“پوڙھا سياستدانَ جنگ ڇيڙي ڇڏيندا آھن مگر جنگ جو کاڄ سدائين نوجوان ٿيندا آھن، جن کي سرحدن تي ويڙھايو ويندو آھي”…. آمريڪا جي 31ھين صدر ھربرٽ ھُوور جي اھا ڳالھ سئو سيڪڙو سچ آھي..سدائين ايئن ٿيندو آھي جو ڪن ماڻھن کي ھر شئي جو حل رڳو جنگ ۾ نظر ايندو آھي ۽ اھي اھڙو ماحول جوڙي وٺندا آھن جنھن سان جنگ جو جنون سر چڙھي ڪري ٻولڻ شروع ڪندو آھي. جيئن اڄ ڪلھ ھر پاسي جنگ جنگ جي راند شروع ڪئي وئي آھي .. خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ماڻھن پاڻ مرادو پنھنجي ھٿن ۾ توپون، ميزائل ۽ ايٽم بم کڻي ورتا آھن ۽ مخالفن تي بمباري شروع ڪري ڏني آھي، ڌرتيءَ مٿان في الحال ھيءَ جنگ پنھنجي ابتدائي فيز ۾ ھلي رھي آھي، (ڪالهه کان آمريڪي صدر ٽرمپ جي مداخلت تي ٻنهي ملڪن ۾ جنگبندي ٿي وئي آهي)، مگر ان جنگ جو عجيب پاسو ھي به آھي جو پاڙيسري ملڪ جا ڊرونَ سکر ۽ گھوٽڪيءَ تائين بمَ کڻي پھچڻ لڳا آھن، اھا اسٽريٽجي اسان ڪنھن به ملڪَ جي جنگ ۾ نه ڏٺي آھي. جديد ٽيڪنالاجي پوري طاقت سان جنگ جي باھ ۾ اضافا ڪري رھي آھي. اسان جو عوام ايترو ته روئنشي باز آھي جو سيريس کان سيريس ماحول ۾ به پنھنجي عادتن کان باز ڪونه اچي رھيو آھي، ڀارت جي سپرسانڪ جھازن جو آواز ٻڌي ھي ماڻھو پنھنجي ٿري ناٽ ٿري رائفلن سان ٻاھر نڪري ڪري انھن جھازن تي فائرنگ ڪري ڏين ٿا، اھا جذبات آھي الائي ڪنھن به خطري ۾ ڪُڏي پوڻ واري عادت .. بھرحال ھن مختصر جنگي جنون ماڻھن کي به ڄڻ ته مصروف ڪري ڇڏيو آھي. جنگ پنھنجي جوھر ۾ ڪيڏي نه خطرناڪ ۽ نقصانڪار آھي، اھو ڪو جاپانين کان پُڇي ڏسي، ٻي عالمي جنگ ۾ سِولين ۽ عوام کي نشانو بڻائڻ مھل آمريڪا سرڪار جي اڳيان ڪوبه رڪاوٽ ٿي نه بيٺو ۽ ھن جيڪو چاھيو ان جي قيمت نه رڳو جاپان جي حڪومت کي ڀوڳڻي پئي پر ان کان ھزارين ڀيرا وڌيڪ جاپان جي عوام ان ائٽمي جنگ جي تباھڪارين کي ڀوڳيو… ھن مھل به اھوئي جنون اسان جي پاسي جي ھنن ٻنھي ملڪن جي گھٽي گھٽيءَ ۾ راڪاس جيان رڙي رھيو آھي.. رات سوشل ميڊيا تي ڏسي رھيو ھيس ته اسان جي پاسي وارا ماڻھو انڊيا جي ڊرونن کي ڪيرائڻ لاءِ بندوقون ۽ رائفلون استعمال ڪري رھيا آھين. جنگ جو جِن لڳي ٿو ھاڻ ڪر موڙي پوري طاقت سان جاڳي پيو آھي، رات کان خبرون آھن ته اسان وارن جوانن انڊيا ۾ کوڙين جاين تي ميزائل فائر ڪيا آھن ۽ ايئن ڪري باقاعدي سان ھڪ خونريز جنگ جي شروعات ڪري ڇڏي آھي، ھاڻي ان جنگ جو عارضي انت في الحال ته ٽرمپ جي ٽياڪڙيءَ سان جنگبنديءَ جي صورت ۾ ٿي ويو آهي. ان جي ڪابه لَکا ڪانه پئجي رھي آھي ته اڳتي ڇا ٿيندو. ارونڌتي راءِ ھن ننڍي کنڊ جي اھا ليکڪا آھي، جنھن کي ٻنھي ملڪن جا مثبت سوچ رکندڙ ساٿي پيار سان پڙھڻ پسند ڪندا آھن، ارونڌتيءَ جو مئوقف سدائين حقيقي ۽ حڪومت خلاف ڪنھن چارج شيٽ جيان صاف صاف ھوندو آھي..