ھڪ جپسي ڪالم … جوڳ مايا مندر ملتان

0
217
ھڪ جپسي ڪالم ... جوڳ مايا مندر ملتان

 رات جو پوڻين ٻين وڳي ڪراچي ايڪسپريس ٽرين روھڙيءَ 50 منٽ ليٽ پھتي ھئي، مون اھا ٽرين انچارج طور ورڪ ڪندي صبح جو 8 وڳي ملتان اسٽيشن تي پھچائي، جتي لاهور هيڊڪوارٽر جو انچارج اڳ ۾ ئي انتظار ۾ بيٺو هو. ٽرين جي چارج ۽ رننگ سمري سندس حوالي ڪري مان ريلوي رننگ روم هليو آيس. رننگ روم ھيڊڪوارٽر اسٽيشنن جي ڀڪ ۾ ٺهيل بادشاهن جهڙي آرام گاه ھوندي آھي، جنهن کي اسان ريلوي وارا “رننگ روم” چوندا آهيون، جتي ريل جي انچارج گارڊس ۽ ٽڪيٽ چيڪرس جي آرام ۽ ننڊ جي لاءِ ريلوي محڪمي طرفان هڪ سهڻو ھاسٽل جوڙيل هوندو آهي، جتي اسان موومينٽ ڪندڙ ملازمن جي لاءِ بهترين هنڌَ بسترا، سرديءَ ۾ گيزرس مان نڪتل گرم پاڻيءَ وارا باٿ رومس، کاڌي پيتي لاءِ ڪچن فرج سميت ۽ ڊائننگ هال، جتي اسين سڀ ماني به کائيندا آهيون ته رموٽ ڪنٽرول تي پنهنجي پسند جا ٽي وي چئنلس به ڏسندا آهيون. اسٽاف حڪم جي دير تي، ناشتو، لنچ ۽ ڊنر ٺاهي ڏيندو آهي، ان ڪري اسان ريلوي وارا گهر وارين جي ڦوٽاريل ڳاڙهين اکين کي وساري پنهنجي ايندڙ ٻي ٽرين تائين هڪ سهڻي جهان ۾ وقت گهاريندا آهيون. جيئن مان ڪراچي ايڪسپريس وٺي آيس ته واپسيءَ ۾ مون کي 14 ڪلاڪن جي آرام بعد جعفر ايڪسپريس ملتان کان روهڙيءَ تائين ورڪ ڪرڻي آهي، ان ڪري اڄ مون وٽ ملتان شهرَ کي ‘ايڪسپلور’ ڪرڻ لاءِ کوڙ سارو وقت مليل آهي. ملتان شهر جي اسٽيشن به هڪ ڇانوڻي ريلوي اسٽيشن آهي، جيئن اسان جي ڪراچيءَ جي مک اسٽيشن ڪراچي به ھڪ ڇانوڻي اسٽيشن آهي. شروعاتي دؤر ۾ جڏهن پاڪستان جي ٽنهي فورسز، آرمي، ائير فورس ۽ نيوي وارن کي ڪراچي ۽ ملتان جي شهرن جون زمينون ڇانوڻيون ٺاهڻ لاءِ ڏنيون ويون هيون ته اهي ان وقت جي حساب سان شهرن کان ڪافي پرڀرو هيون، پر پوءِ آدم جي آبادي وڌڻ جي ڪري اهي ڇانوڻيون ڄڻ شهر جي سيني جي جاءِ تي اچي بيهي رهيون آهن. ڪراچي ۽ ملتان جون فوجي ڇانوڻيون هن وقت وچ شهر ۾ موجود آهن. هجڻ ته ايئن گهرجي ها، اهي ڇانوڻيون خالي ڪري فوج ۽ فوج جي انسٽالمينٽس کي شهرن کان ڪوهين ڏور ٺاهيو وڃي ها ۽ ايئن اُها خالي ٿيل زمين وري ان شهر کي واپس ملي پوي ها پر اها ڳالھ هڪ ٻار به ڄاڻي ٿو ته انهن ڇانوڻين جي وچ شهر واري زمين ايتري ته قيمتي ۽ مهانگي بڻجي وئي آهي، جو فورسز به هاڻ غير آئيني طور تي رٽائرڊ ملازمن جي ڪا تنظيم جوڙي، رجسٽر ڪرائي، فل اسڪيل ڪمرشل ايڪٽيوٽيز ڪرڻ لڳيون آهن ۽ انهن به پنهنجي فوجي کاتي جي زمينن کي ڪمرشل بنيادن تي فروخت ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ ان عمل خلاف کوڙين ڀيرا فيصلا ڏئي چڪي آهي، مگر ڪنهن جي به ڪن تي جونءَ ڪانه ٿي چُري. سڀ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ دليريءَ سان لڳا پيا آهن.

