ايئن لڳي رھيو آھي، ھي ملڪ پاڪستان ھڪ شڪاري رياست ۾ تبديل ٿي چڪو آھي. (جيمز گيلبريٿ)
ڪجھ ڏينھن کان سوشل ميڊيا ۽ خاص طور تي ٽوئيٽر يا ايڪس تي جنھن قسم جي خيالن جي ڏي وٺ ٿي رھي آھي، ان مان ڀليءَ ڀت پتو پئجي رھيو آھي ته پاڪستان جي اشرافيه جنھن قسم جي پاڪستان جي ھجڻ واري خواب جي چاھنا ڪئي ھئي، پاڪستان ان کان ڏھوڻ تي وڌيڪ خطرناڪ ٿي چڪو آھي ۽ ھي ملڪ انھن جي خوابن جي اھڙي سرزمين بڻجي چڪو آھي، جتي جنونيت ۽ ان جي نتيجي ۾ پئدا ٿيل نفرتن جو مظاھرو ڏسڻو ھجي ته ڀلاري جمعي جي ڏھاڙي مسجدن مان مخالف گروھن لاءِ گونجندڙن ھڪلن ۽ نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪين جو جهان ڏسي سگهجي ٿو، اڄ جا حڪمران ۽ ملڪ جي اصل اشرافيه اھڙو ئي پاڪستان ڏسڻ چاھي پئي، جنھن ۾ ھر ڪوئي پنھنجي سچائيءَ جي ثابتيءَ ۾ بندوق کڻي ڀلي ڪيترا به خونَ ڪري وجهي، ان کي اھي خونَ معاف آھن. شاھنواز ڪنڀر جھڙي معصوم ماڻھوءَ جي فيس بوڪ آئي ڊي ھيڪ ڪري ھن جي وال تي گستاخانه جملا لکڻ بعد ڪيئن ھن جو سفاڪاڻي نموني قتل ڪيو ويو ۽ ان قتل ۾ اڄ جي وقتن جي رھزن اداري “سنڌ پوليس” نه فقط قاتلن کي سھولتون فراھم ڪيون پر ان ڪيس ۾ سڌيءَ طرح ملوث پوليس ڪمانيءَ کي ڪيسن کان بچائڻ لاءِ شيلٽر به فراھم ڪيو آھي، جو اهي عدالتن جي سمنن تي به پيش نه ٿي رهيا آهن. ھيءَ اھا ئي پوليس آھي جيڪا ھاٿيءَ کان ھن جي ھرڻ ھجڻ جو بيان لکرائي ان مٿان ھن جا دستخط به وٺي سگھي ٿي. ڪمال جي ڳالھ اھا آھي ته ان قتل جي ھڪ محرڪ ڪردار کي جڏھن ايم پي اي جي سيٽ تي اٿڻ جو مُوڊ ٿيو ته ھن جي اڳيان ڪوبه قانون ڍال بڻجي بيھي ڪونه سگھيو. ھر ڪوئي ڄاڻي ٿو ته ضياءُ الحق جو سرڪاري مومن ڪيترو نه خطرناڪ ۽ ھن معاشري جي لاءِ ناقابلِ علاج ناسور بڻجي چڪو آھي. آھستي آھستي ھن ملڪ جي ڌرتي گگدامن جي پيرن هيٺان ٽامو ٿيڻ لڳي آھي، جتي ڪوبه ڪنھن کي سڪون سان رھڻ کي برداشت نه پيو ڪري .
