ھوائون نه روڪيو

0
21
ھوائون نه روڪيو

 پاڪستان ھاڻي مسلسل پابنديون پوندڙ ملڪ جي طور سُڃاتو پيو وڃي. دنيا جا اڪثر ملڪ وقت سان گڏ پنھنجي عوام جي آزادين ۾ اضافو آڻيندا رھيا آھن، جڏھن ته پابندين وارن قانونن جي حوالي سان اسان جي ملڪ جو حال ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ بيحال آھي. ڪنھن وي آءِ پي جي لنگھڻ سبب روڊن جا لنگھ بند ڪرڻ کان وٺي انٽرنيٽ جي اسپيڊ گھٽائڻ تائين ۽ مخالف ويب پيجن توڙي چينلن جي گھوگھو ڏئي، انھن جي سماعت وي پي اين سان مشروط ڪرڻ تائين ۽ اظھار جي آزادي$ مٿان پي ٽي اي جا پھرا لڳائڻ کان وٺي احتجاج مٿان پوليس ڪڙڪائڻ تائين، اسان جي ملڪ ۾ پابندين جو سلسلو وقت سان گڏ وڌي رھيو آھي.

                 انساني تاريخ جي ارتقا گُلابن کان آزادين طرف تسلسل سان سفر جو نالو آھي، اھي غُلاميون فطرت جون سرڪش قوتون ھجن يا ان رياستي نظام جون ستم گريون، جيڪي بادشاھي نظام کان وٺي جمهوري نظام تائين مختلف موڙن کان گذرنديون رھيون آھن. اسان ماڻھو، جن جي سوچ سمجھ مٿان ھن مھل به سرد جنگ جي سياست جا پاڇا پيل آھن، انھن لاءِ آمريت ۽ جمهوريت ۾ اھو ئي فرق ھو، جيڪو آزادي ۽ غلاميءَ ۾ ھوندو آھي. آزادي معنيٰ جمهوريت، غلامي معنيٰ آمريت! پر اسان کي اھو معلوم نه ھو جو وقت جو واءُ ائين به ورندو جو اسان کي آمريت ۾ جمهوريت ۽ جمهوريت ۾ آمريت نظر ايندي. چين وارا پنھنجي ڪنٽرولڊ رياستي نظام کي عوامي راڄ قرار ڏيڻ ۾ ڪو به عيب محسوس نٿا ڪن پر سفارتي سفر ۾ ايئر ھوسٽس جھڙي مسڪراھٽ جو مطلب سڀ کي سمجھ ۾ اچي سگھي ٿو. بھرحال ڪوئي ڪجھ به چوي ۽ ڪھڙا به دليل پيش ڪري پر جمهوريت، جمهوريت آھي ۽ آمريت، آمريت آھي. دُنيا جو ڪو به جنرل وردي لاھي آپيشاھي وارو نظام ھلائي جمهوريت جو پاسبان بڻجي نٿو سگھي. جديد دنيا ۾ صرف سرجيڪل آپريشنون نه پر اھي آپريشنل سرجريون به ٿين ٿيون، جن سان صرف عمر جا ليڪا نٿا لڪايا وڃن پر اھي سرحدون به لِڪايون وڃن ٿيون، جيڪي آمريت ۽ جمهوريت کي يا آزادي ۽ غلاميءَ کي ھڪ ٻئي کان الڳ ڪن ٿيون.

