ھٿ جا ھنر ۽ انهن جي وارثي وارو سوال؟   

0
40
ھٿ جا ھنر ۽ انهن جي وارثي وارو سوال؟   

 سنڌ جو خطو شاھوڪار تهذيب ۽ قديم ثقافت سان مالامال رهيو آهي. صدين کان ثقافتي سڃاڻپ رکندڙ “سنڌ” ۾ ھٿ جي ھنرن ( ثقافتي هنرن) کي هڪ وڏي اهميت حاصل رھي آهي. توهان ڏٺو ھوندو ته سنڌ جي ٻھراڙين ۾اڪثر گھريلو عورتون ڀرت جو ڪم گج ٺاهڻ رلي ٺاهڻ ۽ ٻانڌڻن پڙن ٺاهڻ جو ڪم پنهنجن ھٿن سان ڪنديون رھنديون آهن.  اھڙي ريت سنڌ جي ٻھراڙين ۾ اجرڪ ٽوپيون ٺاھڻ ۽ رومال ٺاهڻ جو ڪم پڻ ڪيو وڃي ٿو. سموري سنڌ ۾انهن ھٿ جي هنرن ۾ اجرڪ، ٽوپي، گج، ٻانڌڻا، پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون، رلي، مٽي جا ٿانو، دستڪاري جو هنر ۽ ٻين هنرن جي سموري دنيا۾ هڪ خاص اهميت رھي آهي،

گذريل ڪجھه سالن کان سنڌ ۾ ٽقافتي ڏھاڙو ملھائڻ کان پوءِ انهن ھنرن کي تمام گهڻي پذيرائي  ملي آهي. سنڌ۾ اجرڪ  ٽوپي، ٻنڌڻا پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون ۽ گج کي سنڌي لباس جو هڪ حصو سمجهيو ويندو آهي. موجوده وقت ۾ جيڪڏهن جائزو وٺجي ته  مھانگائي جي ھن دور ۾سنڌ ۾ ھٿ جاهنر(خاص طور تي رڱاوت  جو ھنر) زوال پذير ٿيڻ ڏانهن وڌي رهيا آهن. سنڌ ۾ انهن هنرن ٺاهڻ جا مختلف شهرن ۾ مرڪز پڻ قائم ٿيل آهن. رڱاوت جي ھنر ۾ اجرڪ ٻانڌڻا پڙا ٻانڌڻيون چنيون گھنڊ ڪوٺا ٺاھيا ويندا آهن. اجرڪ سنڌ جي قديم ثقافت جو حصو  رھيو آهي، اجرڪ ۽ ٻانڌڻا پڙا ٺاهڻ جو ڪم (رڱاوت جو ڪم )هينئر ته گهڻائي ماڻهو ۽ ڪيترن ئي ذاتين وارا ڪن ٿا پر اصل هي ڪم مسلمان کترين ۽ هندو کترين جو آهي، جيڪي پنهنجن ابن ڏاڏن کان اهو ڪم ڪندا پيا اچن جڏهن ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سومرا ذات سان لاڳاپيل ماڻهو پڻ اهو رڱاوت جو ڪم ڪندا رھيا آهن .

ٻانڌڻا پڙا ۽ چنيون عورتن جي لباس جو خاص حصو آهن. ٻانڌڻا پڙا ۽ رڱاوت جو ٻيو ڪم هندو کترين جي گهرن ۾  پڻ عام جام ڪيو وڃي ٿو. اهو ڪم سنڌ ۾ مٺي، هٿونگو، عمرڪوٽ، نيو ڇور، غلام نبي شاهه، کپرو ۽ سانگهڙ ۾ عام جام ڪيو وڃي ٿو. ڏھه سال اڳ انهن شھرن  ۾ رڱاوت جي ڪم جالڳ ڀڳ 25 وڏا وڏا ڪارخانا پڻ موجود ھئا پر انهن ۾ لڳ ڀڳ رڱاوت جا 15 ڪارخانا بند ٿي ويا آهن. ٻانڌڻن پڙن ۽ چنين ٺاهڻ جي عمل دوران ڪافي محنت ڪئي ويندي آهي ۽ ٿر پارڪر۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ اهو هنر ڪيترن ئي گهرن جي روزگار جو ذريعو پڻ بڻيل آهي. ٿرپارڪر۽عمرڪوٽ ضلعن جي ٻھراڙي جون اڪثر عورتون ٻانڌڻا پڙا ٻڌڻ جواهو ڪم پنهنجن گهرن ۾ ڪنديون آهن.

