محمد، محبت جو شاعر، جيڪو بدصورت ۽ ڪمروز آھي، ماڻھن جي کِلَ ۽ ٽوڪَ جو سبب بڻجي ٿو، مگر ھن جي شعرن تي ڪوبه پنھنجا ڳوڙھا روڪي نه ٿو سگھي. (ملڪ محمد جائسي)
اسان جي سنڌ جي ٿر جو ڪوي امر ساھڙ سدائين پنھنجي شاعريءَ سان اسان اترادين کي حيران ڪندي نظر ايندو آھي، جڏھن مون کي امر جي ساھتڪ سفر جو ھي ٽيون موڙ يعني ھن جو ٽيون ڪتاب مليو ته مان ھڪ سھڻي شاعريءَ جي ھڪ سھڻي گلدستي سان واسجي ويس ۽ منھنجون ٻه شامون مڪمل طور تي ھن ڪتاب جي حوالي ٿي ويون ھيون، ھر پني تي ٿرَ ۽ ٿرَ جي حيران ڪندڙ زندگيءَ جي ڪا نه ڪا جاڳندڙ تصوير پئي نظري ۽ ھر سِٽَ ۾ هن “ذرا سي زندگيءَ” جي ڪانه ڪا حُسناڪي پينٽ ٿيل ملي رھي ھئي. امر ساھڙ جيئن پنھنجي فزڪس ۾ طويل قامت ۽ سھڻو ڏسجڻ ۾ ايندو آھي، ايئن ئي ھن جي شاعري به ڪنهن اوچي شاه بلوط جيان قدآور ۽ پري کان نمايان نظربي آھي.
تيز ھوا ۾ تنھنجو آنچليو ٿو اُڏري،
آنچليو ٿو اڏري، بادليو ٿو اڏري.
آنچل لفظ جو آنچليو، ڄڻ زبان تي ڄمونءَ جي ميوي جهڙو ڪو سواد گهُلجي ويو هجي، ان ڪري ئي ته شاعر لاءِ چيو ويندو آھي ھُو ھڪ ڀِترَ کي به ڪنھن ھيري يا جواھر جو ڏيک ڏيئي پيش ڪري سگھي ٿو، اھائي شاعر جي شَمِتا آھي، طاقت آھي جو هو اڻ ٿيڻي ڪنھن خيالَ کي ممڪنات جي دائرن ۾ آڻي سگھڻ جي طاقت رکي ٿو. حاجي ساندَ غلط نه لکيو آھي، “مُھراڻي جي موراڙين ۾ مينھن جا مھڪايل اَڇا گُلَ، ڪنھن سانوري ڇوڪريءَ جي کِلَ تي ريساڙا ٿي پيا آھن، ھاڪڙي جي اُرھَ تان ڍرڪي پيل سِرنھن جي گُلن جي پيلي خوشبوءَ جي چادر ٿُوھرن جي اُگھاڙن مٿن تي اوڍاڻي ٿي پئي آھي، مورن جي رقصَ جي فوٽوگرافي ڪندڙ ڪنھن ڪجلي اک، دلين تي جادو ڪري ڇڏيو آھي”. امر ساھڙ جي ھن ڪتاب ۾ جڏھن عزيز گل جي لکڻيءَ تي اچي بيٺو آھيان ته دل ڄڻ ته پنو ورائڻ کان ئي انڪار ڪري بيھي رھي آھي، ھڪ شاعر وري مٿان شاعراڻو نثر لکي ته اھو نثر به ڄڻ ته شاعري بڻجي وڃي ٿو، احساسن جي ايڪسٽريم وھڪري ۾ لکيل عزيز جو ھي ليک سچ ته سانڍڻ ۽ بار بار ريفر ڪرڻ جھڙو آھي، عزيز گل لکي ٿو … “امر ساھڙ ھڪ اھڙو شاعر آھي، جيڪو جڏھن زندگيءَ ۾ نه به ھوندو ته به ھيءَ شاعري کيس ياد ڪندي، وقت مري ويل دوست وانگر گذريو وڃي پر ڪجھ اھڙا ڪردار پوئتي ڇڏي ويندو آھي، جن جي زندگي ڌرتيءَ سان پريم جي ڪھاڻي پَن پَن ۾ پڙلاءَ وجھي ڇڏيندي آھي، جيڪي ڳاڙھي ڳلَ، گنگا جَلَ، ترائي، تلَ ۽ ھرڻ جي کل جھڙا سھڻا ۽ فرشتن جي کنڀن جيان خوبصورت ھوندا آھن”.
