ھڪ جپسي ڪالم … شمس آباد جي ھڪ بابُوگھٽي

0
44
ھڪ جپسي ڪالم ... شمس آباد جي ھڪ بابُوگھٽي

چاچا عباس يعني ٽڪيٽن وارو بابُو به ڪالھه انتقال ڪري ويو، ھو ڪلاسڪ ريلوي جي ڪلاسڪ عھد جو اڪيلو اکين ڏٺو شاھد ھو، سائين ادل سومرو جي پاڙي ۾ ھڪ گھر جي ڪنڊ واري ڪمري جي اڪيلي کٽَ تي ، سيرانديءَ ويھاڻو ڏيئي ھو اکيون ٻوٽي اسان جي ريلوي جي ان دئور کي ياد ڪندو رھندو ھو، جنھن ۾ سڀ خوش ۽ مسرور ھوندا ھيا، ڇا ملازمَ ۽ ڇا مسافرَ. بنا ڪنھن فرق جي ھُو سڀني کي سيٽن برٿن تي ويھارڻ ۾ مگن رھندو ھو . ھن جي وفات کان ٻه ڏينھن اڳ اسان جي يار ڪامريڊ مشتاق جي پنھنجي ان گُرو ديو سان ملاقات ٿي ھئي، اھا ملاقات ڄڻ ھڪ دريءَ جيان ماضيءَ جي ريلوي طرف کلي پئي ھئي، ھُو پراڻيون ڳالھيون ڪندي ڪندي ڪنھن ابھم ٻارَ جيان ٽھڪن ۾ پئجي ويو پئي. ڪامريڊ مشتاق ان ملاقات بعد اسان کي پنھنجيون يادگيريون ٻڌائيندي ٻڌائيندي ڄڻ ڪنھن ڳھرَ ۾ گم ٿي پئي ويو ته ريلوي جا چاچا عباس جھڙا ملازم ھڪ ته بنھه ٿورڙا ھيا ۽ اڄ به ٿورڙا ئي آھن انھن کي ريل جي ملازم جي مشڪلاتن جو احساس ھوندو ھو، ھو ٻين ٽڪيٽ چيڪرن جيان مسافرن کي يکيون نه ڏيندو ھو ۽ جيڪڏھن ٽرين ۾ ٽڪيٽ چيڪنگ دوران ڪا زائفان زال ، ڪوغريب يا معذور مسافر بغير ٽڪيٽ جي ملي به پوندو ھو ته ھُو ان کي نظرانداز ڪري ٻين جون ٽڪيٽون چيڪ ڪرڻ لڳندو ھو. ھن جي لھجي ۾ ڪمال جي دَيا ۽ بلا جي نرمي ھوندي ھئي ، ھن ڪڏھن به ڪنھن مسافرَ جي مجبوريءَ جو فائدو نه ورتو ، ان ڪري ئي ھن تي مينگو (عام) ٽائيپ آفيسر ڏمريل ھوندا ھيا جو ھُو ڪنھن کي به ڪو ڀَتو يا ڪميشن ڪونه ڏيندو ھو، ڇوته ھُو ڪنھن به مسافرَ کان سواءِ ٽڪيٽ جي ٻيو ڪجھه به ڪونه گھرندو ھو. مون کي چڱيءَ ريت ياد آھي ته مان جڏھن ريلوي نوڪريءَ جي شروعاتي ڏھاڙن ۾ پنوعاقل اسٽيشن تي ٽڪيٽ بابُوءَ جي ڊيوٽي ڪندو ھيم ته اسان جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي ھڪ آفيسر جو پٽيوالو ھرھفتي اسٽيشن جي ڪمرشل ملازمن کان ڀتو اڳاڙڻ ايندو ھو ۽ چوندو ھو ته اسان جي آفيسر کي پنھنجي زمينن لاءِ ٽريڪٽر خريد ڪرڻو آھي ان ڪري “ٽريڪٽر ٽيڪس” ڏيو ۽ مان ان کي منع ڪئي ھئي ته مان مسافرن کان ڪجھه به ايڪسس (زائد) نه ٿو وٺان ان ڪري ٽيڪس ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آھيان ان تي ان سنڌي آفيسر (جيڪو خيرپور جو ڦلپوٽو ھو) مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو ھو ۽ مان يڪا سارا ٻه سالَ پنھنجي ڳوٺ ۾ ريزڪي دوڪان ھلائي پنھنجي فئمليءَ جو گذران ڪيو ھو تان جو اھو آفيسر سکر مان بدلي ٿي ويو ۽ مان نوڪريءَ تي ھڪ فرشتي جھڙي آفيسر جي مدد سان بحال ٿيس.

