ھمايون شريف (ن پ ا) ھمايون شريف لڳ جهان واهه ٿاڻي جي پوليس مٿان گشت دوران نامعلوم هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اهلڪار محفوظ رهيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته هٿياربند اهلڪارن کان هٿيار پڻ ڦري ويا آهن. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته 5 ڏينهن اڳ پوليس اڪن چانڊيو جي گھر مان ڏاند چوري ٿيڻ تي ملوث جوابدارکي شيرانپور مان گرفتار ڪري واپس وڃي رھي ھئي ته هٿياربندن حملو ڪري جوابدار کي ڇڏائي ورتو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او جهان واهه جو چوڻ هو ته معمول مطابق علائقي ۾ پوليس گشت ڪري رھي ھئي ته حملو ڪيو ويو، اهلڪار محفوظ رهيا، هن چيو ته ڪنهن به اهلڪار کان هٿيار ڦر ناهن ٿيا.