ايئن ئي اڳين پنن تي سائين نواز شاھ ڀاڏائيءَ جو مھاڳ اچي ٿو، جيڪو به امر جي شاعريءَ جي بھترين اوکَ ڊوکَ ۽ مڃتائن جو سنديس کڻي اچي ٿو. مان سائين ڀاڏائي صاحب جي ان راءِ سان سئو سيڪڙو متفق آھيان ته امر ساھڙَ جي شاعريءَ تي مجموعي طور تي چار شيون اثرانداز رھيون آھن، ھڪ فطرت جو حُسن، ٻيو عوامي جذبات جي فراواني، ٽيون وارياسي پٽَ جون پسماندگيون ۽ چوٿون ڊگھي انتظارَ جي اذيت، ڇو ته امر جو جنم جنھن جُوءِ ۾ ٿيو آھي، اُتي ياقوتي چپن جي چُميءَ تي مانيءَ جي ڳڀي کي وڌيڪ فوقيت حاصل رھي آھي، سازَ به موجود آھن مگر انھن مان صرف دردَ جا نغما ڦُٽن ٿا، اھو دردُ جيڪو امر ساھڙَ کي پنھنجي وڏڙن وٽان ورثي ۾ مليو آھي، البت ڪڏھن ڪڏھن ٻٻرن جي ڇوڏن مان ٺھيل اڇو شراب ميسر ٿي ويندو آھي…
امن، شانتي ۽ روشنيءَ جو روادار آھيان
منھنجي گيتن ۾ محبت جي گونجارَ آھي.
پنھنجي لکيل نوٽَ ۾ اسان جو امر ساھڙ ڇا ته ڳالھ ڪري ويو آھي، ڄڻ منھنجي ئي دل جي ڪا ڪَھ مُڪرني ھجي .. “مون شاعريءَ جي ريشمي رومالَ تي محبت جا رنگين ٽنئورَ به ٽاڪيا آھن ته وطن جي حُبَ جو ھُرمُچ به ڀريو آھي، وطن منھنجو محبوب آھي، محبوب جي ڏک سُک کان آئون ڪيئن ڪنَ لاٽارَ ڪري سگھان. ان ڪري ديسَ واسي منھنجي شاعريءَ جي سڀ کان اولين ترجيح آھن ۽ اھا منھنجي آرزو آھي ته ته منھنجي شاعري پنھنجي مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي، انھن جي زبان بڻجي، انسانيت، عالمي امن ۽ رواداري جي حامي بڻجي، باقي مون ڪڏھن به شاعريءَ کي سستي شھرت جو ذريعو ناھي سمجھيو”.
ايئن امرَ سائين کان ٿي اسان جڏھن ھن جي شاعريءَ جي سنڌوءَ ۾ لهي پئون ٿا ته اسان جو مَنُ پيرن کان به اول ان ريشمي آلاڻ ۾ پسي وڃي ٿو ..
قربَ جي ڪمرشل زماني ۾
ڪو پويتر پيار ڳولھي ٿو.