ملتان جي ريلوي اسٽيشن 1875ع ۾ انگريزن جوڙائي هئي ۽ جن شھر کي ٽن پاسن کان ريل رستي ڳنڍي ڇڏيو هو. راولپنڊي وايا ڪُنديان، پشاور ۽ ڪراچيءَ جي لاءِ ريلوي لائينون هتان ئي نڪرنديون يا گذرنديون آهن. ملتان کي بجا طور تي ھڙاپا جي ڪري گريٽر سنڌي تھذيب جو حصو سمجھيو ويندو آھي. فارسي تاريخدان محمد قاسم فرشته ملتان کي 3000 قبل مسيح ۾حضرت نوح عليه السلام جي پٽ ھٿان جوڙيل شھر ٻڌائي ٿو. ھندستان جي عظيم جنگي داستان مھاڀارت ۾ لکيل آھي ته ملتان ھڪ  ھندو بادشاھ ڪشياپه جوڙايو ھو. ھندن جي مھاڀارت جنگ، جنھن کي ڪُرڪشيترا به ڪوٺيو ويندو آھي، انھن وقتن ۾ ملتان (جنھن جو پراڻو تلفظ “مولتان” آھي) ھندن جي تريگرتا بادشاھت جي گاديءَ وارو شھر ھو. ھندن جي مشھور ڏڻ “ھوليءَ” لاءِ به چيو ويندو آھي ته اھو ملتان مان ئي شروع ٿيو ھو.

