ھر مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي ٿو

0
12
ھر مسئلي جو حل ڪڍي سگھجي ٿو

ھڪ ڀيري ھڪ ماڻھوءَ ڪنھن ڏاھي کان پڇيو ته ھي زندگي ته ڏاڍي مشڪل ۽ سخت آھي. ته ڏاھي پڇيس: ڇا جي مقابلي ۾ مشڪل آھي؟ ڇا اوھان ڪا ٻي زندگي به گذاري آھي، جيڪا ھن کان آسان ھئي، جتي مشڪلون ۽ تڪليفون نه ھيون، رڳو سک ۽ خوشيون ھيون، ڪي ڪنڊا نه ھئا؟ زندگي ته اھا ھڪڙي ئي آھي، جنھن جي فطرت ۾ شامل آھي ته ان ۾ ڏک به ايندا ته سک به. مسئلا به ٿيندا ته تڪليفون به اينديون. ھاڻي اھا اوھان جي صلاحيت، قابليت يا دانشمندي آھي ته انھن مسئلن کي منھن ڪيئن ٿا ڏيو. باقي جيڪڏھن مايوس ۽ تنگ ٿي سڀئي ھٿيار ڦٽا ڪري ڀڄي ٿا وڃو ته اھا شڪست ھوندي. اوھان جي ڪاميابي اھا آھي ته  پنھنجي عقل، علم، ڏاھپ ۽ سمجھ سان انھن مسئلن جو ڪيئن ٿا حل ڳوليو.

                 اڄ ڪلھ ريلس جو زمانو آھي. مون ڪجھ ريلس پئي ڏٺيون. مثال طور ڀڳل ڪاٺ جي تختي ۾ ڪوڪو ڪيئن لڳائجي يا ڪٿي ڪوڪو اندر ڀڄي پوي ته ٻاھر ڪيئن ڪڍجي. مونکي حيراني ٿي ته اھڙيون شيون جيڪي اسان کي محسوس ٿيندو ھو ته ڪرڻ شايد ناممڪن آھن، تن جو حل ته تمام آسان ھو، جيڪو انھن وڊيوز ۾ ٻڌايو پئي ويو. سو زندگيءَ ۾ به جيڪي مسئلا تمام ڏکيا لڳندا آھن، محسوس ٿيندو آھي ان جو ته ڪوئي به حل ناھي، انھن جا نه رڳو حل موجود ٿيندا آھن پر مزي جي ڳالھ ته اھي تمام سادا ۽ آسان ھوندا آھن. بس ٿوري ڳولا ۽ سوچ ويچار جي ضرورت پوندي آهي. دنيا ۾ مسئلا آھن ته انھن جا حل به موجود آھن.

مونکي افسوس ٿيندو آھي جڏھن ماڻھو مسئلن مان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آھن. مطلب انھن اھو سمجھيو ته ھن مسئلي جو ته ڪو حل ممڪن ئي نه آھي. دنيا ۾ ڪو به مسئلو اھڙو ناھي جنھن جو ڪو حل ئي نه ھجي. انور پيرزادي جو ھڪ مختصر نظم آھي، جيڪو مونکي لڳندو آھي ماڻھن کي خودڪشي ڪرڻ کان بچائي سگھي ٿو.

زندگي ڪيڏي به رُکي،

ڪيڏي به ڏکي

ڪيڏو به ڏچو،

جي سچ پڇو،

موت کان پياري آ.

اسان پنھنجا مسئلا شيئر ئي نه ڪندا آھيون. منھنجو ايم فل جو سپروائيزر ھو پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز رسول، جنھن جو تعلق پنجاب سان ھو. سو چوندو ھو ته منھنجي پيءُ مونکي چيو ھو ته ڪو مسئلو ھجي ته کُڏَ/ڇِت تي چڙھي دانهون ڪر. ضرور ڪو نه ڪو اچي مدد ڪندو. اسان وٽ وري ان جي ابتڙ چوندا آھن ته ڪنھن سان به ڳالھ نه ڪريو. ايتري حد تائين جو پنھنجن سان به نه. جيستائين مسئلو ٻڌائبو ئي نه ته حل ڪٿان نڪرندو؟ مون به ھڪ نظم ۾ لکيو ھو:

ھلڪا به ٿيندا

ڏک ونڊڻ سان

حل به ٿيندا

انسان اڪثر پنھنجي معاملن ۾ بيوقوف ۽ ٻين بابت سياڻو ٿيندو آھي. مثال طور اوھان مونکي پنھنجو مسئلو ٻڌائيندئو ته مان اوھان کي ان جو بھترين حل ٻڌائي سگھندس پر مون سان پاڻ جڏھن ساڳيو مسئلو ٿيندو ته منھنجو ذھن ڪم ئي نه ڪندو، ڇو ته انسان پاڻ بابت جذباتي ٿئي ٿو. تنھنڪري انسان کي سڀني کان مشورو ضرور وٺڻ گھرجي ۽  انھن مشورن مان جيڪو کيس سڀ کان سٺو لڳي ان تي عمل ڪرڻ گھرجي.

بدقسمتيءَ سان اسان اھڙي سماج ۾ رھون ٿا، جتي حڪومت ته اسان جو خيال نه ٿي رکي پر گھٽ ۾ گھٽ عوام کي ته ھڪٻئي جو احساس ۽ خيال رکڻ گھرجي. ڪنھن به ماڻھوءَ جي مسئلي کي جڏھن ايئن ڏسندئو ڄڻ اوھان جو پنھنجو مسئلو آھي، تڏھن ئي ان کي صحيح صلاح توڙي مدد ڏئي ساڻس انصاف ڪري سگھندئو. حساس ھجڻ وڏي ڳالھ ناھي، ٻئي جو احساس رکڻ وڏي ڳالھ ھوندو آھي.