امر جي شاعري ايتري ته سَئولي ۽ سَرل آھي جو لڳندو ئي ناھي ته انھن شعرن جي پس منظر ۾ بحر وزن جي ڪا انجڻ به آهي جا ايڏي سانتيڪي ردم ۾ ھلي رھي آھي، جو ڪو ڌچڪو يا ڌِڪو به محسوس ڪونه ٿئي ٿو، اھا ئي ھڪ شاعر جي وڏي ڪاميابي آھي، ڄڻ عام زندگيءَ جي ڳالھ ٻولھ وارا ٽُڪرا کڻي پني تي رکيا اٿائين ۽ اھي شاعري به آھن ته وزن ۽ مِيٽر ۾ به پورا ۽ تُز آھن، اھا پرئڪٽس آھي ۽ اھو وجدان آھي، اهي ٻئي شيون جڏھن ملي پون ٿيون ته “آنچليو” جھڙو ڪتابَ سِرجي پوي ٿو.
بي سبب بي رُخي چڱي ناھي،
يارَ ! ايڏي مَڳي چڱي ناھي
زندگي زھر ٿي لڳي، ليڪن
پوءِ ڀي خودڪشي چڱي ناھي،
امرَ ! چالاڪ ھن زماني ۾
ايتري سادگي چڱي ناھي.
مان جيئن جيئن پنا ورائيندو شاعري پڙھندو وڃان ٿو، ڄڻ سونھري شام جھڙي ڪنھن لھرَ ۾ لُڙھندو ھليو وڃان ٿو، شامَ ـ رنگ شاعري ھونءَ به ڪمال جو اثر ڇڏيندي آھي، حواسن جي سيٽنگ ھيڏي ھوڏي ڪري ڇڏيندي آھي .. امر جي آنچليو جي ھر پني تي دردَ، اُتساھَ ۽ ٿرَ جي ڏکن جو جھان پينٽ ٿيل آھي، جنھن به پني کي جتان به پڙھندئو توھان کي شاعري پنھنجي ريشمي ڏورين سان جڪڙيندي ويندي. امر ساھڙ کي ريڊيو تي ٻڌڻ جو ڪڏھن موقعو ته ڪونه ملي سگھيو آھي، پر مان ڀايان ٿو جنھن جي شاعري ايڏي لئريڪل ۽ گوناگون احساسن سان ٽمٽار ملي رھي آھي، ان شاعر جو ريڊيو جي مائڪ اڳيان پنھنجو انداز به ڪيڏو نه شاعراڻو ھوندو. هڪ اعتراف ڪريان ته، اھا منھنجي بدقسمتي آھي، جو ھڪ دفعو امر اسان جي سکر شهر ۾ آيو ھو ۽ مان ھن سان رڳو ھڪ ڀاڪر ئي پائي سگھيو ھوس. ان بعد مان ٽرين جي پٽڙين حوالي ٿي ويو ھيس ۽ امر به پنھنجي ٿرَ ڏانھن موٽي ھليو ويو ھو.. امر جي شاعريءَ جو ھي سفر، مون کي پڪَ آھي ته ٻين ھزارن شاعرن جي شاعريءَ جيان رائگان نه ويندو، ڇو ته امر جي شاعريءَ ۾ اھي سڀ ڳالھيون ۽ اھي سمورا احساس موجود آھن، جيڪي ڪنھن به نرم روح رکندڙ انسان ۾ موجود ھوندا آھن ۽ اھا ترجماني سچ اھو آھي ته رڳو اھي ئي ڪري سگھندا آھن، جن جا پيرَ سنڌڙيءَ جي ڌوڙ ۾ ڌُڌڙيل ھوندا آھن، مگر سوچ آسمانن جو سئر پئي ڪندي آھي. امر ساھڙَ کي اسان سنڌ واسين جي ھٿڙن ۾ ھڪ سھڻو ڪتاب پھچائي ڏيڻ تي دل سان لک لک واڌيون ارپن ڪريان ٿو.
نئون پائي پَڙو تَڙَ تي،
کڻي آئي گھڙو تَڙَ تي
ھيو ھر پاڻياريءَ جي،
مٿي تي ٻيلھڙو تَڙَ تي……
واھ واھ امر ساھڙَ !