“جڏھن تون ڏسين ته دنيا ۾ ھڪ ھزار ماڻھو توسان محبت ڪن ٿا ته انھن ۾ ھڪڙو رسول حمزا به ھوندو، جي تون محسوس ڪرين ته رڳو ھڪ ماڻھو توسان محبت ڪري ٿو ته اھو رڳو رسول حمزا توف ئي ھوندو، ۽ جڏھن تون سمجھين ته دنيا ۾ ھاڻ ڪوبه انسان توسان محبت نه ٿو ڪري ته پڪَ سان سمجھي وڃجانءِ، پھاڙن پوئتان ھڪ ڳوٺ ۾ رسول حمزا توف مري ويو آھي”.
ھي نظم رسول حمزا توف، شھيد بينظير ڀٽو جي پھرين دئور حڪومت دوران اسلام آباد ۾ رچايل عالمي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙھيو ھو ۽ ادل سومرو سائينءَ جا کوڙ ساترا فوٽو داغستان جي آوار ڳوٺ جي ان باڪمال ليکڪ رسول حمزا توف سان نڪتل ھئا. جيستائين مون کي ياد پوي ٿو نظم جو اھو ٿيم رسول حمزا جو آھي ئي نه، اهو خط ۾ لکيل هڪ ٽڪرو آهي، جيڪو ڪافڪا پنھنجي محبوبه ميلينا کي لکيو هو، ڪافڪا جا ميلينا کي رچيل خط ڪمال جا آهن، اهڙي ئي هڪ خط ۾ ڪافڪا اھا نظم جھڙي ڳالھ پنهنجي محبوبه ميلينا جي لاءِ لکي ھئي، جنھن ۾ پھاڙن پوئتان رسول حمزا توف بدران ڪافڪا جي پنهنجي پراگ شھر جو ذڪر ٿيل آهي.
ٻه ڏھاڙا اڳ اسان جي سنڌ ۾ محبت جو ڏھاڙو چپ چپات ۾ آيو ھو ۽ ايئن ئي خاموشيءَ سان ڪنڌ جُهڪايون، گذري به ھليو ويو، نه ڪٿي ڪو ڏيئو ٻريو ۽ نه ئي ڪو وچن واعدو ورجايو ويو. اسان جي سنڌ کي ڇڏي، باقي ٻاھر پوري دنيا ۾ اھو ڏينھن محبت ۽ اظھار جي ڏھاڙي طور دِل جي اٿاھ گھراين سان محبتي جوڙن پاران ملھايو ويو مگر ھتي سنڌ ۾ ڄڻ ته سڀني کي ڪو نانگ سراپي ويو ھو….مان حيران آھيان ته ان ڏھاڙي تي سموري سنڌ سانت ۾ ھئي، ڪٿان به ڪنهن گُلاب جي گُل جي ڪنھن نازڪ هٿڙن ۾ ارپڻ جھڙو ڪو واقعو ڄڻ ته ٿيو ئي ڪونه هو. صرف سائين وزير علي سرڪي جو مزاحيه انداز ۾ لکيل ھڪ ليک “ويل- نٽائڻ” جو ڏھاڙو اسان جي پنھنجي اخبارَ ۾ ڇپيو ۽ ٻيو سڀ خير…ڇو ..!! اسان جي دلين ۾ ڇا محبتن جو ڪال پئجي ويو آھي! ڇو اسان محبت جھڙي محبوب احساس کي پٺيءَ ڀر اڇلائي ڇڏيو آھي، ڇا اسان جي زندگيءَ ۽ سماج کي محبتن جي ڪابه گُھرج ڪانه آھي.
