ھڪ جپسي ڪالم … لاکين جو دڙو ۽ سکر جي شامَ

0
38
ھڪ جپسي ڪالم ... لاکين جو دڙو ۽ سکر جي شامَ

سج جو اداس ڳاڙھسرو ٿالھُه ھوريان ھوريان اولھه پاسي ڊيھن ۽ فراشن جي ڳوٺ مٿان چند گامَ پرتي نم جي وڻن جي ھڪ جھڳٽي پوئتان الوپ ٿي رھيو آھي ۽ مان سنڌي سڀيتا جي پيشانيءَ جي ٽِڪي جھڙي ھڪ جھريل ۽ يتيمي ڏيک ڏيندڙ“لاکين جي دڙي” تي اڪيلو بيٺو آھيان .ان جاءِ جو چئني پاسن کان پٺاڻن  گھيراءُ ڪري ورتو آھي، اتي انھن جون جھڳيون ۽ ڪجھه پڪا گھر ٺھيل آھن. انھن افغاني پٺاڻن ھتي به تاريخ جي ھن املھه ماڳ کي مدد خان پٺاڻ جھڙن جيان چئني پاسن کان گھيرو ڪري ورتو آھي.  مان ياد ڪيان ٿو سائين غلام مصطفي شرَ جا اھي جملا جيڪي ھن کوڙين سال اڳ، ڪنھن ٽي وي چئنل تي لاکين جي دڙي تي بيٺي بيٺي ادا ڪيا ھئا.

                  “ھي جيڪو لاکين جو دڙو آھي، اھو ھن ڌرتيءَ تي نيوليٿڪ دئور (پٿر جو جديد دئور جيڪو 7000 سال کان ھلي 1700 بي سيءَ تي ختم ٿئي ٿو) جو ماڳ آھي، ھي اھو دئور آھي، جڏھن دنيا ۾ زراعت جي شروعات ٿي ھئي ۽ مال ڌارڻ جو رواج پيو ھو. موھين جو دڙو ۽ ھڙاپا، اسان جي ھن لاکين جي دڙي کان بعد وارا ماڳ آھن.ھتان اسان کي پينٽنگس مليون آھن ۽ ھڪ اھڙي مُھرَ به ملي آھي جا، 9000 سالَ پراڻي آھي ۽ مھرڳڙھه ماڳَ جي دئور جي آھي (مھر ڳڙھه جي سائٽ سبيءَ کان 30 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي بولان نديءَ جي اولھائين پاسي آھي) ، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سکرَ جو بنياد نَوَھزارسال پراڻو پيل آھي ۽ بجا طور تي سکرسنڌ جواھو شھر آھي جيڪومسلسل آباد رھندو آيو آھي.موھين جو دڙو برباد ٿيو ته ماڻھو ٻين شھرن ڏانھن ھليا ويا ۽ ھڙاپا برباد ٿيو ته اتان جا رھواسي به اتان لڏون پلاڻي ويا  پر سکر اڄ به اتي ئي آھي جتي نَوَ ھزار سالَ اڳ ھيو.”

ھن ماڳ کي ڳولڻ ۽ ان جي کوٽائي ڪري محفوظ بڻائڻ جو سھرو بجا طورَ تي لطيف يونيورسٽي خيرپور جي آرڪيالاجي شعبي جي سر تي سجائي سگھجي ٿو. شعبي جي چيئرمين سائين قاصد حسين ملاح ۽ ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ استادن 2006ع ۾ لڳاتار کوڙين ڏينھن ھن سائيٽ تي ڪم ڪيو ۽ ھتان کوڙ سارا آرٽيفيڪٽس ڪٺا ڪري ڊپارٽمينٽ جي ميوزيم ۾ محفوظ ڪري رکيا.

300 ھيڪٽرس تي ڦھليل سکر جو ھي ماڳ ھن مھل مشڪل سان ڪجهھ ويسن ۾ وڃي بچيو آھي، ضلعي حڪومت کي سوچڻ کپي ته ھن ماڳ کي ڪيئن محفوظ ڪري سگھجي ٿو . سوچڻ جي ڳالھه ته اھا به آھي ته سکر جي خورشيد شاھه جو نئون بنگلو ته کوڙين ايڪڙن ۾ ٺاھيو ويو آھي پرسکر جي ھن ماضيءَ جي مزارَ جھڙي ماڳَ جا چند ويسا به اڄ محفوظ ناھن ۽ نه ئي ھن سائيٽ چوڌاري ڪا بائونڊري وال ٺاھي وئي آھي. مدد خان پٺاڻ جا وارث اڄ به ھن املھه ماڳَ کي چئوڌاري ورايون بيٺا آھن ۽ ممڪن آھي ڪجھه عرصي پڄاڻان اھا ننڍڙي سائيٽ ڪنھن پٺاڻ جي گھرَ جو اڱڻ بڻجي وڃي ۽ پوءِ اسان سنڌي بک ھڙتالن تي ويھي حڪومتَ کي پيا گذارشون ڪيون ته قبضي خورن کان اسان جو ماضي واپس ڇڏرائي ڏيو.