ھوءَ پنھنجي ناول “پتڪڙن شين جو خدا” ۾ لکي ٿي ته جنگ ھڪ اھڙي بلا آھي، جنھن ۾ توھان کي وڙھندڙن سان محبت ٿي ويندي آھي ۽ ايتري تائين جو توھان ان لاءِ پنھنجي پاڻ سان نفرت به محسوس ڪرڻ لڳندا آھيو. ارون ڌتي راءِ جي ان راءِ کي اڳتي وڌائيندي مان ايئن به چوڻ چاھيان ٿو ته جنگ ھڪ اھڙي ڌٻڻ آھي جنھن ۾ لھڻ لاءِ قومي ميڊيا تي رڳو ھڪ ننڍڙي ھلچل مچائڻ جي دير آھي، ان بعد اوھان ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيئي ويھي رھو ۽ پنھنجي اڇليل ان بال کي کيڏندڙن جي پيرن ۽ ھٿن ۾ گھوماٽيون پائيندي ڏسو ۽ انجواءِ ڪيو.. جنگ جو جنون پنھنجي اندر ۾ ڪيتريون نه تباھيون کڻي اچي ٿو، اھو سوچڻ نه اسلام آبادين جو مسئلو آھي ۽ نه ئي دھلي وارن جو.. انھن پوڙھن سياستدانن لاءِ جنگ ايندڙ اليڪشن کٽن جي اسٽريٽجي به ٿي سگھي ٿي ته طاقتور ملڪن پاران مليل طاقتور ھٿيارن جي آزمائش جو پيمانو به … ۽ اھو پيمانو ھن مھل پوري دنيا ۾ صاف صاف نظر به اچي رھيو آھي. فرانس جي رافيل جيٽ جھازن کي پاڪستان پاران ڪيرائڻ بعد فرانس جي ان ڪمپنيءَ جا دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شيئرز گھٽجي ويا آھن. ان جي مقابلي ۾ چين جي جي ايف ٿنڊر جھاز جي ڪامياب حملن بعد ان جھاز ٺاھيندڙ ڪمپنيءَ جا حصص ھن وقت آسمان تي پھچي ويا آھن. مان ھتي رڳو انگ اکر رکان ٿو … جنگ جي ھولناڪين جي قيمت ھميشه ڪير ادا ڪندو آھي، اھا سڀن کي خبر آھي. ظاھر آھي عوام … اھو عوام جيڪو ٻنھي وڙھندڙ ملڪن ۾ اڳ ئي ھڪ ويلي جي مانيءَ لاءِ ھلاک آھي.. ھيءَ جنگ جيڪڏھن رڳو چار ھفتا جاري رھي ٿي ته ھندستان ۽ پاڪستان جي جي ڊي پيءَ جو 20 سيڪڙو ٻاڦ بڻجي اڏامي ويندو ۽ ان دوارن رڳو ملٽري پروسيجر کي قائم رکڻ جي لاءِ به روزاني جو خرچو 670 ملين ڊالر آھي ۽ ٻنھي ملڪن جي فوجن کي رڳو سرحدن تي بيھي ھڪ ٻئي کي پنھنجيون اکيون ڏيکارڻ لاءِ ئي ھي سئودو بي انتھا مھانگو پوندو. ھي رڳو معاشي نقصان جو ڪاٿو آھي. اگر ان ۾ انسان نقصان ۽ انفرااسٽرڪچر جي تباھيءَ جو حساب به جي شامل ڪجي ته ڳالھ الائي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي.