ھن وقت ھڪڙي ٻانڌڻي پڙي جي ٻڌائي300 کان وٺي 2500 تائين آهي جڏھن بافتو ڪپڙو 95 رپيا في ميٽر آهي ھڪڙو پڙو7 ميٽرن جو ھوندو آهي ٻانڌڻا پڙا ۽ اجرڪ ٺاهڻ جي عمل دوران بافتي ڪپڙي کي نرم ڪرڻ کان وٺي ڇرڪرڻ(ٺپا ھڻڻ)  ۽ بعد ۾ نير عليجر رنگ ذريعي رڱڻ تائين ھي ڪم تمام گهڻي محنت جو حامل آهي وقت گذرڻ سان گڏ رڱاوت جا ڪافي ائٽم جھڙوڪ ڪوٺا گلبدن نيٻوڙي گھنڊ ٺهڻ بند ٿي ويا آهن.  جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻانڌڻا پڙا پائڻ جو رواج گهٽجي ويو آهي پر سنڌ ۾سماٽ ذاتين جهڙوڪ مهر، مڱريا، نهڙي، سميجا، راهمان، سومرا ۽ ٻين ذاتين ۾ ٻانڌڻو پڙو عورتن جي پوشاڪ جو حصو آهي. جڏهن ته شادين مرادين ۾ پير صاحب پاڳاري جا مريد ۽ سماٽ ذاتين وارا ماڻهو مختلف رسمن۾ پڙا استعمال ڪندا آهن.

انهن جي ڏاج توڙي برھي جي رسمن ۾ ٻانڌڻو، پڙو ضرور هوندو آهي. گج پراڻي زماني ۾ سنڌ جي عورتن جي عام پوشاڪ هئي پر موجوده دور ۾ گج گهريلو عورتون ۽ يونيورسٽِن ۾ پڙهندڙ شاگردياڻيون شوقيه طور استعمال ڪنديون آهن، ٿر ۾ سگهڙ عورتن جا ٺهيل خوربصورت گج وڏن شهرن ۾ ڳرين رقمن عيوض وڪامجن ٿا.ثقافتي هنرن ۾ رلي جي هنر کي به  خاص اهميت حاصل آهي .رلي جو ڪم ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ عام جام ڪيو وڃي ٿو، هڪ رلي تي 1000 کان وٺي 6500  روپين تائين خرچ ايندو آهي، رلي جو ڪم سگهڙ عورتون (گهريلو عورتون) پنهنجن گهرن ۾ ڪنديون آهن،

دستڪاري جي هنر ۾ رومال پڻ ٺاهيا ويندا آهن، رومالن تي سگهڙ عورتون آر يا سئي جي مدد سان ڀرت ڀرينديون آهن. اجرڪ، گج، ٻانڌڻا، پڙا، ٻانڌڻيون، چنيون، رلي ۽ ٻيا هنر سنڌي ثقافت جو اھم  حصو سمجھيا وڃن ٿا، موجوده مھانگائي جي دور ۾ مختلف هنرن جو ڪم ڪندڙ هنرمند ماڻهو ۽ ڪاريگر مختلف مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سرڪاري سرپرستي نه هجڻ سبب سنڌ جا ڪيترائي هنر زوال پذير طرف وڌي رهيا آهن، سنڌ ۾ اصلوڪو سنڌي لباس پائڻ جو رواج گهٽجڻ سبب مختلف شهرن ۾ رڱاوت جا ڪارخانا (اجرڪ، پڙا ۽ چنيون ٺاهڻ جا 15 ڪارخانا) بند ٿي ويا آهن،  ھاڻي سنڌ جا صرف چند شهر آهن جتي اهو رڱاوت جو ڪم ڪيو وڃي ٿو، خاص طور تي مٺي ۾ ٻانڌڻا، پڙا ٺاهڻ جا پنج وڏا  ڪارخانا موجود آهن. جڏهن ته رڱاوت جي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ نير ۽ عليجر رنگ ٻين ملڪن کان ايندو آهي جن تي حڪومت طرفان ڳرا ٽيڪس مڙهيل آهن. اهڙي ريت مارڪيٽ ۾ هن وقت عليجر رنگ ۽ نير 6000کان 6500 رُپيا في ڪلو جي حساب سان ملندو آهي.حيدرآباد ۾ رنگ ملڻ جو صرف ھڪ دڪان موجود آهي.

