ڪڏھن ڪڏھن ڪنھن ڪمَ سانگي سکر کان لاڙڪاڻي يا شڪارپور وڃڻ ٿيندو آھي ته رستي جي ھر ڳوٺ ۾ ڪونه ڪو مدرسو پٽاپٽي سياسي جھنڊين سان سينگاريل نظرجندو آھي، جنھن وستي واھڻ ۾ سرڪاري اسڪول ھجڻ کپندا ھئا، اتي مدرسا آھن، ۽ ڳوٺن ۾ سرڪاري نا اھليءَ جي ان خالَ کي مدرسن ڪاميابيءَ سان ڀري ورتو آھي، نتيجي طور تي اسان جي مدرسن ذريعي اسان جي سنڌ ۾ ھڪ اھڙو نسل تيار ڪيو ويو آهي، جن اهو نسل تيار ڪيو آهي، انهن وٽ آرگيوو ۽ راءِ جي ڪابه گنجائش ڪانه آھي، گهڻن جي تربيت جيئن ته ڄاڻي واڻي “ماريو ۽ ساڙيو” واري فارمولي تحت ڪئي وئي آھي، ان ڪري جڏھن به سنڌ ۾ اھڙو ڪو ماحول جُڙي ٿو، اھي پنھنجي تيار ڪيل انھيءَ جنوني ۽ خوني بريگيڊ کي ھُشي ڏئي ٻاھر ڪڍي وٺن ٿا ، ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾ ڊاڪٽر شاھنوار ڪنڀر جي شھادت جھڙا خوني واقعا جنم وٺن ٿا. انھن ۽ اھڙن واقعن جي روڪٿام ۾ اسان جي پي پي سرڪار ڪڏھن به سنجيدو رويو نه اپنايو آھي، نتيجي طور تي اھڙا کوڙين واقعا انھيءَ خوني طالباني بريگيڊ کي ڦٻي وڃن ٿا.
ٻه ڏھاڙا اڳ جمعي جو ڀلارو ڏينھن ھيو ۽ جمعي نماز جي خطبي ۾ عمر جان سرھنديءَ جيڪا ٻولي اسلام جي اڪائونٽ تي ڳالھائي آھي، مان ھڪ پڙھيل لکيل سنڌيءَ جي حيثيت ۾ شرم کان ٻڏي ويو آھيان، اسان جي سنڌ ته واقعي گدڙن جي حوالي ٿي وئي آھي، اھي جيئن چاھين، تيئن ڪري سگھن ٿا، ان لاءِ انھن کي جاويد جسڪاڻيءَ جھڙن اديب شاعر آفيسرن جي پٺ ڀرائي به مليو وڃي ٿي، ۽ اھي ان کان پنھنجي چھري تي چميون حاصل ڪندي گد گد ۽ خوشيءَ ۾ نه ماپجندي به نظرجن ٿا.
اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جي حالت موھين جي دڙي کان صفا به گھٽ ڪانه وڃي بچي آھي، ھڪ عجيب تباھيءَ جو ڏيک ھر ڳوٺ ۾ بدرجھا اتم نظرجي ٿو، سنڌ جي ڳوٺن جي انفرا اسٽرڪچر تي زري برابر به ڪم نه ٿيو آھي، ھا، باقي ھڪ ڳالھ مان محسوس ڪندو آھيان جڏھن به ٽرين ڊيوٽيءَ تي ڪراچيءَ ويندي نوابشاھ کان گذرندو آھيان ، نوابشاھ بعد ڳوٺاڻي ترقيءَ ۽ انفراسٽرڪچر جي فراھميءَ جو ھڪ نئون جھان ڏسڻ لاءِ ملي ٿو، نوابشاھ کان شھداپور تائين ڪمال جا جديد روڊ رستا ، پاور ھائوسز ۽ موبائل نيٽ ورڪس جا لڳ ڀڳ سمورا ٽاورز ملندا ، مون ڪنھن مقامي ٽرين مسافر کان جڏھن پُڇا ڪئي ته ھي ڪنھن جو علائقو آھي، جتي ايترو ترقياتي ڪم ٿيل آھي، ته ان وراڻيو “سائين اھو اسان جي وڏي زرداريءَ جو علائقو آھي”. اھوئي سبب آھي جو زرداري صاحب پنھنجي علائقي تي وڏو پئسو خرچ ڪري ان کي اڄ جي دنيا جي ترقياتي ليول تي پھچايو آھي، حالانڪه نوابشاھ ضلعي جو ته نالو ئي بينظير آباد رکيو ويو آھي، مگر ان بينظير آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي خبر اسان ريلوي وارن کي تڏھن پوندي آھي، جڏھن ھڪ تيز ڪيميڪل جي بدبوءِ حواسن تي حملو ڪري ڏيندي آھي ۽ اسان رومالَ سان پنھنجو نڪ بند ڪري سمجھي ويندا آھيون ته ھاڻ اسان نوابشاھ يعني بينظير آباد ضلعي ۾ داخل ٿي ويا آھيون.
