اکڙين جا ڳوڙھا بھار مند ۾ بارش جي ھلڪي ڦوھار جيان ساھ کي سڪون ڏيندڙ ھوندا آھن…..الفرڊ آسٽن
مان ھن مھل ملتان ريلوي اسٽيشن جي رننگ روم ۾ پنھنجي ٽرين ورڪ ڪرڻ جو انتظار ڪري رھيو آھيان، رڳو اڌ ڪلاڪ اڳ ۾ لاھور جي پنجابي ريلوي ملازمن سان زبردست قسم جو ٽاڪرو منھنجي ڪمري ۾ ٿي چڪو آھي، انھن کي ان تي اعتراض ھو ته سنڌ وارا اسان پنجاب وارن جي ھر قدم تي زمين آسمان ھڪ ڪري ڇڏيندا آھن ۽ اسان جيڪي ڪجھ به ڪندا آھيون، انھن سڀني قدمن تي سنڌ وارا اعتراض ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندا آھن. انھن ۾ ھڪ سيالڪوٽ جي پاسي وارو ريلوي ملازم به هو، جيڪو علامه اقبال ٽرين سان آيو ھو. ھن جو خيال ھو، جيئن ته اھو چولستان جي صحرا جو معاملو آھي، ان ڪري ان جي بچاءَ ۾ سرائيڪين کي اڳتي اچڻ کپي. اھو معاملو سڌو سڌو انھن سان واسطو رکي ٿو. جنھن تي سرائيڪي پٽيءَ جي ھڪ سنھڙي ٽڪيٽ چيڪر واھ جي ڳالھ ڪئي … “اسان سرائيڪي پاڻ پنجاب جي نوآبادياتي ڪالونيءَ ۾ رھي رھيا آھيون ۽ ھتي اسان جي حيثيت اھائي آھي، جيڪا آمريڪا ۾ ريڊ انڊينز کي مليل آھي، اسان جي رڳن ۾ ايتري ته غلامي ڀريل آھي جو اسان پنھنجي لاءِ آزاديءَ کي ھڪ گار جو درجو ڏيندا آھيون .. اسان کي پنھنجي غلاميءَ سان پيار آھي.. ” اتي ئي ويٺل ڊيره غازي خان جي ڊرائيور جو خيال ھو ته، “انھن اسڪيمن پوئتان جيڪي قوتون انجن جيان ڪم ڪري رھيون آھن، انھن کي پئٽرول وقت جي حڪومت فراھم ڪري رھي آھي، ۽ اھا حڪومت جنھن وٽ حڪومت ڪرڻ لاءِ نه مئنڊيٽ آھي، نه ئي ڪا اخلاقي جرئت موجود آھي ۽ نه ئي اھي پنھنجي ڪا ڳالھ مڃائڻ خاطر بارگيننگ پوزيشن ۾ آھن، ان ڪري پاڪستان جون اصل ۽ وارث قوتون انھن پتلين جي پوئتان اڱريون ھلائي اھو سڀ ڪجھ ڪري رھيون آھن. وقت جي اسٽيج تي جيڪو ڊرامو ھن مھل ھلي رھيو آھي، ان جو ڊائريڪٽر گاديءَ جي شھر جي ڀڪ ۾ پنھنجي پوري طاقت سان موجود آھي ۽ انھن پتلين جي ھر حرڪت تي نظر رکي رھيو آھي”.