انساني تاريخ اسان کي اھو به سمجھائي ٿي ته، پابندين جا پردا ڪيترا به پُختا ڇو نه ھجن پر اُنھن جي پائيداري ممڪن ناھي. اھو ئي سبب ھو جنھن جي ڪري سوويت يونين جو عظيم عوامي مساوات تي مشتمل معاشرو گھڻو وقت قائم رھي نه سگھيو. ماڻھو صرف جسماني گُھرجن جو گھر ناھي، بقول ھڪ ڀارتي فلم، “انسان صرف پيٽ ۽ پيٽ کان ھيٺ ناھي پر انسان پيٽ ۽ ڪجھ پيٽ کان مٿي به آھي”. انسان کي صرف اناج جي ضرورت ناھي پر ھن کي اناج سان گڏ اھا عزت ۽ آبرو به گُھرجي، جيڪا جمهوري نظام ۾ موجود ھجڻ جي اميد سان مشروط ھوندي آھي. انسان پنھنجي وقار جي لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي آھي ۽ اڄ به ڪري رھيو آھي، پوءِ اھو وقار انفرادي ھجي يا اجتماعي ھجي. آمرن سان عوامي مزاحمت جون تحريڪون قومي ۽ جمهوري غيرت جو باشعور اظھار رھيون آھن. فرانس جي عظيم مفڪر روسو چيو ھو ته، انسان بظاھر آزاد ڄمي ٿو پر ھُو انيڪ نظر نه ايندڙ زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي، شايد روسو جي راءِ اڌ سچ جي امين ھجي، مڪمل سچ اھو آھي ته، انسان جي زندگي آزاديءَ لاءِ جستجو ۽ جدوجھد لاءِ اڻ ٿڪ سفر آھي.  اھو سچ آھي ته، جڏھن به ھڪ انسان يا گھڻن ماڻھن مٿان ڪا ھڪ يا گھڻيون پابنديون مڙھيون وينديون آھن، تڏھن ان لاءِ مجبورين ۽ مقدس ضرورتن جا بيشمار دليل به پيش ڪيا ويندا آھن پر انسان جو آدرش پوءِ به پابندين خلاف مسلسل مزاحمت جو علمبردار رھندو آيو آھي.

اولھ اسان مٿان نو آبادياتي غلاميءَ جا زنجير به لڙڪايا ۽ اولھ اسان کي آزاديءَ جا عظيم سبق به سيکاريا، جيڪڏھن اڄ اسان جمهوريت جو جھنڊو کڻي جدوجھد ڪرڻ کي پنھنجو حق ۽ پنھنجو فرض سمجھون ٿا، اھو درس اسان کي مغرب مان مليو. مغرب جي پوري تاريخ انھيءَ حقيقت جو داستان آھي ته انسانن کي جبر سان پابند بڻائي نٿو سگھجي ۽ جيڪڏھن وقتي طور تي انھن مٿان پابنديون مڙھيون به وڃن ٿيون، تڏھن به انھن کي دوام حاصل ٿي نٿو سگھي، ڪجھ معاشرا ڪافي وقت تائين جبر جي تاريڪ پڙدن پويان پيل رھيا پر اھڙي ماحول ۾ گھٽ ۾ گھٽ ترقيءَ جي دعويٰ نه ڪئي ھئي. هونئن به سرڪاري سياست ۾ پابندي ترقي جو نه صرف تحفظ جو واعدو ڪندي آھي پر اولھ جي معاشري آزاد ارتقا جي صورت ۾ ترقيءَ جا جيڪي آسمان ڇُھيا آھن، اسان خاڪ نشين انھن جو خيال سوچي ته ڇا پر انھن جو خواب ڏسي به نٿا سگھون. غلام ملڪن کي محدود آزاديون ملڻ جو مطلب به اتان جي معاشري کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پيداواري عمل ۾ اضافو آڻڻ ھو. جيستائين عوام جي اڪثريت متحرڪ پيداواري عمل ۾ حصو نه وٺندي، ترقي جا بنيادي شرط به پورا ٿي نه سگھندا.

اسان جي ملڪ جو ھن وقت اھم ترين مسئلو اخلاقي بحران نه پر اھو اقتصادي بحران آھي، جنھن ۾ وي پي اين جو وجود ڪنھن به معنيٰ جو متحمل ٿي نٿو سگھي. پاڪستان جا پيداگير سرڪاري حلقا ڪنھن اڻ پڙھيل شھري کي به احمق بڻائي نٿا سگھن. ھن ملڪ جو ڪو به ماڻھو اھو منطق تسليم نه ڪندو ته انٽرنيٽ جي رفتار سُست ڪرڻ سان ترقيءَ جي طبيعت چست ٿي ويندي. ميڊيا مٿان پابنديون مڙھڻ سان پاڪستان ترقي ڪري ھا ته ھن وقت اسان گھٽ ۾ گھٽ پنھنجي پاڙيسري ملڪ کان اڳتي ھجون ھا.