سنڌ، جيڪا پنھنجي تاريخ ۾ ڪڏھن به مذھبي جنون جو شڪار ڪونه رهي هئي، ھر ڏڻ ۽ ھر ڏھاڙو ڪمال جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويندو ھيو، سنڌ جا ھندو پنھنجي مسلمان پاڙيسرين جي ھر مسلم ڏڻ ۾ نه فقط حصو وٺندا ھيا پر انھن سان گھُلي مِلي ويندا ھيا، اھڙي ئي نموني مسلمان وري پنھنجي ديوان ڀائرن جي ھر ڏڻ ۽ ڏھاڙي کي وڏيءَ دل سان ملھائي خوش ٿيندا ھيا. ۽ پوءِ ورھاڱو ڇا ٿي ويو، اھڙو ڪو واءُ گھليو جو ڀائي لوڪن تيرا ميرا جي وچ واري ھر جذبي ۽ ڏڻ کي تھس نھس ڪري ڇڏيو، ھي ناسي، ڪارا ۽ مٽيءَ ۾ ڀڀوت مهاجر ورھاڱي جو جيڪو جھنڊو کڻي اسان جي سنڌ ۾ پھتا هئا، انھن کي لياقت علي خان پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ مان اھو سڀ ڪُجھ سنڌين کان ڇِني ڪري انهن حوالي ڪري ڇڏيو جو ھُو ست پيڙھيون به لوڙين ھا، ته به اهو سڀ حاصل نه ڪري سگھن ھا. اسان جي انھن مھاجر ڀائرن کي اچڻ سان ئي وڏين ملڪيتن جو مالڪ بڻايو ويو، اھڙي ماحول ۾ اھي بي پاڙي نسل ھوندي به سنڌ جي چئن وڏن شھرن جا وارث ٿي ويھي رھيا، جيئن ھڪ شعر ۾ چيل آھي، “گلستان ڪو لھو کي ضرورت پڙي، سب سي پھلي ھي گردن ھماري ڪٽي، اب يه ڪھتي ھين ھم سي يه اھلِ چمن، يه چمن ھي ھمارا….تمھارا نھين”.
مون کي ياد ٿو پوي جڏھن اسان لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙھندا ھياسين، انھن ڏھاڙن ۾ اسان جو آل ٽائيم محبوب سائين اسحاق انصاري تازو تازو ڀاڄائي ايوا کي ڪافڪا جي شھر پراگ مان پرڻو ڪري سنڌ وٺي آيو ھو ۽ منھنجي ۽ فھميده بلوچَ جي ڀاڄائي ايوا سان لطيف يونيورسٽيءَ جي ڪالونيءَ ۾ اها ملاقات يادگار رھي ھئي، جنھن جو ذڪر اسان ٻنھي اڳتي ھلي پنھنجي “خواب” مئگزين جي ھڪ شماري ۾ ڀاڄائي ايوا جو انٽرويو شايع ڪندي ڪيو ھو.
ھيلوڪي سال 2025ع ۾ جڏھن ويلنٽائنس جو ڏھاڙو آيو ته سڄي سنڌ سانتيڪي ھئي، اڳ ۾ ايئن ڪونه ھوندو ھو، اسان جي يونيورسٽيءَ جي دئور ۾ جڏھن اھو ڏھاڙو آيو ھو ته اسان سڀن پنھنجي پنھنجي ساٿين کي محبتن جا گلابي گلَ آڇيا ھئا، ممتاز بخاريءَ شميم جسڪاڻيءَ کي گل جو تحفو ڏئي ڪري ھن سان محبت جو اظھار ڪيو ھو، ايئن اسان جي شوڪت نوناريءَ ناھيد اختر کي گل هٿن ۾ ڏنو ھو ۽ مون به پنھنجي جيون جي ھڪ ھستي جنھن جو نالو زيب ھيو، ان سان سائين اياز گل جي نشانيءَ طور ڪينٽين جي ان وڻ ھيٺيان جوڙيل “شاعر اسٽيٽ” وٽ گوڏا کوڙي محبت جو اظھار ڪيو ھو، سکر جي ان سانوري ۽ سھڻي چھري واري زيب مرڪندڙ چپن سان اھو گل قبول ڪيو ھو.