هن مهانگائي جي دور ۾ رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، يا ته گهڻا ڪاريگر اهو رڱاوت جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ويا آهن اجرڪ، پڙا ۽ ٻانڌڻيون، چنيون ٺاهيندڙ ڪاريگرن کي سرڪار طرفان ڪي به گھربل سهولتون  ميسر ٿيل ناھن،مقامي سطح تي رڱاوت جي مارڪيٽنگ گهٽ هجڻ سبب ڪيترن ئي ڪاريگرن رڱاوت جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي، کپرو ھٿونگو عمرڪوٽ غلام نبي شاھ ھالا مٽياري ڀٽ شاهه ۾ رڱاوت جا 15ڪارخانا پڻ بند ٿي ويا آهن ھاڻي انهن ڪاريگرن ٻيا ڌنڌا شروع ڪيا آهن. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور جي مارڪيٽن ۾ رڱاوت جي هنر جي تمام گهڻي ڊمانڊ آهي پر ڪاريگرن وٽ محدود وسيلا هئڻ ڪري اهي اُتي پهچڻ کان قاصر آهن.جڏهن ته واپاري سنڌ جي ڪاريگرن کان سستي اگهه تي مال خريد ڪري اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي۽ ٻين وڏن شهرن ۾ ٻيڻو ٽيڻو ناڻو ڪمائن ٿا. رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ۾ اڪثر خطرناڪ بيماريون پڻ پيدا ٿينديون آهن.

رڱاوت جي ڪم ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪيميڪلس جي دز (ڦاڪ) سبب اهي ڪاريگر دم ۽ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، عورتن ۽ مردن ۾ مسلسل ويهڪ جي ڪري انهن ۾ اريڪسنا نالي هڪ بيماري پڻ ٿيندي آهي جڏهن ته رڱاوت جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ۾ گوڏن ۽ سنڌن جي سور جون بيماريون عام جام ٿينديون آهن. ساڳي ريت هٿ جي هنر جو ڪم ڪندڙ مختلف سگهڙ عورتن ۽ ڪاريگرن جي سرڪاري سرپرستي نه ٿيڻ ڪري انهن جي دستڪاري وارو  هنر زوال پذير ٿي رهيو آهي، سنڌ ۾ هنري سکيا جا مرڪز تمام گهٽ آهن يا جن شهرن ۾ ثقافتي هنرن جا مرڪز  آهن اُتي اهي گهربل سهولتون موجود نه آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد جا اڪثر واپاري ٿر جي ڳوٺن مان گج، رليون، دستڪاري هنرن جا ٻيا ايٽم سگهڙ عورتن کان سستي اگهه تي خريد ڪري انهن کي لاهور ۽ اسلام آباد ۾ وڪرو ڪري ڪروڙين رپيا ڪمائيندا آهن پر اسان جي سنڌ جون سگهڙ عورتن انهن ساڳين حالن ۾ آهي.

سنڌ جي ثقافتي هنرن جي وارثي لاءِ سرڪاري سرپرستي جي ضرورت آهي. سنڌ جا ثقافتي هنر ٺاهيندڙ ڪاريگرن جي سهائتا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سرڪاري سطح تي انهن ڪاريگرن کي وسيلا مهيا ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. ٿر سميت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ رڱاوت ۽ دستڪاري جي حوالي سان جتي به اهو ڪم ٿئي ٿو ته انهي ڪم کي (مختلف هنر) کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان وڏي پئماني تي ثقافتي سينٽر جوڙيا وڃن، سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ وڏا هنري سکيا گهر قائم ڪيا وڃن. سرڪار طرفان ڪاريگرن جي فن جي پذيرائي ۽ مارڪيٽنگ لا ڪاريگرن جي مدد ڪئي وڃي. انهي ڏس ۾ سنڌ حڪومت خاص طورتي ثقافت کاتي کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ۽ ثقافت کاتي سنڌ کي سنڌ جي ثقافتي هنرن جي وارثي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ثقافتي ھنرن جي وارثي نه  ڪئي وئي ته ايندڙ ڪجھه ڏينهن ۾ سنڌ جي ثقافت جا اصلوڪا ھنر پنهنجي اوج وڃائي ويھي رھندا.