ھنڱورجا(ن پ ا) مختيار ڪار سوڀو ديرو پياس علي پتافي ھنڱورجا شھر جي مختلف کنڊ جي گودامن تي ڇاپا ھنيا، جنهن دوران اسٽاڪ ڪيل 13 سئو کنڊ جا ڪٽا ھٿ ڪيا ويا، ڪارروائي دوران مختيار ڪار ٽن واپارين جي گودامن کي سيل ڪري ڇڏيو، مختيار ڪار ٻڌايو ته کنڊ جي ھٿرادو کوٽ جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪئي، گودامن ۾ پيل 13 سئو ڪٽا ھٿ ڪيا آھن، هن چيو ته کنڊ زخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.