چاچا عباس جيترو ٽائيم به نوڪريءَ تي رھيو مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ مبتلا رھيو، ھُو ڪڏھن به انھن ملازمن جي لسٽ ۾ شامل نه ٿي سگھيو جيڪي ڪرپٽ مافيا جي اکين جو تارو ھيا، جتي به رھيو ھڪ جنگاڻ کي فيس ڪندو رھيو تان جو ھُو 2005ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ٿي گھر ويھي رھيو، تڏھن وڃي سڪون جو ڪو دئور ڏٺائون.

منھنجا يارغار ۽ منھنجي سکر جا اولين دوستَ قدير انصاري ۽ وحيد انصاري چاچا عباس جا پٽ آھن ٻنھي جي ھلڻ چلڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ چاچا عباس جي جھلڪَ ۽ خوشبوءِ صاف محسوس ٿيندي آھي. قدير انصاري پنھنجي روزگار جي شروعات حيدرآباد ھيڊ آفيس سازدا ڊپارٽمينٽ ۾ ھڪ ڪلرڪ جي حيثيت سان ڪئي ۽ بعد ۾ ڪميشن ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو ۽ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پڙھائڻ لڳو، اتي ھن کي مزو نه آيو ۽ ھڪ گريڊ گھٽ ٿي روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ مختيارڪار ڀرتي ٿي ويو ۽ ھن جي ڪمال پلاننگ ڪاميابيءَ سان تڏھن ھمڪنار ٿي جڏھن ھُو سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پوسٽ ٿي آيو، قدير جي محنتن تي ڪابه دو راءِ ڪا نه آھي ، ھُو سنڌيءَ جو ھڪ قابل ۽ ياد رھندڙ نظمَ لکندڙ  شاعر آھي جنھن جا نظمَ اڄ به اسان پنھنجي سرمست محفلن ۾ جھونگاريندا آھيون ھن جي ھڪ نظمَ جون ڪجهھ سٽون آھن ؛

فاصلو ڪجھه رکيوسون ملاقات ۾

خلوتن ۾ به ھئاسين حجابات ۾

۽ حجابات ۾ ڪابه حجت نه ھئي

تون ۽ مان …

تنھنجي ڪاڪل وٽڻ جي خواھش ھئي

تنھنجا عارض ڇھڻ جي خواھش ھئي

سَڌَ ڏاڍي ڪئي ۽ نھايت ڪئي

تون ۽ مان …ھڪ ٻئي سان محبت ڪئي

يا سياست ڪئي .. !

قدير جو ھڪ ھائيڪو ته ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿو، ھڪ منظر ڄڻ ته ساھه کڻندي محسوس ٿئي ٿو.

ڪيڏو ڏينھن تتل،

اسٽيشن جي بينچ تي،

ماڻھو ھڪ سُتل.

قديرَ ۽ وحيدَ جو نانا به ڪمال جو شاعر ھو ، مرحوم نديم انصاري، جنھن سان گڏ مون نوي جي شروعاتي سالن ۾ پيرڳوٺ جي ھڪ پبلڪ اسڪول ۾ ٽيچنگ ڪئي ھئي پاڻ ان اسڪول جا پرنسپال ھيا . ۽ انتھائي سخت ائڊمنسٽريٽر ھيا، سائين نديم جي ھڪ نعت جو بند اڄ به مون کي ياد آھي ؛

ڪھڪشان جنھن جو نقش ِ پا آھي

 سو منھنجو محمد مصطفيٰ آھي

افسوس انھن جو انتقال ريڊيو پاڪستان خيرپور جي بلڊنگ سامھون روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ ٿيو جتان ھُو ھڪ اسلامي پروگرام ريڪارڊ ڪرائي نڪري رھيا ھيا.