سنڌ جو ماضي جيترو شاھوڪار ۽ دنيا جي تھذيبن ۾ ھڪ منفرد ۽ اعليٰ مقام رکي ٿو، ان جو مثال تاريخ جي ڀول ڀلين ۾ گھٽ ئي ملي ٿو، ھتان جا شاھوڪار شھرَ دنيا ۾ ڪٿي به ڪونه ھئا، ايتري تائين جو دنيا جون ٻيون تھذيبون به کوڙين صديون بعد ۾ پروان چڙھيون.

 مون کي ياد آھي 1993ع ۾ اسان آرڪيالوجي شعبي جا شاگردَ جڏھن موھين جي دڙي جي تعليمي وزٽ تي ويا ھياسين، اتي پھچي محسوس ٿيو ھو، موھين جي دڙي جون ڀتيون اڄ به يعني پنج ھزارَ سالَ گذرڻ باوجود به ڄڻ ته ھوريان ھوريان ساھُه کڻي رھيون آھن ۽ ڳلين ۾ اڄ به اھائي چھل پھل آھي جيڪا ھزارين سالَ اڳ ۾ رھندي ھئي.گھرن اڳيان وڏا وڏا ٺلھه ٺھيل ھئا جن لاءِ اسان جو محترم استاد سائين مختيارقاضي صاحب ٻڌائي رھيو ھو ته اھي ٺلھه کوھه آھن جيڪي جاين جي مٿين ماڙَ تي پاڻي ڇڪڻ لاءِ ٺاھيا ويا ھئا ۽ يعني اسان جا پراچين سنڌي ايترا ھوشيارانجنيئر ھئا جو اڄ وانگر پاڻي ڀرڻ لاءِ مٿين ماڙَ مان ھيٺ ڪونه لھي ايندا ھيا.  اڳتي وڌياسين ته گريٽ باٿ اڳيان اچي وئي ، جنھن لاءِ مئڊم مستور گل ٻڌائي رھي ھئي ته ھي شھرَ جو وڏو حمام ھوندو ھيو جنھن ۾ پاڻيءَ جي داخلا ۽ نيڪال سسٽم تارڪول ٽيڪنالاجيءَ سان جڙيل ھيو، جڏھن پاڻي گھڻو اچي ويندو ھيو ته نيڪال ٿي ايترو بچندو ھيو جيتري جي گھرج ھوندي ھئي ۽ جي پاڻيءَ جي سطح ھيٺ ٿي ويندي ھئي ته ان وال تان پاڻي اندر اچي تلاوَ جي سطح کي برابر ۽ گھرج آھر بڻائي ڇڏيندو ھو.

مان دوستن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته ھن سال 2022ع ۾ جيڪي ھوش وڃائيندڙ بارشون سنڌ ۾ پيون انھن لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو سنڌ ٻوڙي ڇڏي پر ڪمال جي ڳالهھ اھا ٿي جو موھين جي دڙي جي ڳلين ۾ ڪنھن به جاءِ تي ھڪ ڦڙو پاڻي به ڪونه بيٺو ۽ قديمي شھر کان ٻاھر خارج ٿي ويو. 5000 ھزار سال پراڻي شھري زندگيءَ جي اھا پلاننگ اڄ به سنڌ جي ڪم آئي آھي.

گريٽ باٿ وٽ بيٺي بيٺي مون کي ڏکڻ طرف بانسريءَ جو بي انتھا مٺڙو سُر ڪنين پيو، مان ھوريان ھوريان اوڏانھن وڌي ويس، ڇا ڏسان ته ھڪ ڌنار ٻڪريون چاريندي چاريندي کبڙَ جي ھڪ ڄامڙي وڻ ھيٺيان ويٺو بانسري وڄائي رھيو ھو، ڇا ته ان بانسريءَ جو سُر ۽ سرور ھيو، منھنجي دل به “مِيران برھڻ” جيان مسرور ۽ بي خود ٿي وئي . بانسري بند ٿي ته سڄو سحر ڄڻ اوچتو ئي اوچتو ٽٽي پيو، پڇيومانس ڪٿان جو آھين ، ٻڌايائين ته ڀِڪ واري ٻلھڙيجي

ڳوٺَ جو پيرزادو آھيان، مون پڇيو سائين انور پيرزادي کي سڃاڻين ته

وراڻيائين اھي ڪڏھن ڪڏھن ايندا آھن، ڪراچيءَ لڏي ويا آھن. مون ھن کي ڀاڪر پاتو ۽ موڪلايو.

ڪالمَ جي انتَ ۾ مان سکر جي سينئر وڪيل ۽ ڳوٺ ميانداد کوسي جي رھواسي سائين شبير کوسي جا ھي لفظَ ورجايان ٿو جيڪي ھن پنھنجي فيس بوڪ وال تي لکيا آھن.

“سنڌ سان محبت ڪندڙ سڀني ساٿين کي گذارش آھي ته ھن سال سنڌ جو ڏينھن،  اسان جي سکر شھرَ جي يتيم پراچين ماڳَ “ لاکين جي دڙي جي نالي” ڪري ملھايو وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ جو اھو وسريل حسن ٿورو گھڻواجاگر ٿي اچي”. منھنجو خيال آھي سکر جي ھن جاکوڙي وڪيل جي ھيءَ التجا ڪا ايڏي وڏي به ناھي جو “ڪنھن ٻئي سال” چئي ٽاري ڇڏجي.

[email protected]