پاڪستان مسلسل پابندين ۾ رھندڙ ملڪ آھي، پاڪستان جي پوئتي پوڻ جي حوالي سان جيڪو سائنسي پيش ڪيو ويندو آھي، اھو ھتان جي عوام جي آزاديءَ جي اُمنگ نه پر حڪمرانن پاران ماڻھن تي بيجا پابندين جو بار آھي. تاريخ ثابت ڪيو آھي ته، انساني ترقيءَ جي اصل واٽ آزادي آھي. اسان جي اتھاس ۾ به آزاديءَ جون تحريڪون جنم وٺنديون رھيون آھن پر آزاديءَ جي جيڪا جدوجھد مغرب جي تاريخي ملڪيت آھي، اسان صرف ان تي حيران ٿيڻ جو حق حاصل ڪري سگھون ٿا. اولھ ھر قسم جي آزادين جو امام رھيو آھي، پوءِ اھي فڪر ۽ فھم جون آزاديون ھجن يا اظھار جي حق جون آزاديون يا پنھنجي مرضيءَ سان پنھنجي مزاج مطابق حڪومت چونڊڻ جي حق واري آزادي جو استعمال، آزادي جو اھو قسم آھي، جنھن تي اولھ سياسي سمجھوتي جو سوچي به نٿو سگھي.

پاڪستان ۽ ٽين دنيا جا مجموعي ملڪ مغرب جا محتاج رھيا آھن پر افسوس اھو ته ھن وقت به اسان جھڙن ملڪن کي ھُنر ۽ حڪمت کان وڌيڪ اولھ جي اقتصادي ۽ فوجي امداد گُھرجي. جيڪڏھن پنھنجي ملڪ کي دنيا جو مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ بڻائڻو آھي ته پوءِ اھو ڪارنامو صرف خوابن، خيالن ۽ خواھشن جي آغوش ۾ پيدا ٿي نه سگھندو. مضبوط ملڪ، مضبوط معيشتون ۽ مضبوط دفاعي معاملا، مضبوط ماڻھن جي معرفت ممڪن ٿي سگھندا آھن. اھو ممڪن ناھي ته قوم ڪمزور ھجي ۽ اھا مضبوط ملڪ جي مالڪ بڻجي سگھي، ڪمزور قومن جا ملڪ ڪمزور ھوندا آھن، مضبوط قومن جا ملڪ به مضبوط ھوندا آھن. بلڪل ان طرح سان پابندين جي پاڇي ۾ پلجندڙ نسل ڪڏھن به عظيم الشان ملڪ قائم ڪري نٿا سگھن. غلام نسلن جا ملڪ آزادين جا خواب ڏسڻ کان به محروم رھن ٿا. پاڪستان پنھنجي عوام جي مٿان پابنديون وجھي ھڪ طاقتور ۽ توانو ملڪ بڻجي سگھي ھا ته ايوبي آمريت ۽ يحيٰ خان جي ڊڪٽيٽرشپ ۾ ملڪ جا ٻه ٽُڪر نه ٿين ھا. پابنديون معاشرن کي منجھائي مارينديون آھن. اھوئي سبب آھي ته اولھ جي ملڪن پنھنجي عوام کي آزاد بڻائي پنھنجي ملڪن کي تمام گھڻي سگھ ڏني آھي. ھن وقت آزاديءَ مٿان تسلط قائم ڪرڻ جو مطلب تاريخ جي ڦيٿي کي ابتو ڦيرائڻ برابر آھي. ارتقا جو سفر غلاميءَ کان آزاديءَ جي طرف روان دوان رھيو آھي.