سنڌ جي 99 سيڪڙو ڳوٺن ۾ غربت جو موجود رھڻ اسان جي سنڌ تي مڙھيل پي پي پي حڪومت جي شايد غالب ايجنڊا آھي، پي پي پي سنڌ جي ٻھراڙين ۾ ڪنھن به قسم جو ترقياتي ڪم ڪونه ڪرايو آھي، ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ ۾ جيئن منھنجي پنھنجي ڳوٺ ۾ ، جيڪو خيرپور جي تعلقي ڪنگريءَ ۾ موجود آھي، اتي رڳو ھڪ روڊ سائين قائم علي شاھ جي حڪم تي ٺھرايو ويو ھو اھو روڊَ به رڳو ھڪ ئي سال اندر پي پي جي نوازيل ٺيڪيدارن جي ظاھر ظھور بدديانتين جي ڪري اُکڙي ويو ۽ ان بعد ان روڊ جو سرڪاري کاتي جي ڪتابن ۾ ڪوبه ذڪر ڪونه ٿو ملي ۽ اسان صبح شام ان روڊ تي اھو شعر جھونگاريندا گذرندا آھيون ته ..
انھي پٿرون په چل ڪي اگر آسڪو تو آئو.. ميري گھر ڪي راستي ۾ ڪوئي ڪھڪشان نھين ھي.
ڳالھ ھلي رھي ھئي سنڌ ۾ بنياد پرستيءَ جي ته ان بنياد پرستيءَ کي پروان چاڙھڻ ۾ اسان جي سنڌ جي نااھل حڪمرانن جو وڏو ھٿ رھيو آھي، سنڌ ۾ ڄاڻي واڻي تعليم جي لاءِ بحراني حالتون پئدا ڪيون ويون، اسڪولن جي حالت سڌارڻ ۽ انھن ۾ انفراسٽرڪچر جي بھتريءَ لاءِ ڪي به قدم ڪڏھن به ڪونه کنيا ويا، نتيجي ۾ انھن اسڪولن جا مقرر ٿيل ماستر اسڪول اچڻ کان ئي لنوائڻ لڳن ٿا ۽ علائقي جي اسڪول سپروائيزر جي آشيرواد سان اسڪول ۾ اچڻ کان ئي جواب ڏئي گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳن ٿا ۽ اڄ اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جي اھا حالت آھي، جو ڳوٺن جا سمورا ٻار پنھنجي فارغ وقت کي ھيڏانھن ھوڏانھن گھمڻ ڦرڻ يا ھٿيار ھلائڻ جي سکيا ۾ گذارڻ لڳا آھن، انھن لاءِ ڪچي جا ڌاڙيل فلمن جي ڪنھن ھيرو جي حيثيت رکڻ لڳا آھن ۽ بعد ۾ اھي ڇوڪرا ڪنھن نه ڪنھن نموني سان پنھنجي اوائلي عمر ۾ ئي پنھنجي پنھنجي ذات وارن ڌاڙيلن جي گينگس ۾ وڃي شامل ٿين ٿا ڇوته انھن ڌاڙيلن جو ظاھري گليمر ڪمال جي ڇڪ رکندڙ ھوندو آھي، مان سمجھان ٿو ان سموري ماحول کي رچائي ريٽو ڪرڻ ۾ سڀ کان وڏو ڪردار اسان جي پي پي حڪومت جو آھي، جنھن جي نرم ۽ لينيئنٽ پاليسين جي ڪري سنڌ جو پاڪ پوتر ۽ اجرو چھرو گھڻو گھڻو داغدار نظرجڻ لڳو آھي.
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي ڪمھلي شھادتَ جتي عام ماڻھن کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارڻ جو ڪم ڪيو آھي اتي اھڙا ڪيئي سوال به کڙا ڪيا آھن ته اھڙو ڇا ڪجھ ڪجي جو آئينده اھڙا واقعا ظھور پذير نه ٿين .. ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي بنياد پرست ملان فيڪٽر کي سنڌ جي سجاڳ شعورَ وقت تي جاڳي اھڙو ته ڪاپاري ڌڪ ھنيو آھي جو اھي تلملائي اٿي پيا آھن، ھجڻ ته ايئن گھرجي ھا، اھي مذھبي جنون رکندڙ عنصرَ پنھنجي ان ڪُڌي ۽ انسانيت کي شرمائيندڙ عمل تي پڇتاءُ محسوس ڪن ھا ۽ مڃن ھا ته ھجوم کي استعمال ڪري معاشري ۾ انارڪي ڦھلائڻ کان پاسو ڪجي ھا ۽ جزا توڙي سزا جو اختيار وقت جي حڪومتن ۽ عدالتن تي ڇڏجي ھا مگر ايئن ٿي نه سگھيو آھي ۽ انھن مذھبي ڌُرين ته اتي جو اتي فيصلا ٻڌائي ماري ساڙڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آھي، جنھن عملَ جي نه دين ۾ ڪا گنجائش آھي ۽ نه ئي ڪنھن فقه ۾ … جيئن مولانا غامديءَ جا غالم فرمائي ويا آھن ته “ اسان کي ماڻھو مارڻ جو ڪوبه حق ناھي، انصاف مھيا ڪرڻ حڪومتِ وقت جي ذميواري آھي، اھا ڪيس ھلائي ۽ جيڪڏھن واقعي اھو ملزم ڏوھي ثابت ٿئي ته قانون موجب ان کي سزا ڏجي.” مگر اسان جي سنڌ ۾ ھجوم جي ھٿن ۾ جڏھن انصاف جي تارازي ڏئي ڪري پنھنجا حڪمران نيروءَ واري چين جي بانسري وڄائيندا ته پوءِ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جھڙا سنڌي سپوت ناحق شھيد ٿيندا رھندا.