تازو تازو سيالڪوٽ بارڊر تي ھڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن کي فورن خالي ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو آھي ..انھن ڳوڍڻ ۾ ڪراس بارڊر فائرنگ ۽ ڌماڪن جا خوفناڪ آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي رھيا آھن .. گولاباريءَ جي ڪري سڄي رات آسمان ٻرندڙ جھنگ جھڙو ڏيک ڏيندو آھي..توھان پاڻ فيصلو ڪيو لکين ماڻھو پنھنجي مال متاع ۽ ٻچڙن سان ڪيئن پنھنجي گھرن مان نڪرندا ، جڏھن اھا به خبر ھجي ته اڳيان ڪابه ڪئمپ ناھي، بس رڳو شھر خالي ڪريو جو نوٽيس نڪتو آھي، ان بعد توھان ۽ توھان جي خاندان يا مال مويشين جو ڇا ٿيڻو آھي ان ڳالھ سان حڪومت يا فوج جو ڪوبه واسطو ناھي ..انھن سرحدي ڳوٺن ۾ ڪڻڪ جو فصل پچي راس ٿيل آھي. رڳو لڻي ڪري ٿريشر ھڻائڻو آھي، اسڪول ڪاليج سڀ بند ٿي چڪا آھن، سرحدن تي رڳو انھن غريبن جا ئي گھر ھوندا آھن، جن جي ڪنھن به شئي جي ڪا انشوئرنس نه حڪومت وٽ آھي نه ئي فوج وٽ … سمورا ڪاروبارَ بند ٿي ويندا، معاشي سرگرميون ٺپ ٿي وينديون ته عوام ڪٿان کائيندو ان جي اڳواٽ ڪابه رٿابندي ڪان آھي، خدا نه ڪري جيڪڏھن انڊيا ڪنھن به ريت ڪراچيءَ جي بندرگاھَ کي نقصان رسائي ٿو ۽ ان جا چٽا امڪان به نظرجن ٿا ته سڄي ساري ايڪسپورٽ امپورٽ بند ٿي ويندي ۽ اسان سڀ ھڪ بند ڳليءَ ۾ ڦاسجي رھجي وينداسين. شايد اوھان کي ياد ھجي ته ڪيئي سال اڳ …آمريڪي رسالي سائنس ائڊوانسز 2019 ۾ پاڪستان ۽ ھندستان وچ ۾ جنگ جو انومان ظاھر ڪندي ھڪ تحقيقي رپورٽ شايع ڪئي ھئي جنھن جو عنوان ھيو ھندستان ۽ پاڪستان ۾ائٽمي ھٿيارن جي تيز ترين ڊوڙ ۽ ان جا خوفناڪ نتيجا… ڪولوراڊو يونيورسٽي، رٽگرز يونيورسٽي، ڪيليفورنيا يونيورسٽي، لاس اينجلز ۽ ٽيڪسان يونيورسٽي جي ماھرن ان امڪان جو جائزو ورتو ھيو ته 2025 ۾ جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ائٽمي جنگ ڇِڙي پوي ته پوري دنيا تي ان جا ڪھڙا اثرَپوندا … اھا رسرچ چوي ٿي ته جيڪڏھن جيڪڏھن ھندستان ۽ پاڪستان ۾ ائٽمي جنگ ڇڙي پئي ته ھڪ ئي ڌڪ ۾ ڏھ ڪروڙ انسان ھوا بڻجي اڏامي ويندا، ھزارين سيلسيس ڊگريءَ جي شديد گرميءَ ۾ ھر جاندارَ جي ھڏن تان ماس روڙجي اڏامي ويندو ۽ اھي رڳو پڃرن جي صورت ۾ پيل رھجي ويندا، ائٽمي حملن جي ڪري لکين ٽن ڪاربان خارج ٿيندو ۽ زھريلي ڪارباني دونھين جا بادل چند ڏينھن ۾ ئي پوري دنيا کي ويڙھي وٺندا ، جنھن سان سج جي روشني 30 سيڪڙو غائب ٿي ويندي ۽ عالمي طور تي گرميءَ جو پد 2 کان 5 سينٽي گريڊ تائين گھٽ ٿي ويندو، جنھن سان فصلن ۽ سبزين جي پوکيءَ ۾ ڏکيائي ٿيندي ۽ ھڪ عالمي بک يا قحط جو ماحول جُڙي ويندو.. ان تحقيق ۾ اھوبه چيو ويو آھي ته ان جنگ جي اثرن کي گھٽ ٿيڻ يا ختم ٿيڻ ۾ ڏھاڪو کن سالَ لڳي ويندا. ھونءَ به سرمائيداري نظام کي جنگيون ھميشه سُوٽ ڪنديون آھن ۽ انھن جو آخري ھٿيار به جنگ ئي ھوندي آھي، جنھن ۾ ڪارپوريٽ دنيا پاڻ ۾ وڙھندڙ ملڪن کي اربين رپين جا ھٿيار وڪڻندي آھي ۽ منافعو ڪمائيندي آھي، ھونءَ به ڪارپوريٽ دنيا کي ڪسٽومر کپن ٿا ..
مان رات کان حيرت وچان ڏسي رھيو آھيان، منھنجي شھر سکر جا ماڻھو پوري طرح سان جنگي جنون جي ور چڙھيل نظرجي رھيا آھن، رات کان وٺي سوشل ميڊيا تي انھن جون پوسٽون ۽ وائس نيريشنز ٻڌي ايئن لڳي رھيو آھي ڄڻ اھي ھڪ نئين دنيا مشاھد ڪري رھيا آھن ، جيئن ته ان ٽھيءَ عملي طور تي ڪنھن به جنگ جي ھولناڪين کي سھن ڪيو ئي ناھي، اھا ٽھي جيڪا 1971 کان پوءِ پئدا ٿي آھي، ان لاءِ ھيءَ جنگ رات جو آسمان ۾ جنگي جھازن جي شور ۽ انھن جي اڇلايل بمن جي اکين کي خيرو ڪندڙ روشنين جو گلئمر آھي، انھن ڪڏھن به جنگين کي ھيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي عوام جيان پنھنجي جسمن ۽ روحن تي داغن جيان ڀوڳيو نه آھي ان ڪري ائين لڳي رھيو آھي سڀ ڪو جنگ جنگ جي ڪوڏي ڪوڏي راند کيڏڻ جي گليمر ۾ وٺجي ويو آھي .. ويندي ويندي مان آخر ۾ ھڪ رٽائرڊ فوجي جنرل جو ھڪ ٽويٽ ھتي رکان ٿو جنھن مان خبر پئجي سگھي ٿي ته اسان ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھيون.. “جيڪڏھن ٻئي ملڪ ھڪ ٻئي خلاف جوھري ھٿيارن جي استعمال جي غلطي ڪري وجھن ٿا ته ٻنھي ملڪن جو ھڪڙي ملڪ طور وجود ختم ٿي ويندو، ائٽمي حملن بعد ٻئي ملڪ ھڪ ٻئي کان ويڙھ جو بدلو وٺڻ جي لائق به نه رھندا”.
مان پنھنجي ھن ڪالم جي انت ۾ سڀني سڄاڻ ساٿين کي چوڻ چاھيان ٿو ته ھڪ ليکڪ طور اسان کي ٻنھي ملڪن جي عوام کي Big No to War چَوِرائڻ ۾ اڳرائي ڪرڻ کپي.