ھڪ جپسي ڪالم … اجرڪ جهڙي عاشقي

0
32
ھڪ جپسي ڪالم ... اجرڪ جهڙي عاشقي

جڏھن کوڙ ڏھاڙا لکي نه سگھندا ھئاسين ۽ لفظَ رساميل محبوبن جيان پري پري ٿي بيھجي ويندا ھئا، ته اسان سکر جا ڪجھ دوست، واري تڙَ جو رُخ ڪندا ھئاسين، واري تڙ اڄ به اسان لفظن جي فقيرن لاءِ انسپائريشن جو ڪاشي ۽ قبلو آھي. سکر ۾ موجود دادوُ چوڪ کان ٿيندا جڏھن واري تڙَ جي گھٽين ۾ داخل ٿيندا ھئاسين ته اسان کي پنھنجي سامھون ڪوبه شاعراڻو ماحول ڪونه ملندو ھو، سائين ادلَ جي گھر آڏو چوويھ ڪلاڪ ھڪ گھوڙو ٻڌل ملندو ھو، جنھن تي ڪڏھن ڪنھن سواري ڪئي ھوندي يا الاءِ نه، اسان اھو ڪڏھن به نه ڏٺو، پر اھو گھوڙو سائين ادل جي گھر جي دروازي جي ڀڪ ۾ ٻڌل ملندو ھو، ان بعد سائين ادل جو گھر ايندو ھو، جنھن دروازي تي انھن ڏھاڙن ۾ ادل سومرو جي نالي جي تختي لڳل ھوندي ھئي ۽ درَ جي ڀڪَ ۾ ھڪ وڏو ھال نما ڪمرو ھوندو ھو، جتي ڪنھن پراڻي گھڙيال جيان چاچا صالح سومرو به ڪانسٽنٽلي موجود ملندو ھو، اسان چاچا صالح کي ڪڏھن به کٽَ تي آھليل ۽ آرام ڪندي نه ڏٺو، چاچا سدائين اجرڪ جي عاشقيءَ ۾ رُڌل مليو، نير ھاڻن ھٿڙن سان ڀاڪر پائي ملندو ھو ۽ ٻڌايئندو ھو ته اوھان جو ادل ته يونيورسٽي ويل آھي ۽ پوءِ چانهه لاءِ پُڇندو ھو. چاچا صالح جي مرڪَ ڪمال جي ھوندي ھئي، ھيترا سارا سال گذري ويا آھن، سائين ادل جي گھر جو به نقشو ئي تبديل ٿي ويو آھي، پر چاچا صالح جي اھا مخصوص مرڪَ اڄ به ذھن جي اسڪرين تي فلئش جيان چمڪا ڏيندي ياد ايندي آھي. چاچا جي ڀڳل ڏندن واري اھا مسڪراھٽ ڪمال جي ھوندي ھئي، ڪاش ان وقت مون وٽ فوٽوگرافيءَ واري ڪا ڪئميرا ھجي ھا ته اھا تصوير ايوارڊ وِننگ تصوير بڻجي ھا.

