ توهان کي لکين کجين جي وچ ۾ گھيريل ھڪ سرسبز ڳوٺڙو لڳندو، جنھن جي وچان ئي وچان نيشنل ھاءِ وي جي جاڙي پٽي ھڪ عجيب ئي فوٽوجينڪ قسم جو تاثر اکين کي بخشي ٿي. جيئن مٿي ذڪر ڪيو ته ھيءُ شھر “ٻٻر” ذات جي آباديءَ سبب “ٻٻرلوءِ” سڏجڻ ۾ آيو، ھن شھر جي ٻاھران دونھين نالي سان ھڪ آستان به آھي، جنھن ۾ پير موٽڻ شاهه ۽ ابراھيم شاهه جون درگاھون آھن. جڏھن سکر ۽ روھڙي اڃا ايترا آباد ۽ مشھور نه ھئا، تڏھن کان ھي شھر نه رڳو موجود ھو، پر سمن جي سلطنت جو ھڪ ممتاز علمي شھر شمار ٿيندو هو. تاريخ ۾ ھي شھر ڀاڄ کاڌل مغل حڪمران ھمايون جي ٺڪاڻي جي ڪري به گھڻو مشھور رهيو آھي. همايون مغل بادشاه جيڪو 6 مارچ 1508 تي افغانستان جي ڪابل شهر ۾ جنميو هو، جڏهن شيرشاه سوريءَ کان شڪست کائي ڀڄي نڪتو هو ته ان جلاوطنيءَ دوران ھتي ٻٻرلوءِ ۾ اچي رھيو ھو. سال 947 هه/ 1540ع هو، سنڌ جي مرزا شاهه حسن جي حڪم سان سندس رھڻ لاءِ ٻٻرلوءِ کي چونڊيو ويو ۽ اتي جيڪي چار باغ مشھور ھئا، سي چڱيءَ طرح سينگاريا ويا هئا ۽ رھائش لاءِ عمديون جايون تيار ڪيون ويون ھيون. جڏھن ڄام فيروز ۽ مرزا شاهه حسن جي پاڻ ۾ لڙائي پئي ھلي، تڏھن مرزا شاهه حسن، ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، ٻٻرلوءِ ۾ اچي شڪار ڪيو ۽ پوءِ ملتان ھليو ويو هو. ارغونن جي دور ۾ ٻٻرلوءِ سنڌ جو ھڪ قديم علمي مرڪز ھو. ڏھين صدي ھجريءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھتي ھڪ وڏي درسگاهه ھئي، جيڪا “مرزائي درسگاهه” جي نالي سان مشھور ھئي. ان مدرسي جي عمارت پڻ تمام شاندار ھئي. ھمايون بادشاهه جلاوطنيءَ دوران ٻٻرلوءِ ۾ ھن مدرسي جي عمارت ۾ اچي ترسيو ھو ۽ رمضان مھيني جي 28 تاريخ 947هه مطابق 1540ع جمعي جي نماز انھيءَ مدرسي جي ڀر واري مسجد ۾ ادا ڪئي ھئائين. ھن مدرسي کي بکر جي حاڪم سلطان محمود سال 966هه/ 1558ع ۾ برباد ڪري ڇڏيو ھو .
اڄ ڪلھ اھو ئي ٻٻرلوءِ سنڌ جي سينڌ ۾ سيندور جيان سينگارجي چمڪڻ ۽ چلڪڻ لڳو آھي. ٻٻرلوءِ جاگرافيءَ جي حوالي سان پوري پاڪستان جي لنگھ طور به مشھور آھي، ھتان گذري ڪري ئي اوھان پنجاپ ۽ بلوچستان ڏانھن وڃي سگھو ٿا، ان ڪري ئي ٻٻرلوءِ وٽ لڳل ڌرڻي اسلام آبادي حڪمرانن ۽ پنجابي واپارين جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون آهن. پوري ملڪ جي تجارتي موومينٽ وارو ڦيٿو ٻٻرلوءِ وٽ جام ٿي چڪو آهي. سنڌ جي وڪيلن جي سرواڻيءَ ۾ اهو ڌرڻو هن مهل تائين پنهنجي نوعيت ۽ انداز جو هڪ منفرد ۽ باڪمال ڌرڻو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به ٽرڪ واري يا ٽرانسپورٽر جو انهن جي وقت کان علاوه ٻيو ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي. هيءُ سنڌين جو واحد ڌرڻو آهي، جنهن ۾ ماڻهن پارٽي سطح کان مٿي ٿي ڪري شرڪت ڪئي آهي ۽ اڄ تائين ثابت ڪيو آهي ته پرامن ڌرڻو هيئن هوندو آهي. ڦاٿلَ ٽرڪ ڊرائيورن جي هر وقت سار سنڀار پئي ٿيندي آهي. انهن کي برف، پاڻي ۽ ٽي ويلا کاڌو مقامي ڳوٺ واسين طرفان