2025ع جي ھن سال رڳو ٻه ڏينھن اڳ جڏھن اھو ڏڻ جمعي جي ڏھاڙي اسان جي سنڌ ۾ آيو ته ايئن لڳو پئي ڄڻ سموري ئي سنڌ سراپجي وئي ھئي، ڪٿان به ڪو گل ڪنھن کي به ڪونه ڏنو ويو ۽ ڪنھن به پنھنجي جيون جي سڀ کان ويجھي ھستيءَ سان تجديدِ محبت ڪانه ڪئي، اھو ڏھاڙو چُپ چاپ عام ڏھاڙن جيان سانت ۾ ئي گذري ويو، رڳو جمعي جي نماز جا گونجارا ھڪ وڳي کان ٽين وڳي تائين سکر جي فضائن ۾ رھيا. ايئن ته آمر ضياءِ الحق جي ڪاري دئور جي سختين ۾ به ڪونه ٿيو ھو، پوءِ اھڙو ڇا ڪجھ ٿي ويو، جو اڄ اسان جي سنڌ ۾ محبت جو نالو کڻڻ به ڏوھ بڻجي ويو آھي، سائين اسحاق انصاري ٻڌائيندو ھو ته ھُو جڏھن چيڪوسلواڪيه جي ھڪ شھر براستيليا ۾ ڊاڪٽريٽ جي پڙھائي ڪري رھيو ھو ته اتي ويلنٽائنس جو ڏينھن وڏي جوش ۽ خروش سان ملھايو ويندو ھو، وولتاوا نديءَ ڪناري جوڙا ھڪ ٻئي کي گُل آڇيندي ۽ “ييس ييس” ڪندي نظربا ھئا، عجب ئي رنگ ھوندا ھئا، خير اھو ته يورپ ھيو، ھتي سنڌ ۾ به اھو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ خروش سان ملھايو ويندو ھو، ان ڏھاڙي تي هڪ فوٽو ياد اچيم ٿو، جنهن ۾ سائين اياز گل ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري واريءَ تي آڱرين سان “تارا” لکي پنهنجي تارا سان محبت جو اظھار ڪري رهيو آھي، سائين اياز گل جي کاٻي ھٿ جي وچين آڱر ۾ پاتل ھڪ منڊي مون کي هميشه سهڻي لڳندي هئي، مون کي اڄ به ياد آھي ان مُنڊيءَ جي فليٽ پليٽ فارم جي ڪُنڊ ۾ ھڪ ننڍڙو تارڙو اُڪريل ھوندو ھو، کوڙ سالن بعد مون کي خبر پئي ته مُنڊيءَ وارو اھو ننڍڙو ستارو اسان جي آرڪيالاجيءَ جي بيسٽ ٽيچر مئڊم مستور بخاري يعني “تارا” ھئي ۽ اها يونيورسٽيءَ جي اسيءَ واري ڏھاڪي جي هڪ يادگار ۽ نه وسرندڙ پيارَ ڪھاڻي ھئي، ھوءَ آثار قديمه جي شعبي جي شاگردياڻي ۽ سائين اياز گل سنڌي شعبي جو شاگرد، تنھن عشق کي شاباس جنھن محبتي ميڙيا. ايئن ئي ھڪ ڪھاڻي اسان جي ھڪ استاد ۽ ھن جي شاگرد جي وچ ۾ مشھور ٿي ھئي، جن بعد ۾ شادي ڪري ڇڏي ۽ اھو اسان جو محبوب دوستن جھڙو اردوءَ جو سنڌي پروفيسر هو، هُو ھن مھل لطيف يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر آھي سائين يوسف خُشڪ ۽ هن جي وني صوفيه جي پيار