چاچا صالح ھڪ ٻار جيان معصوم ۽ سادڙو ھو، ھن سان اسان شاعر ماڻھو، ڪڏھن به لفظن جي انجنيئرنگ واري ٻولي نه ڳالھائي سگھندا ھئاسين، لفظن جي جادوگر سائين ادل جو پِيءُ چاچا صالح ٻارڙن جھڙي سئولي ۽ سادي سنڌي ڳالھائيندو ھو، ھن جي جملن ۾ ڪاما ۽ فُل اسٽاپ جھڙيون ڪي به لوازمات ڪونه ھونديون ھيون. مان چاچا صالح جا نيرھاڻا ھٿَ ڪڏھن به وساري نه ٿو سگھان، منھنجو خيال آھي ته، سائين ادل جو خاندان معاشي حوالي سان ھڪ سائونڊ خاندان ھو، پر چاچا صالح پنھنجي اباڻي ڪرت کي ضرورت نه ھجڻ جي باوجود به نه ڇڏڻ چاھيندو ھو، ھُو مونکي پنھنجي فن جو ڪنگ پريئيسٽ لڳندو ھو، جنھن سدائين اجرڪ کي پنھنجي جيئڻ جو مقصد ۽ محبتن جو مرڪز بڻائي رکيو ھو، فقيراڻي طبيعت وارو چاچا صالح ھن مھل ادل سائين جي گھر ۽ سکر ۾ ڪٿي به نظرجندو ناھي پر جنت جي جنھن به محل يا جھُڳيءَ ۾ ھوندو، مان پَڪ سان چوان ٿو اُتي به ضرور اجرڪ ڇُريندو ھوندو. اجرڪ جي عاشقي مون پنھنجي جيون ۾ اگر ڪنھن ھستيءَ وٽ تاروتار ڏٺي ته اھا چاچا صالح ۾ ڏٺي ھئي، چاچا اجرڪ جو عشق ھو، اجرڪ ڇُرڻ مھل ھن جي مُک تي جڏھن اجرڪَ جي بلاڪن جو رنگ رفليڪٽ ڪندو ھو ته اھا ڪنڊ ھڪ عبادت گاھ بڻجي ويندي ھئي، ھن جون آڱريون سدائين نير سان رنگيل ھونديون ھيون، ايستائين جو جڏھن چاچا آرام ڪندو ھو ته نيرھاڻا ھٿ پنھنجي پيشانيءَ تي رکي روشنيءَ کان اوٽ وٺندو ھو ۽ ننڊ ڪندو ھو. چاچا صالح جي وفات بعد اھو خاموش اڌ اونداھو ڪمرو مڪمل اونداھيءَ ۾ ٻڏي ويو ھو ۽ کوڙ سالن تائين ويران رھجي ويو ھو، جڏھن به سائين ادل سان ملڻ ويندا ھئاسين ته سائين ادل اسان کي ان ئي ڪمري ۾ ويھاريندو ھو ۽ ڪچھري ڪندو ھو، مگر اسان بار بار ان ڪنڊ ڏي نھارڻ لڳندا ھئاسين، جتي چاچا صالح ويٺو اجرڪ ڇريندي نظربو ھو. اھو ڪمرو پوءِ شايد ڊھي ويو، سائين ادل جي نئين جاءِ ھاڻ ڏاڍي خوبصورت ۽ پنھنجي پاڙي جي عاليشان گھرن ۾ شمار ٿئي ٿي مگر اھو ڪمرو خاص ڪمرو ھو، اھو ڪمرو زندھ ۽ ساھ کڻندي محسوس ٿيندو ھو، اھو ڪمرو اڄ به اسان جي حواسن ۾ جاڳي ٿو، ان ڪمري جي ڀِتين مان ڪھاڻيون دز جيان ڇڻندي محسوس ٿينديون ھيون. اھو ڪمرو انسانن جيان باقاعدھ ڳالھائيندو ھو، ان ڪمري جي ڀِتين مان خاموشي ٽھڪَ ڏئي پنھنجي موجودگي محسوس ڪرائيندي ھئي، ان ڪچي گاري واري ڪمري جي اڌ روشن چئني ڪنڊن ۾ وقت جون سوين ڪھاڻيون جاڳندي ملنديون ھيون . اھو ڪمرو ٽھڪ ڏيندو ھو، اُداس ٿيندو ھو، ڪچھريون ڪندو ھو، ڳوڙھا اُگھندو ھو ….ھاڻ نه چاچا صالح موجود آھي، نه ئي اُھو ڪمرو …ٻئي شيون ھاڻ رڳو يادن ۾ زندھ آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن من ڏاڍي اُٿل کائيندو آھي ته سکر جي ڪنھن نج نبار دِل واري انسان سان ملي اچجي ته دل جي اھا گوگل سرچ گھڻو تڻو خالي موٽي ايندي آھي.

اڄ سکر ۾سڀ ڪجھ ساڳي طور تي موجود آھي، سڀ ڪجھ ائين ئي روان دوان آھي، سڄو واري تڙ بدلجي ويو آھي، جڏھن به سائين ادل سان ملڻ ويندو آھيان ته محسوس ڪندو آھيان ته اھو ڪمرو ۽ ان جو رھواسي چاچا صالح اڃان به ويٺو پنھنجي نير ھاڻن ھٿڙن سان اجرڪ ڇُري رھيو آھي ۽ ڏسندي ئي اُٿي ايندو ۽ ڀاڪر پائي چوندو: “ڇو ڀلا….اچڻ ئي ڇڏي ويو آھين؟”  ۽ چاچا جي ان سوال جو مون وٽ ظاھر آھي ڪوبه جواب نه هوندو. ھاڻ ته اکيون اُگھڻ لاءِ رومال ته پري رھيو، ڪو ھٿُ ئي ڪونه ٿو ملي پر چاچا صالح ۽ ھن جا نيرا ھٿَ ڄڻ ته ڪنھن ريشمي رومال جيان ھوندا ھئا،  چاچا صالح جي ڀڳل ڏندن واري اھا خاص مرڪَ جڏھن به ملي پوندي ھئي، اسان پاڻ کي ڄڻ ته سکر جي امير ترين ماڻھن ۾ شُمار ڪرڻ لڳندا هئاسين.