مان لڳ ڀڳ ٽي وڳي پنھنجي ريلوائي ريسٽ روم مان نڪتس ۽ ٽرين جي ٽريڪ سان گڏ گڏ پيادل اوڀر پاسي ھلندي ھڪ اھڙي محلي ۾ پھتس، جنھن جو نالو جوڳ مايا ھو. ھندستان جي مختلف علائقن کان اتي آيل مھاجرن اھو پورو علائقو پنھنجي ھٿ وس ھيٺ رکيو آھي ۽ ھر جاءِ تي بغير ڪنھن نقشي جي اھڙيون ته جايون ۽ گھر ٺاھي رکيا آھن، جن جي وچ ۾جوڳ مايا جو مندر ڪنھن اوپري ۽ پراچين ديوَ جيان سربلند کَڙو آھي. منھنجو خيال آھي ته اھو مندر پنھنجي اصلي ايراضيءَ ۾ ڪافي وڏو رھيو ھوندو، پر ھن مھلَ، اھو مشڪل سان ھڪ عام گھر جيتري ويڪر ۽ ڊيگھ ۾ وڃي بچيو آھي. ان مندر جي قدامت ڪافي شاندار لڳي رھي ھئي، مندر جي مٿين گول ۽ ميناري جھڙي ڇت مٿان ڪبوترن جو چڱو سارو تعداد آرام ڪري رھيو ھو. اھي انساني ھيراڪ ڪبوترَ بار بار منھنجي مٿي کي ڇھي وري مٿي وڃي پئي ويٺا. جوڳ مايا جو مندر ھاڻ به سھڻو ۽ نظرن کي وڻندڙ لڳي رھيو ھو. پنجاپ جي آثارِ قديمه جي محڪمي کي فورن ان مندر کي پنھنجي نگرانيءَ ۾ وٺي ان کي ‘ري اسٽور’ ۽ بحال ڪرڻ کپي. مقامي ماڻھن ٻڌايو ته اھو مندر پنجاپ جي سِک مھاراجه رنجيت سنگھ جي دؤر ۾ ھن جي ھڪ ملازم ديوان ساوڻ مل جوڙايو ويو ھو. ملتان کي مھاراجه 1819ع ۾ فتح ڪري پنھنجي علائقي ۾ شامل ڪيو ھو. ڏندڪٿائن جي انوسار اھو مندر ھندن جي ھڪ مقدس ديوي ‘يوگ مايا’ جي مان ۾ جوڙايو ويو ھو. ان ڪري اھو مندر اڄ به ان ديويءَ جي پوئلڳن لاءِ ھڪ مقدس اسٿان جو درجو رکي ٿو. مندر جي اندر محسوس ٿيندو آھي ته اتي ڀتين ۽ سيلنگ (ڇت جو ھيٺيون پاسو) تي جام سارو فريسڪو ورڪ ٿيل ھوندو پر جنھن کي بعد ۾ ڪنھن شرنارٿيءَ وائٽ واش ڪري مِٽائي ڇڏيو ۽ پنھنجي مسلماني ڀڃ ڊاھ واري روايتي تاريخ جي تسڪين ماڻي ھوندي. ھاڻ به ان مندر جو قبضو ھڪ پناھگير شاھد عليءَ وٽ آھي، جنھن جي ذھنيت جو اھو عالم آھي جو جيڪڏھن ھن جو وس ھلي پوي ته ھُو ان مندر کي اڄ ئي ڊھرائي اتي پنھنجي لاءِ نئون گھر جوڙائي وٺي. اسان وٽ ھونءَ به قديم آثارن کي دشمن جي نگاھ سان ڏٺو ۽ ٽريٽ ڪيو ويندو آھي. ان ذھنيت جي پوئتان اھا روايت پسند اسلامي سوچ لڪل آھي ته اھي مندر مسلمانن جي لاءِ ھڪ منع ٿيل ماڳ آھن. مون کي اڄ به ياد آھي، کوڙين سالَ ٿيا، ھڪ ملان پنھنجي کٿابين کي موھين جي دڙي جي اسٽوپا جي ڀڪ ۾ بيھاري ٻڌائي رھيو ھو ته ھي موھن جو شھر خدا جي ڏمر ۽ عذاب جو شڪار شھر آھي، ان شھر ۾ اچڻ ۽ ان کي ڏسڻ گناھ ئي نه پر ڪبيره گناھ آھي. مان حيران حيران سوچيندو رھجي ويس ته جيئن اڳ ۾ اھي ئي مولانا ھڪ فوٽو ڪڍرائڻ تي به چوندا ھئا ته دين خطري ۾ پئجي ويندو، ھن مھل حالت اھا آھي جو اھي ھاڻ سيٽلائيٽ تي ٽي وي چئنلَ ھلائي رھيا آھن. اھا تبديلي سٺي ته آھي پر ايتري ڪافي نه آھي. ٿورڙو پوئتي وڃو، گڏيل ھندستان ۾ جڏھن ھتان جا ھندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ پڙھي رھيون ھيون، ان ئي وقت ۾ ترڪيءَ جي عظيم اسلامي خلافت جديد تعليم پرائڻ کي گناھ ڪبيرو قرار ڏنو ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو جو ھندستان جا مسلمان تعليم ۽ جديد علمن ۾ ھندو ھندستانين کان ميلن تائين پوئتي ۽ جاھل رھجي ويا.

جوڳ مايا جي مندر ۾ مون کوڙ سارو وقت گذاريو ۽ ان جون ھر پاسي کان تصويرون ورتيون ۽ مقامي ڏندڪٿائي جھالتن جو مزو ورتو. ايئن اڄ جو منھنجو ملتاني ڏينھن ملتان جي گھٽين ۾ ئي گذري ويو. اسان جا وڏڙا سچ چوندا ھئا ته انھن پراچين ۽ پراڻين عمارتن کي زبانَ ته ڪانه ھوندي آھي، مگر انھن جي سِرَ سِرَ ۾ عجيب غريب ۽ حيران ڪندڙ ڪھاڻيون اوھان کي ٻڌڻ لاءِ ملنديون، بس شرط ھڪڙو ئي آھي ته اوھان جي اندرَ جا ڪَن اھي سرگوشيون ۽ سرٻاٽَ ٻڌڻ جي سگھ رکندڙ ھجن.