اسان جو ھڪ ساٿي، جيڪو ‘ايڪس’ ڪامريڊ رھيو آھي، ان چيو ته ان جو مطلب اھو ٿيو ته ھتي اسان جي زندگي ھڪ بڪواس ڊرامي جي حصي ٿيڻ کان الڳ ڪجھ به ڪونھي، اسان جي رڳن ۾ نشي جي اھڙي ته ڪا دوا انجيڪٽ ڪري ڇڏي اٿن، جنھن سان اسان ڏسون ته سڀ ڪجھ پيا پر ڪجھ ڪڇڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جي نه ته طاقت ۾ آھيون ۽ نه ئي ان جي اجازت مليل آھي. جڏھن ته منھنجو خيال ھو، جيڪو مون اتي پيش به ڪيو ته ڪجھ قوتون ڄاڻي ٻُجھي پاڪستان جي اِڪائين ۾ تفرقو وجھي پنھنجو اھو ڪم ڪري ڇڏڻ جي چڪر ۾ ڏسجي رھيون آھن، جيڪو ڪم ھونءَ ڪنھن به ريت عام حالتن ۾ ڪرڻ ناممڪن ھجي ھا … چئني پاسن کان ايترا ته معاملا اٿاريا ويا آھن، جو پورو پاڪستان ھڪ چئوڏول جيان ابتو ڦرڻ لڳو آھي، ان ھنگامي ۾ جنھن کي جيڪو ڪجھ ڪرڻو ھوندو اھو خاموشيءَ سان ڪري ھليو ويندو. تنھن تي ھڪ بجليءَ جي مڪينڪ سوال اٿاريو ته ان سڄي معاملي جو ڪرنٽ ڪٿان پيو اچي؟ اچو ته ان جي ڳولھا ڪريون …مون چيو ته اھو ڪرنٽ پنڊيءَ جي ڪوٽن پوئتان ھڪ گرڊ اسٽيشن تان ڇڏيو ويو آھي، جنھن جي نگھبانيءَ جا فرائض ايوانِ صدر ۽ ايوانِ وزيراعظم جي حوالي آھن ۽ انھن اھا بندوق سِويلين سيٽ اپ جي ڪلھي تي رکي آھي. اھو سويلين سيٽ اپ رڳو نالي ۾ جمھوري آھي، ان جمھوري دائري ۾ انھن پارٽين جي پنھنجي اُڻت انھن جي باني خاندانن چوڌاري ڦري رھي آھي. پاڪستان جون ٽن مان ٻه وڏيون پارٽيون پنڊيءَ جي نرسريءَ مان ڄڻائي، تاتي جوان ڪيون ويون آھن، جڏھن ته پ پ پنھنجي شھيدن کي ھر اليڪشن ۾ وڪڻڻ ۽ ان جي موٽ ۾ وفاق کان پنھنجي حصي گھرڻ تي اڄ ڏينھن تائين لڄي نه ٿي آھي ۽ ھن جي واڳ ڌڻين شھيد ڀُٽي ۽ بي بي جي وراثت جو گلُ وڏي نؤدپڻي سان لانگ بوٽن جي ڀڪ ۾ رکي خوشي محسوس ڪئي آھي. ھاڻ زيڊ اي ڀُٽي واري پ پ بينظير جي دڳ کي ڇڏي ھڪ موقعي پرست پارٽيءَ جو روپ وٺي چڪي آھي.
ھڪ پنجابي نوجوان، جيڪو تازو تازو ٽڪيٽ چيڪر ٿيو آھي، ان جو خيال ھو ته اوھان سنڌين کي انھن ڪئنالن تي ڇا جو اعتراض آھي، جڏھن ته اھو پاڻي اسان پنھنجي حصي مان ڏئي رھيا آھيون. جنھن تي مون کيس سمجھائيندي وراڻيو، پيارا ماڻھو جيڪڏھن پنجاب اسان جي اعتبارَ جو جنازو نه ڪڍي ھا ته اڄ شايد معاملو سيبتائيءَ سان حل ٿيڻ لاءِ ۽ مڪالمي لاءِ ڪنھن لائق فورمَ تي رکيل ھجي ھا ۽ اتي سچائيءَ سان ھڪ ٻئي جي ڳالھ ٻڌي ۽ ان جو حل ڪڍجي ھا، پر پنجاب شروع ڏينھن کان سنڌ کي پنھنجي اکين آڏو ھڪ دشمن جيان بيٺل ڏٺو آھي، سنڌ جي ھر ريسورس ۽ معدنيات تي، ڀلي اھو پوءِ تيل جي ھجي، گئس جي ھجي يا ٻي ڪا معدنيات ھجي، پنھنجي وفاقي سيٽ اپ جي اثر وارن محڪمن ذريعي سنڌ جي رڳن مان اھا معدنيات رت جيان ڪڍي پنجاب منتققل ڪئي آھي، جنھن جي تصديق ۽ اعتراف ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي رومال جي اڳڙين جھڙي وزيراعليٰ ڀري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو ھو.
ان پنجابي نوجوان جو خيال ھو ته اھي سڀ ھوائي ڳالھيون آھن. تنھن تي مون کيس چيو ته اھو اوھان جي روايتي ڪن لاٽار جو ھڪ انداز آھي.. اوھان جيڪڏھن وڏا ڀاءُ ھجو ھا ته ننڍي ڀاءَ جي احساسن، ضرورتن ۽ جذبن جو خيال رکو ھا پر افسوس اھو 1947 کان اڄ ڏينھن تائين ٿي ڪونه سگھيو. پيارو ڳوٺ ضلعي دادوءَ ۾ آھي پر اتي جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ ننڍي کان ننڍو مزدور به مقامي سنڌي ڪونھي، اھو مزدور به پنجاب کان اچي روھڙي اسٽيشن تي لھي ٿو، اتان موھين جو دڙو ايڪسپريس ۾ چڙھي پيارو ڳوٺ پھچي ڊيوٽي ڪري پنھنجي مھيني جي پگھار پنجاب موڪلي ٿو. ان ويساھ گھاتيءَ جو اوھان وٽ ڪھڙو جواب ھوندو…. ظاھر آھي ان جو ھن وٽ ڪوبه جواب ڪونه ھو.