پاڪستاني اشرافيه پنھنجي جوھر ۾ھڪ اھڙي ڏانئڻ جيان رھي آھي، جنھن سدائين پنھنجا ٻچا ئي کاڌا آھن. جيئن ته اختيارن جو گھڻو تڻو مرڪز پنجاب جو شھر اسلام آباد آھي (اسلام آباد نالي ۾ فارملٽيءَ طور رڳو ڪيپيٽل آھي)، ايئن ئي بيوروڪريسيءَ ۾ به پنجاب ۽ پختون ئي ڇانيل آھن، پنھنجا سنڌي ۽ بلوچ آفيسر تعداد ۾ ھڪ ته اٽي ۾ لوڻ برابر آھن ۽ اگر ٽاپ سطح تي موجود به آھن ته انھن جي اتي موجودگي نالي ماتر ۽ رڳو فارملٽيءَ طور تي آھي، ڪنھن به فيصلا ڪندڙ ڪامورڪي فورم ۾ سنڌي ۽ بلوچ شامل ئي ناھن. ڪئنالن جي معاملي کي ئي وٺو، ان ۾ به اوليت ۽ فوقيت پنجاب ۽ ان ۾ گھڻائيءَ وارو پنجابي تعداد رکندڙ عسڪري اداري کي حاصل آھي. تاريخ ۾ پھريون ڀيرو اهو ادارو کليءَ طرح سان هڪ ڪارپوريٽ سيڪٽر طور سامھون اچي بيٺو آھي. شھرن جي بھترين لوڪيشنز تي قبضا ۽ انھن قبضن تي پلاٽ سازي ڪري ناڻو ڪمائڻ ۽ ٻيا ڪمائيءَ وارا ڪم ڪرڻ ھاڻ ان اداري جو ڄڻ ته جائز حق ٿي ويو آھي. سڌريل ملڪن جي فوج جيان اسان جي فورسز ۾ قوميتن وارو عنصر ڪنھن به دور ۾ بئلنس ۾ نه رکيو ويو ۽ نه ئي بئلنس رکڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش قيامِ پاڪستان کان وٺي اڄ تائين ورتي ئي وئي آھي، جيئن ته ان اداري ۾ گھڻائي پنجاب جي رهواسين جي آھي، ان ڪري اھي فورسز پنهنجي پنجاب جي ھر قسم جي مفادن جون رکوال بڻجي ويون آهن. مان پنوعاقل ريلوي اسٽيشن تي ڊيوٽيءَ دوران فورسز جي جوانن جي سفر جا پاسز يا ٽريولنگ ووچرس ڪاٽيندو رھيو آھيان ۽ مان اتي حيرانگيءَ وچان ڏسندو ھوس ته سنڌ ۽ بلوچستان ريجمينٽ جا 95 سيڪڙو جوان پنجاب جا ھئا ۽ اڄ به اهو ئي تناسب آھن. ملڪي اڪائين کي جيڪڏھن ائين ئي تين وال ڪبو ته پوءِ اھو ئي ماحول جڙندو، جيڪو اڄ اسان کي پنھنجي ملڪ ۾ چئوطرف نظر اچي رھيو آھي. انھيءَ اشرافيه پنھنجي وچ ۾ ھڪ اھڙي ماڻھوءَ کي صدارت جي ڪرسي ڏيئي ويھاريو آھي، جيڪو سدائين فخر سان پاڻ کي سنڌي ۽ بلوچ سڏائيندو رھندو آھي، ۽ اسلام آباد ۾ ويٺل اسان جا دوست صحافي ٻڌائيندا آھن ته ان سنڌي ۽ بلوچ صدر پنھنجي صدارتي ايوان ۾ چولستان رٿا جي مانيٽرنگ لاءِ ھڪ سيل پڻ قائم ڪيو آھي، جنھن جو ڪم صدرِ پاڪستان کي چولستان رٿا متعلق اپ ڊيٽ رکڻ آھي. سنڌين جي پنھنجي درياھ جي بچاءَ لاءِ اڳتي نڪري اچڻ کان اڳ ۾ صدر پاڪستان وقتن فوقتن چولستان رٿا جي ڪارائتي ھجڻ جا اپ ڊيٽس ڏيندو رھيو آھي ۽ ان جي ڪارائتي ھجڻ جي وڪالت ڪندو رھيو آھي. ھن مھل جڏھن پوري سنڌ پاڻيءَ جي معاملي تي روڊن تي احتجاج ڪري رھي آھي ته صدر ۽ ھن جي ڪابينا، جنھن ۾ سنڌ جو وزيراعليٰ به شامل آھي، پريشان ٿي ويا آھن ۽ انھن تڙ تڪڙ ۾ سنڌ اسمبليءَ مان ڪئنالن خلاف ھڪ نالي ماتر قسم جو ٺهراءُ به پاس ڪرائي ورتو آھي پر اھو ٺهراءُ سڀني کي خبر آھي ته ان ٽولي جي فيس سيونگ کان وڌيڪ ڪجھ به نه آھي. عجب جھڙي ڳالھ ته ڪجھ ڏينھن اڳ اسان جي سنڌ جو وزيراعليٰ ھڪ تقرير ۾ کلي عام اھا ڳالھ کِلي ڪري خوشيءَ وچان ٻڌائي رھيو ھو ته اسان سنڌ حڪومت جي محنت ڏسو ته اسان جي صوبي جي گئس تي پنجاپ صوبي جا شھر پنھنجا چُلھا ٻارين ٿا ۽ اسان جي سنڌ جي بجلي پنجاپ جي شھرن تائين وڃي ٿي .. اھڙي کُليل اعتراف تي ھن کي ڪو به احساس نه ٿيو. سنڌ جون اھي ٻھراڙيون جيڪي شھرن جي ڀڪ ۾ آھن، اتي اڄ به ڪاٺيون ٻاري ماني تيار ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪڏھن پاڻ موھين جو دڙو ايڪسپريس تي روھڙيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ٽرين جو سفر ڪريون ته اوھان کي پوري سنڌ اجڙيل ۽ ڀڙڀانگ نظر ايندي. حالت اھا آھي ته دادوءَ جي ڀڪ واري شھر پيارو ڳوٺ ۾ قائم ھڪ مِل ۾ مزدورن جي گھڻائي اپر ۽ لوئر پنجاپ جي ماڻھن جي آھي.