مهيا ڪيو پيو وڃي. ٻٻرلوءِ ڌرڻو جيڪو هڪ هزار کن ماڻهن سان شروع ٿيو هئو، اهو ڏينهون ڏينهن وڌندو ويهه هزار سنڌين جي هروقت موجودگيءَ کي مشاهد ڪري رهيو آهي. هر وقت قافلا اچي ۽ وڃي رهيا آهن. چار قافلا ڌرڻي واري پوائنٽ کي ڇڏين ٿا ته اٺ قافلا انهيءَ مهل داخل به ٿي رهيا آهن. ٻٻرلوءِ ۾ اسان جي سنڌ پنهنجي هجڻ جي زوردار تاريخ لکي رهي آهي ۽ ماڻهن جي جوش ۽ خروش کي ڏسي ڪري لڳي ايئن رهيو آهي ته اسان جا هي سنڌي سالن تائين ان ڌرڻي کي هلائڻ بلڪه وڏي ڪاميابيءَ سان هلائڻ جي سگهه رکن ٿا. مسين مسين سنڌين کي ان ڌرڻي جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي دردن، سُورن کي ٻاهر ٻاڦڻ جو رستو مليو آهي. ڌرڻي جو سڀ کان دردناڪ ۽ شڪايتي نعرو آهي … “تو سنڌ کَپائي….!” عوام جي اها شڪايت سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح ذوالفقار ڀُٽي ۽ بينظير جي روحن کي دانهن ڏيڻ واري لهجي کي اظهاري رهي آهي ۽ نظر اچي رهيو آهي ته آصف ۽ بلاول ڀٽي زرداريءَ کي هاڻ سنڌي ماڻهو هڪ نئين ميار هاڻين نگاهن سان نهاري رهيا آهن. سنڌ جا ماڻهو به سمجهن ٿا ۽ اها ڳالهه زرداري گروپ به سمجهي رهيو آهي ته آفيسرشاهي ۽ سرڪاري نوڪرن معرفت پي پي جيئن هن وقت تائين اليڪشنن جا نتيجا اسلام آبادي ڌڻين جي آشيرواد سان پنهنجي حق ۾ ڪرائي ته وڃي پئي پر آخر ڪيسيتائين …انهن جي اقتدار کي گذريل 18 سالن کان سنڌ ڀوڳي رهي آهي، ۽ ان جو سنڌ کي ٽڪي جو فائدو به ڪونه مليو آهي، هٿئون سنڌ جون ملڪيتون پي پي سرڪار فوجي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي ڳجهه ڳجهه ۾ تينوال ڪري ڇڏيون آهن. مون کي ڌرڻي ۾ هڪ پوڙهي سنڌيءَ جي ڳالهه وسري نه ٿي ته، “ابا..ويهه سال اڳ منهنجي ڳوٺ جو ڪچو رستو پٿر وجهي روڊ بڻايو ويو هو، رڳو ڇهن مهينن بعد روڊ جو پٿر اکڙي ويو ۽ اهوئي رستو جنهن تي ننڍپڻ کان هلندا آيا هئاسين، هن مهل ان تي پنڌ نه ٿا ڪري سگهون. پٿرَ پيرن کي ڦَٽي وجهن ٿا … ان ڪري روڊ جي ڀڪ ۾ الڳ سان هلڻ جا ٻنا ٺاهي، اتان گذرندا آهيون. 19 سالن کان پي پي سرڪار جا آفيسر وري ان رستي جو ديدار ڪرڻ نه آيا آهن …” اهڙيون ۽ اهڙيون کوڙ ڪهاڻيون توهان کي ٻٻرلوءِ ڌرڻي جي شريڪ سنڌين کان ٻڌڻ لاءِ ملنديون. خوشيءَ ۽ حيرت جي ڳالھ اها آهي جو سنڌي سادڙيون زائفائون ۽ شهري سنڌياڻيون وڏي تعداد ۾ جوش ۽ خروش سان ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ 24 ڪلاڪ موجود ڏسجن ٿيون. مان وساري نه ٿو سگهان، جڏهن مون ڀِڪ واري ڳوٺ جي هڪ پوڙهي ٻروچ مائيءَ کي لسيءَ جي ماٽي ۽ چانورن جون اٺ نوَ مانيون آڻي ڌرڻي ۾ ويٺلن کي ڏيندي ڏٺو. هوءَ چئي رهي هئي، “پٽَ !جيڪو غريباڻو حال آ، حاضر ڪريان ٿي .. سدا جيئو شال ”.
مان سوچي سوچي حيران ٿي رهيو آهيان، هيءَ جيڪا نئين سنڌ آرس ڀڃي ننڊ مان جاڳي اٿي کڙي ٿي آهي، ان کي ماٺ ڪرائڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ، فوج، ن ليگ يا پي پي پي وٽ هاڻ ڪهڙو رستو وڃي بچيو آهي !!!.