اھڙو ئي بلڪه ان کان بنھه مختلف ۽ منفرد اسان جو محبوب دوست وحيد انصاري آھي، جيڪو ھن مھل ڊگري ڪاليج سکر ۾ سنڌيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر آھي ۽ پنھنجي غزلن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو “مجاز” چئي ليکيو ويندو آھي ھن پنھنجي اولين دئور ۾ ئي اھڙا ته ڪمالَ جا غزلَ لکيا ، جو سندس ھڪ غزل تي اسان جي ڌرتيءَ جي فخر سائين ادل سومرو چيو ھو ته وحيد مون کي جيڪڏھن ھي غزل ڏئي ته مان پنھنجي شاعريءَ جو پورو ڪتاب ھن جي حوالي ڪيان، وحيد جو اھو غزل ھي ھيو.

شعر جيڪي به پيارَ تي آھن

ڄڻ ڪبوتر مزارَ تي آھن

وحيد ۾ غزل لکڻ جي ڪمال ڏات ۽ اڻت آھي ، ھُو اسان جي سٿَ جو واحد ساٿي آھي جيڪو 24 ڪلاڪ شاعر آھي، يعني ھُو ڀاڄائيءَ کان ماني به بحر وزن ۾ گھرندو آھي ۽ موسيقيءَ جو وري اھڙو ڄاڻو جو مرحوم سينگار علي سليم ھن جي ساٿَ جو گھرجائو نظر ايندو ھو ۽ ھي به پنھنجو گھڻو تڻو وقت استاد سينگار علي سليم سان گھاريندو ھو، جيسيتائين استاد زندھه رھيو وحيد ھن جو ساٿ نه ڇڏيو ان ڪري ئي وحيد جي شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جا سمورا نوٽس بدرجه اتم موجود نظر ايندا آھن، وحيد جي سنگت ھڪ ٻئي نابغئه روزگار انسان سان ھئي اھو ھو سائين اسماعيل عزام جيڪو 24 مان 18 ڪلاڪ الحبيب ھوٽل جي ھڪ خاص ٽيبل تي ويٺل نظر ايندو ھو ۽ ھن جي چئوڌاري ھن جا سنگتي يا پتنگا ھن کي ويڙھي ويٺل نظر ايندا ھيا ، اھو گروپ ھڪ بوھيمين ماڻھن جو گروپ ھيو جن جو سڄو محور مختلف موضوعن تي بحث مباحثا ۽ خيالن جي ڏي وٺ ھوندي ھئي، جڏھن چانھه جو موڊ ٿيندو ھيو اھي سڀ ڦوڙي ڪري امريڪن سسٽم سان ماني يا چانھه گھرائيندا ھيا . وحيد ان گروپ جو اٽوٽ انگ ھوندو ھيو جيڪو ان گروپ جي ڪام و دھن لوازمات لاءِ ھروقت تيار ۽ الرٽ نظر ايندو ھو. ھُو اڄ به پنھنجي دوستن تي ساھه قربان ڪندي نظر ايندو آھي اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن جا 90 سيڪڙو دوست توڦ ۾ بارود جيان ڀري اڏاري ڇڏڻ جھڙا آھن پوءِ به وحيد انھن سان پنھنجي ظرف مطابق نڀائيندي نظر ايندو آھي ..

سچي ڳالهھ اھا آھي ته مرحوم سائين عباس انصاريءَ جي ان مختصر پريوار جو سکر ۾ ھجڻ ڪنھن به شھر ۾ گلن جي ھڪ پارڪ ھجڻ جھڙو آسيس ڏيندڙ آھي.