ھڪ جپسي ڪالم … زنگيل سِڪن جي ميراث

0
39
ھڪ جپسي ڪالم ... زنگيل سِڪن جي ميراث

 ڪيڏو نه عجيب ٽائٽل آھي “زنگيل سِڪن جي ميراث”، اسان جي اولڊ ۽ گولڊ شھر حيدرآباد جي شھزادي علي آڪاش جي نظمن جي ڪتابَ جو، ڄڻ آثار قديمه جي ڪنھن ميوزم ۾ ويھي پراڻي زنگيل ڪنھن پراچين درسنيءَ ۾ زمان ماضيءَ جا قصا، زمان حالَ ۾ ويھي انجواءِ ڪجن ۽ اھي قصا به وري نظمن جي ويسَ ۾. ھي علي آڪاش جو اھو ڪتاب آھي جنھن لاءِ مان سيڙجي سکر جي ڪتاب گھرن جا چڪر ڪاٽيا، اھا ڪھاڻي ڪڏھن ضرور لکبي ته سکر ۾ جڏھن ھر گھٽيءَ ۾ ڪتاب گھر ھوندا ھئا، ھاڻ حيرانيءَ وچان ڏسندو آھيان جو سکر ۾ ڪتابن جا رڳو ٻه يا ٽي اسٽال وڃي بچيا آھن، جتي به سنڌي ڪتابَ گھڻو تڻو نور احمد ميمڻ پريالويءَ جي سنڌيڪا بوڪ اسٽال تي ئي ملندا آھن، جنھن کي اسان جو پيارو دوست سميع سجاد ھلائيندو آھي ۽ ڪتاب گھر تي ايندڙ کي چانھ ضرور پيئاريندو آھي، پر ڪتاب اتي به ڪونه ھو، مجبور ٿي علي آڪاش کي فيس بوڪ تي ڪتاب لاءِ رڪئيسٽ ڪئي ته ھن ٻڌايو ھو ته ڇپجڻ سان ئي اوھان جي ڪاپي ھڪ دوست جي ھٿان موڪلي ھئي پر اھو دوست بي انتھا مصروفيتن جي ڪري مون تائين اچي نه سگھيو ھو. جيئن ڪتاب مليو ڄڻ ته منھنجي آڏو ريشمي شعرن جا ٿانَ کُلندا ويا، مان ھر صفحي تي ھڪ نئين جھان جو نظارو پسندو ويس. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي ته علي آڪاش اسان جي اڄ جي سنڌي نظمَ جو ھڪ شانائتو چھرو آھي، جنھن تي ڪنھن به قسم جي لوازمات جي ميڪنگ اپ ٿيل ڪانھي، ھڪ نئين لھجي ۽ مطالعي جي آويءَ مان پچي نڪتل ھن جا نظمَ منھنجي دل کي ور ور ڇڪيندا رھيا، تان جو اھو ڪتاب پنھنجي پورين حسناڪين سان انتم صفحي تي پھتو. حالانڪه ھي ڪتاب پڙھي مون کي مھينو کن ٿي ويو آھي پر علي جي نظمن جو سُرور اڃان تائين دل تان جَھڪو نه ٿي سگھيو آھي، مان جڏھن آخري نظم تي پھتو ھئس ته ڄڻ ھڪ وشال آسمان اُڪري ڌَم سان پنھنجي ڪتاب ڪمري جي ڪرسيءَ تي واپس پاڻ کي ڪرندي پاتو ھئم.

اسين ڪِريا آھيون،

پر تاريخ جي يخ ٿڌي ڪاري جبلَ جي پار وڃڻ جو ارادو

اسان بدلايو ناھي، اسين ٻيھر چڙھنداسين،

اسان کي ڪنھن ڏاڪڻ، رسيءَ يا ڪُنڊيءَ جي گھرج ناھي،

اسين ھن ڪشالي جي ھر پٿرَ کي، ھٿن ۽ پيرن سان محسوس ڪرڻ ٿا گھرون،

اسان جي ھيءَ ناڪامي ڪا حتمي مات ناھي، ھڪ وقفو آھي،

روشنيءَ جي ماٿريءَ کي چئجو، اسين پنڌَ ۾ آھيون،

اسان لاءِ گرم چشمن کي اڃان وھڻ ڏي

اسين پھچي، وِھنجي، ٿڪ ڀڃي،

جِيت جو جشن ضرور ملھائينداسين.