ٺيڪ ان مھل اسان جو پراڻو دوست ڪامريڊ نظير منگي به ٽرين وٺي ملتان پھچي ويو ۽ ٿڪ لاھڻ لاءِ تڙ ڪرڻ کان اڳ ۾ اسان سان ويھي رھيو ۽ پنھنجي آڏو ويٺل ھڪ ايس ٽي ايءَ کي ڪلھي کان لوڏي پنجابيءَ ۾ چوڻ لڳو ..مٺا سائين اسان جو لفظ سائين به توھان کي نه وڻندو آھي ۽ اوھان “سائين” پنجاب ۾ مجذوب ۽ پاڻ وساريل فقير کي چوندا آھيو پر اسان اھو سائين لفظ “موسٽ ريسپيڪٽ” جي مفهوم ۾ اوھان سڀن لاءِ استعمال ڪندا آھيون پر ان جو اھو به مطلب ڪونھي ته اسان بيوقوف يا مجذوب آھيون، اسان ھاڻ ھڪ جاڳندڙ قوم آھيون ۽ اسان جون اکيون ھاڻ اوھان کي رات جي آخري پھرَ ۾ به کُليل ملنديون، ڇو ته اسان کي خبر پئجي وئي آھي ته اسان جي وچ ۾ اسان سڀني اڪائين کي ويڙھائي فائدا ڪير وٺي رھيو آھي، ھاڻ اسان جاڳيا آھيون. ٺيڪ آھي دير سان جاڳيا آھيون پر جاڳيا آھيون ۽ جاڳي پنھنجي ڌرتيءَ تي پھرو ڏئي رھيا آھيون … اوھان پنھنجا ٽي درياءَ ھندستان کي ڏئي ڪري جواز ڏئي رھيا آھيو ته اھي به پنجابي آھن، ان پاسي به ھڪڙو پنجاب آھي، اسان پنجابين جو به ورهاڱو ٿيو آھي، ڀلي اھي ستلج، راويءَ ۽ بياس دريائن جو پاڻي پيئن … اسان پنجابين وٽ وٽ سنڌو درياءُ آھي نه، ان جي پاڻيءَ تي اسان جو به ايترو ئي حق آھي، جيترو سنڌ جو آھي…. اوھان بلڪل غلط آھيو، ھي سنڌو درياھ اسان جي لائف لائين آھي ۽ ان سان کيشٽ ھڪ سنڌي ڪڏھن به برداشت ڪونه ڪندو ۽ ٻي ڳالھ ته ڊڄو ان ڏينھن کان جڏھن اوھان کي اسان جي سنڌ ڏي ويزا وٺي اچڻو نه پوي، ان ڪري سڌري وڃو … سُڌري وڃو … مون محسوس ڪيو ته اسان جي نظير جو چھرو ڳاڙھو ٿي ويو ھو ۽ ھُو بيحد ڏکايل نظرجي رھيو ھو … مون ڏٺو ته اسان جي ريلَ جا سرائيڪي ۽ پنجابي دوستَ ھڪ ھڪ ٿي ڪري اھو چئي اٿي رھيا ھئا ته، “ڊيوٽي ڪا ٽائيم ھوگيا ھي”…
اوچتو منھنجي اکين ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ وارو ھڪ منظر تري آيو. مان سکر بئراج جي ساڄي پاسي دادو ڪئنال جي ريگيوليٽر جي ريلنگ کي وٺي اولھ طرف لھندڙ سج جا فوٽو ڪڍي رھيو ھوس جو سکر بئراج اڳيان سنڌو درياءَ جي ڇولين وچان ھڪ ڊالفن منھن ٻاھر ڪڍيو ۽ اولھ طرف لھندڙ سج کي ڄڻ ته پنھنجي انداز سان الوداع ڪيائين.
مارچ جي مھيني ۾ سکر بئراج اڳيان سنڌوءَ جي شير درياھَ ۾ ايترو ئي پاڻي نظر اچي رھيو ھو، جيترو پاڻي ڪنھن سھاڳڻ جي اکين ۾ پنھنجي ور جو اوسيئڙو ڪندي ٽمندي نظر ايندو آھي، تنھن کي به ھوءَ پنھنجي پوتيءَ جي ڪنڊ سان اگھي تئي تان ماني ورائڻ لڳندي آھي.