ھمايون شريف(ن پ ا) ھمايون شريف ڀرسان ڀارتي ڊرون ڪري تباھه، نينگر زخمي، درگاھه ٻڍل فقير ڀرسان ڪالڻ پير وٺ ڀارتي ڊرون ڪري تباھه ٿي ويو، ڊرون جي ڪرڻ سبب 7 سالن جو ڳوٺاڻو نينگر فياض پٽ قادر بخش جعفري سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊرون ڪري تباهه ٿيڻ سبب ڪالڻ فقير جي قبرستان کي باهه لڳي وئي، اطلاع تي فائربرگيڊ گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو، ٻي طرف ڊي سي شڪارپور شڪيل احمد ابڙو صديق ڪئي ته ڊرون ڀارت جو آهي، لوڊرا بجلي گهر يا گئس ٽارگيٽ هيو پر ڊرون فيل ٿي ويو.