ان نظم پڙھڻ بعد مان علي آڪاش جي لفظن ۽ احساسن جي ان دنيا مان ‘ايگزٽ’ ڪيو ھو. حالانڪه کوڙ سارا ڏينھن لنگھي ويا آھن پر انھن نظمن جي نظر نه ايندڙ ريموٽ قسم جي شعري شعاعن ڄڻ ته اڃان تائين جڪڙي رکيو آھي. گھر کان 500 ڪلوميٽر ڏور ملتان جي ريلوي رننگ روم ۾ به ڄڻ ته ڪونه ڪو نظم اوچتو دل جي دروازي تي ‘ناڪ’ ڪري اندر اچڻ جي ڪوشش ڪندو آھي ۽ ان صفحي جي يادگيري ڏيارائي ويندو آھي، جتي ھي ڇپيل آھي جيئن صفحي 70 تي لکيل ھي نظم:

ھن پنھنجي اسٽيٽس ۾ لکيو آھي؛

“محبت جي ماني روز تازي پچائڻي پوندي آھي”

مان اھو ٿو سوچيان؛

ھوءَ اُھا ماني ڪنھن سان گڏجي کائيندي ھوندي

مان، جيڪو روز، ھن جون پاروٿيون يادون سيڪي کائيندو آھيان.

علي آڪاش جي جنھن به نظمَ کي پڙھيو آھي، ايئن محسوس ڪيو آھي، اڙي واھ، ايئن ته مان به لکي سگھان ٿو، ايئن ۽ ايڏو آسان لکڻ ڪھڙي وڏي ڳالھ آھي، پر سچ ته اھو آھي جو بلينڪ ۽ خالي ڪاڳرَ آڏو اڌ اڌ ڪلاڪ ويھي ۽ سوچيندي به مان عليءَ جي ھڪ نظم جھڙو نظم به نه ٿو لکي سگھان ۽ منھنجو خيال آھي ته ھڪ ڪامياب نظم جي اھائي ئي خاصيت ھوندي آھي جو اھا ھر ڪنھن جي دل جي ڪٿا بڻجي پوندي آھي، اوھان پنھنجو پاڻ کي ھن حيران نگر جھڙي لکيل ڪتاب جي ھر صفحي تي ھڪ نئين دنيا جو سير ڪندي محسوس ڪندئو تان جو اھو ڪتاب پنھنجي آخري صفحي بعد اوھان کي به مون جيان ئي موجود زندگيءَ جي تلخين ۽ ھڻ ھڻان واري وقت ۾ واپس اڇلائي پورو ٿي ويندو ۽ اوھان کوڙ سارو ٽائيم خالي خولي نظرن سان پنھنجو پاڻ کي پنھنجي زمان حالَ واري موجوده  دنيا ۾ ائڊجسٽ ڪندي ڏسبا.

ذاتي طور تي مان نه ٿو چاھيان ته پنھنجي راءِ ڪنھن پڙھندڙ جي ذھن ۾ فِٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ته جيئن ھُو به منھنجي پلس 2 شيشي واري چشمي سان پڙھيل انھن نظمن کي محسوس ڪن، اوھان وٽ ھن ڪتاب جي صورت ۾ ھڪ نئين نظم جي نڪور دنيا جو سئر انتظار ۾ آھي. مون کي اميد آھي ته پڙھندڙ ھن ڪتاب مان کوڙ سارو لطيف سُرور ماڻيندا، ھونءَ دل جي ڳالھ اگر ڪريان ته مون کي جيڪڏھن سچي دل سان ڪنھن نازنين جي محبتن جو سُرور حاصل ھجي ھا ته مان نظمن جي ھن ڪليڪشن کي ضرور ان کي گفٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ھا ۽ ان تي ھي نوٽ به لکان ھا.. “تنھنجي لاءِ … جنھن جو ڪوبه نالو ڪونھي ۽ سمورا نالا ڄڻ ته تنھنجا ئي نالا آھن. جيڪڏھن مان شاعر ھجان ھا ۽ توسان محبتن جي اظھار ڪرڻ جو فن اچي ھا ته علي آڪاشَ جي نظمن جو ھي ڪتاب ھُن جي نه پر منھنجي نالي سان ڇپيل ھجي ھا ۽ اھو ڪتاب مان توکي ويلنٽائن جي ڏينھن تي گفٽ ڪريان ھا … تنھنجو اھو ئي  …اھلِ صفا – مردودِ حرم .. حبيب”.