ڪنھن به جنون ۾ ورتل گروھ کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومتِ وقت جي ذميواريءَ ۾ اچي ٿي ۽ حڪومتن جو اھڙن معاملن ۾ سدائين نيوٽرل ۽ غيرجانبدار رويو ھجڻ کپي پر بدقسمتيءَ سان اسان جي پاڪ سرزمين ملڪ ۾ اھڙو رويو شروع ڏھاڙي کان ئي جُڙي نه سگھيو، نتيجي طور تي ملڪ جي غالب سُني اڪثريت پنھنجي ملڪ جي اقليتن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ۽ ملڪ جي ورھاڱي کان وٺي جيڪو سلسو سرڪاري سرپرستيءَ ۾ شروع ڪيو ويو ھو، اھو وچ ۾ ضيائي قانونن جي ٽيڪن ۽ ڀتين اڏڻ سان اڃان وڌي ڪري، ھڪ خوفناڪ جيل ۾ بدلجي ويو آھي، جنھن ۾ سُني مسلمانن کان سواءِ ٻئي ڪنھن به فرقي جي رھڻ جي ڪابه گنجائش نه ڇڏي وئي آھي. مان جڏھن به ڪوئٽه ويندو آھيان ، ھزاره برادريءَ جي علائقي ۾ ھڪ اھڙو ماحول ڏسي ايندو آھيان جيڪو اڄ به دل کي ڏڪائي ڇڏيندو آھي، سعودي اسپانسرشپ ۾ ھزاره برادريءَ جو جھڙي نموني سان انھن سُنين حڪومتي آشيرواد سان بھيمانه قتلِ عام ڪيو آھي، ان جي ڀيٽ تاريخ ۾ رڳو تاتارين سان ئي ڪري سگھجي ٿي.. اسان جي ڪوئٽه جي ڪامريڊ منگول (جيڪو ھڪ فوٽوگرافر ۽ ھيومن رائٽسٽ آھي ) جو پورو خاندان تھس نھس ڪيو ويو، انھن خاندانن جي برباديءَ جا قصه ٻڌجن ته راتيون کُٽي وڃن .. رياستي آشيرواد سان انھن معصوم ھزاره برادريءَ جو قتلِ عام پاڪستان جي حڪمرانن تي ڪاري دانگيءَ جي لينگھن جيان لڪل نه آھي.
ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته اسان جي رياست پنھنجي آئين مان اھڙن سمورن شقن کي ڪڍي ڇڏي، جن سان سُنين کي ڇڏي ڪري ٻين پاڪستاني اقليتن سان ٻه اکيائيءَ وارو تاثر جُڙي بيھي ٿو، ھڪ ملڪ جو قانون ڪڏھن به ان ملڪ جي غالب اڪثريت جي تمائن جي پوئواريءَ ۾ نه بڻائڻ کپي بلڪه ان ۾ انھن اقليتن کي به ايترو ئي تحفظ مليل ھجي جيترو غالب اڪثريت کي ڏنو ويو آھي ته جيئن ھُو بنا ڪنھن ڊپ ڊاوَ جي پنھنجي حياتي پنھنجي پنھنجي مذھبن ۽ ريتن رسمن جي حساب سان گذاري سگھن .. اڄ به مان جڏھن پنھنجي پاڙي ۾ شھرَ سکر جي پنھنجي اقليتي دوستن سان ملندو آھيان ته مون کي انھن جي اکين ۾ ھڪ اھڙو خوف چٽو جھاتيون پائيندي نظر ايندو آھي، جنھن ۾ انھن سان ڪجھ به ٿي وڃڻ جو ڊپ صاف صاف جھلڪندي نظرجندو آھي .. ھي ملڪ منھنجي ملڪ جي غالب اڪثريت سان گڏ گڏ منھنجي شھر جي اقليتن لاءِ به ايترو ئي محفوظ ھجڻ کپي جيترو ھن وقت غالب اڪثريت لاءِ محفوظ بڻايو ويو آھي.