اسان جي سماج ۾ تمام گھڻا سماجي مسئلا ھوندا آھن، جن جو عام طور تي اسان کي ڪو حل نه سُجھندو آھي. پر ان جو ھڪ تمام آسان ۽ سادو حل اھو آھي جيڪو ڪرڻ ۾ نه ته ڪا تڪليف آھي، نه پئسا خرچ ٿيندا، نه ئي ڪنھن کان سفارش ڪرائڻي آھي. اھو اوھان پاڻ آرام سان ڪري ٿا سگھو ۽ گھڻي ڀاڱي توھان جو مسئلو حل به ٿي سگھي ٿو. جڏھن به ڪو مسئلو ھجي ته لاڳاپيل اداري وٽ پنھنجي شڪايت درج ضرور ڪرائيندا ڪريو. نه ڪاوڙ ڪريو، نه احتجاج، نه ئي انھن سان وڙھو. بس ھر ھفتي انھن کي وڃي چئو ته اسان سان ھي مسئلو آهي. لکت ۾ ڏئي ٿا سگھو، اي ميل، فون، واٽس ايپ، فيس بڪ يا منھن تي چئي اچو. ڪو به اھڙو طريقو اختيار ڪريو، جنھن سان توھان جي شڪايت انھن تائين فقط پھچي وڃي. اڄ ڪلھ ھر اداري جو فون نمبر ۽ اي ميل اوھان کي نيٽ تي آرام سان ملي ويندا. جڏھن اوھان ڪنھن مسئلي بابت ڪنھن به اداري کان ھر ھفتي ٽن مھينن تائين لڳاتار پڇندا رھندئو، ان سان انھن تي اھڙو نفسياتي دٻاءُ پوندو جو نيٺ تنگ ٿي ھو توھان جو مسئلو حل ڪري ڇڏيندا. سئو سيڪڙو ته نه ٿو چئي سگھان پر پنجاھ سيڪڙو توھان جا مسئلا حل ٿي ويندا.

اڪثر ماڻھو مسئلن کان تنگ ٿي سوچيندا آھن ته ھي ملڪ ئي ڇڏي ڪنھن اھڙي ملڪ ۾ وڃي رھجي، جتي ھي سڀ مسئلا نه ھجن. مون پنھنجي نظم سٽيزن شپ ۾ لکيو ھو:

ملڪ مَٽائڻ سان

 مسئلا ختم نه ٿيندا آھن،

مسئلا فقط مَٽبا آھن

اسان جي معاشري جي ڪيترن ئي خراب لاڙن منجھان ھڪ اھو به آھي ته ميٽنگس يا گڏجاڻين جو ڪلچر به ختم ٿيندو پيو وڃي!  سياسي، سماجي، ادبي گڏجاڻين جو به ڪلچر گھٽجي رھيو آھي. گڏجاڻيون تمام گھڻيون اھم ٿينديون آھن، ڇو ته گڏجاڻي دماغن کي گڏ ڪري سوچڻ تي مجبور ڪندي آھي. انساني دماغ سڀني مسئلن کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو آھي، بس ان کي ڪو ٽاسڪ ڏيڻ جي ضرورت ھوندي آھي. گڏجاڻي سماج کي متحرڪ رکڻ جو ھڪ اھم محرڪ ھوندو آھي. ڀلي ڪيڏو به وڏو مسئلو ڇو نه ھجي، ان کي موضوع بڻائي 20-15 دوست ويھي ميٽنگ ڪري ڏسو ته ڪيترا ته آئيڊياز ٿا جنم وٺن ۽ پوءِ انھن تي عمل ڪرڻ جي رٿابندي ڪري وٺجي ته جيڪڏھن اھو مسئلو مڪمل طور حل نه به ٿيو ته وڏي حد تائين گھٽجي ضرور ويندو، جيڪا گڏجاڻين جي طاقت آھي. جيئن ته ھاڻي ڊجيٽل دور آھي، تنھنڪري مختلف موضوعن بابت مفت ۾ واٽس ايپ گروپ ٺاھي به گڏجاڻين وارو ڪم وٺي ٿو سگھجي.

ڪڏھن ڪڏھن لڳندو آھي ته ھي جيڪي به سماجي مسئلا آھن، انھن جا حل ايڏا ڏکيا ته نه آھن، پوءِ آخر سالن کان وٺي اھي حل ڇو نه پيا ٿين! محسوس ٿيندو آھي يا ته ھي ماڻھو مسئلا حل ڪرڻ ئي نه ٿا چاھين. انھن جي نيت ئي نه آھي ته اھي مسئلا حل ڪجن.  ڇو ته جيڪو نظام ھلي پيو، ان ۾ سندن فائدو آھي، سو ھو ڇو چاھيندا ته سندن عياشين جو سلسلو ختم ٿئي. ٻيو سبب اھو ٿي سگھي ٿو ته انھن وٽ تدبر ئي نه آھي. ڪم اھو ماڻھو ڪندو آھي، جنھن اندر ڪي خواب ھجن، ڪي آدرش ھجن. جن وٽ ڪو ويزن ئي نه ھوندو تن جو مقصد فقط پنھنجي نوڪري پوري ڪري پگھار کڻڻ ھوندو آھي. ڪيستائين ائين ئي بس ڪري ويٺا رھندا سين، اچو ته گڏجي پنھنجا سڀئي مسئلا حل ڪرڻ طرف وکون وڌايون.