ڪھاڻي به لطيف يونيورسٽيءَ جي انمول پيار ڪھاڻين مان ھڪ آھي، اھڙي ئي ھڪ ڪھاڻي اسان جي پياري ھستي سائين امان ڀٽيءَ جي به ھئي جنھن ۾ خبر ئي نه پوندي ھئي ته ان استاد ۽ شاگرد جي جوڙي ۾ محبوب ڪير ۽ محبوبه ڪير آھي. انھن پيار ڪھاڻين کي مشاھدو ڪندڙ منھنجي انھن اکين جڏھن ھن سال 2025ع جو هي ويلنٽائن ڏھاڙو خاموشيءَ وچان اسان جي وچ مان سانت وچان گذرندي ڏٺو ته گھٽ ۾ گھٽ مون کي اها ڳالھ صفا نه وڻي.. ان ڏهاڙي سڀني کي ڄڻ ته ڪو سانپ سراپي ويو ھو، ڪٿان به محبتن جي ڪا گونجار ٻڌڻ ۾ ڪانه آئي ھئي، ان ڏھاڙي مان شعوري طور تي سکر جي اڪيلي لَو – پوائنٽ يعني لبِ مھراڻ جو چڪر لڳائي آيس ته اتي جوڙا ته جامَ ھيا پر اھي ڄڻ ته خوفزده نظرجي رھيا ھئا، انھن جي اکين ۾ ڪنهن عجيب خوفَ جا مَڌم پاڇا صاف صاف ڏسجڻ ۾ اچي رھيا ھئا، ڪنھن جي به ھٿ ۾ ڪنھن لاءِ به ڪو گل ڪونه ھيو.
اھو عجيب، خوفائتو ۽ اڻ وڻندڙ ماحول اسان جي سنڌ جي رڳن ۾ ڪاميابيءَ سان شعوري طور تي سرايت ڪرايو ويو آھي، حالت اھا آھي جو ھاڻ اسان ھر احساس کي عقيدن جي ساھميءَ ۾ تورڻ لڳا آھيون ۽ اھڙا ماڻھو، جن ڪڏھن به ڪنھن سان محبت ڪانه ڪئي آهي، پنھنجي پنھنجي عبادت گاھن جي ممبرن تي چڙھي وڏي واڪي محبتن جي اظھارَ کي ڪُفر ۽ انگريزن جي آندل بدعت ڪوٺي رھيا آهن ۽ ماڻھن جي ذھنن ۾ محبت کي ھڪ ناڪاري ۽ نيگيٽيو وکر بڻائي رھيا آهن ۽ اسان جيڪي پاڻ کي ليکڪ ۽ الائي ڇا ڇا سڏائيندا آھيون، ان زھرَ جو ڪو به ترياق ڳولھڻ ۾ اڃان تائين ته ڪامياب نه ٿي سگھيا آھيون، اسان جي لبرل ۽ انتهاپسندي جي آلودگيءَ کان آجي سنڌ ھن وقت سخت اعثقادي منافقيءَ کي مُنھن ڏئي رھي آھي، جنھن ۾ ممبر تي ويٺل ھڪ جنوني ماڻھو طئي ڪري رھيو آھي ته محبت ھڪ گناھ آھي ۽ گناھگار جو ھنڌ جھنم آھي…مان سوچيان ٿو، ان کان وڌيڪ اسان جي سماج جي بدنصيبي ٻي ڪھڙي ھوندي…جو اھو سماج محبت جھڙي حَسين ۽ پاڪيزه جذبي کان وانجھجي ويو آھي ۽ اسان ان اگنورنس ۾ پاڻ کي وڃائي بي خبر ٿي مرڪي رھيا آھيون پر اسان جي ھٿَ ۾ گلاب جو ڪوبه گُل ڪونھي ۽ نه ئي سامھون اھڙي ڪا ھستي ويٺل آھي، جنھن کي ھٿ ۾ گُل آڇي اسان کيس ھيپي ويلنٽائنس ڊي چئون ۽ ھوءَ yes yes چئي گل وٺي ۽ امالڪ مرڪي پوي.