اھو ملڪ، جيڪو پنھنجي عوام کي آزاديءَ سان ھمڪنار نٿو ڪري، ان ملڪ جو مثال ان گھر جھڙو آھي، جيڪو پنھنجن ڀاتين تي ڀروسو نه ڪري. گھر ديوارن ۽ درين جو نالو نه ھوندو آھي. گھر، ڀاتين جي بنياد تي وجود ۾ ايندڙ سماجي حقيقت جو نالو آھي. ساڳي طرح سان ملڪ پنھنجي عوام جو عڪس ھوندا آھن. ملڪن لاءِ سمنڊن، جبلن توڙي وسيع ميدانن ۽ زير زمين ۾ دفن ٿيلن خزانن جو ھجڻ به نعمت آھي پر دنيا ۾ اھڙا ملڪ به آھن، جن وٽ سمنڊ يا قدرتي وسيلا نه آھن پر پوءِ به انھن ملڪن جو وجود پوري دنيا تسليم ڪري ٿي، قدرتي وسيلن کان سواءِ ملڪ وجود ۾ اچي سگھن ٿا پر دنيا ۾ھڪ به اھڙو ملڪ نه آھي، نه ٿي سگھي ٿو، جنھن ۾ عوام جو وجود نه ھجي. ملڪ عوام سان مشروط ھوندا آھن. ملڪن جو روح عوامي امنگن جو اولڙو ھوندو آھي. پنھنجي ملڪ جي عوام کي غلام بڻائي پنھنجي قومي آزاديءَ جو پرچم لھرائڻ تاريخي نادانيءَ کان سواءِ ٻيو ڪُجھ به نٿو ٿي سگھي.

پاڪستان پابندين سبب پوئتي پوندو آيو آھي، اسان جي ملڪ سان گڏ آزاد ٿيندڙ ملڪ پنھنجي پيرن تي بيھڻ جو حق حاصل ڪري چڪا آھن، جڏھن ته اسان جو ملڪ اٺين ڏھاڪي ۾ داخل ٿيڻ دوران به اقتصادي بحرانن جي ور چڙھيل آھي، اسان آخر ڪڏھن سمجھنداسين، آمريڪا جي اميري پنھنجي مالدار ۽ دولتمند ماڻھن جي ڪري ممڪن ٿي سگھي آھي، جيڪڏھن آمريڪا ۾ بل گيٽس ۽ ھاڻي ايلون مسڪ جھڙا ماڻھو بي انداز پئسو نه ڪمائين ته ھو ملڪ کي ڀرپور انداز ۾ ٽيڪس ڏئي نه سگھندا. جيڪڏھن آمريڪا ۾ عدالتون ۽ ميڊيا جون مجموعي صورتون آزاد نه ھونديون ته ان معاشري ۾ ذرخيز ذھنن جي تخليق جو عمل رڪجي ويندو. ھڪ جبر وارو معاشرو جينيئس انسانن کي جنم ڏئي نه ٿو سگھي. آزادي ذھنن لاءِ زرخيز زمين جو ڪردار ادا ڪندي آھي. جبر انسانن جو جياپو مشڪل بڻائي انھن جي ذھني اوسر کي ناممڪن حدن سان ھم آھنگ ڪري ڇڏيندو آھي. سائنس جي ترقيءَ جي تاريخ اھو ئي ٻڌائي ٿي ته آزاد فضائن ۾ نيون تحقيقون ۽ نيون تخليقون ممڪن ٿي سگھنديون آھن.

ھِي دور عالمي سطح تي آزادين ۾ اضافو آڻڻ وارو آھي. جنھن دور ۾ چين به پنھنجن شھرين کي آزاديون آڇي رھيو آھي ۽ ايران جو صدر عورتن جي آزاديءَ جو حامي ٻڌايو پيو وڃي، ان دور ۾ پاڪستان جي مٿان پابندين جا سلسلا سخت ڪرڻ جو عمل سنڌي ٻوليءَ جي ان پھاڪي پٽاندڙ آھي ته، “لوڪ لڏڻ تي، چري اڏڻ تي”.

لوڪ ٻوڪ ڪري ٻڌائي ٿو ته، ترقيءَ جي پرواز آزاد پرن بغير ممڪن ناھي ۽ اسان پر ڪتر عمل سان آزاديءَ جا سُڃا سپنا ڏسي پنھنجو پاڻ سان دوکو ڪري رھيا آھيون.