پاڻيءَ جي معاملي تي پنهنجي سنڌين جي ملي مٺ ٿي بيهڻ واري عادت کي ڏسي دل کي ڏاڍي خوشي ملي رهي آهي ۽ يقين ٿي رهيو آهي ته ڪير به سنڌ جي وحدت کي زخمي ڪرڻ کان اڳ ۾ ضرور ڏهه دفعا سوچڻ تي مجبور ٿيندو. سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻندڙن جا لهجا ۽ انهن جي پيشانيءَ تي نظر ايندڙ پگهر جا ڦڙا ڀليءَ طرح ٻڌائي رهيا آهن ته انهن کي هاڻ اهو ڪجهه ڪونه ملڻ وارو آهي، هُو جيڪي اڳ ۾ بغير پڇا جي کڻي ويندا هئا. انهن کي لڳي رهيو آهي ته هاڻ اهي پوين پيرن تي سُري رهيا آهن. منهنجا جيڪي ريلوائي دوست خانيوال يا ملتان رننگ هاسٽل ۾ ملندا آهن ته فخر سان پاڻ کي پنجن دريائن جي سرزمين يعني پنج آب جا رهواسي چوندا آهن، مگر مان انهن کي ياد ڏياريندو آهيان ته اوهان جي ايوب خان سنڌ طاس معاهدي تحت پنجاب جا ٽي درياهَ ..ستلج، راوي ۽ بياس انڊيا کي وڪڻي پئسا ورتا هئا، هاڻ انهن ٽن دريائن جي پيٽ مان ٻارهو ئي واري اڏامندي آهي. مان ڏهن سالن کان ٽرين ڊيوٽيءَ دوران بهاولپور جي ڀڪ ۾ ستلج ريلوي برج تان ڪراس ڪندو آهيان. ڏهن سالن ۾ مون رڳو ٻه ڀيرا جون مهيني ۾ ستلج ۾ پاڻي ڏٺو آهي، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي انڊيا پاڪستان ڏي ڇڏي ڏيندو آهي. مان سوچيندو آهيان، سنڌي ماڻهو ته پنهنجي حدن ۾ پنهنجي ڪسيءَ مان ڀنجُو کڻڻ برداشت نه ڪندا آهن، ته پنجاپ وارن ڪيئن پنهنجا ٽي درياهه َ وڪڻي ڇڏيا ۽ اڄ تائين انهن ۾ ڪوئي پڇتاءُ يا احتجاج نه ٿو نظرجي، نظرجندو به ڇو؟ …. پنجاب وارا چون ٿا ته ٽن دريائن جي وڪري وارن پئسن مان انهن تربيلا ڊيم ٺاهيو ۽ ان بعد انهن جون نظرون سنڌو درياهه تي کُپي ويون آهن ۽ اهي نظرون اڄ به درياهه تي کُپيل آهن، بلڪه چئجي ته ايئن کُپيل آهن، جيئن ڪاسائيءَ جون نظرون ٻڪري جي ڳچيءَ تي کُپيل رهنديون آهن .