سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير سيد سردار علي شاھ ڪنھن به تعارف جو محتاج ناھي. سائين سردار علي شاھ راڄنيتي ڪرڻ ۽ نڀائڻ سان گڏ، پنھنجو ھڪ ادبي ذوق ۽ شوق به رکن ٿا. بھترين قسم جا شاعر ۽ سٺا مقرر به آھن. سائين سردار علي شاھ جي لاءِ چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ موجود انھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن مان ھڪ آھن، جيڪي سنڌ سان چاھ جي حوالي سان پنھنجو ھڪ چٽو ۽ واضح موقف به رکن ٿا. اسان کي سنڌوءَ مان ڇھ ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي ۽، تقريبن اڌ سنڌ کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي ڪرڻ واري نيت جي حوالي سان به سندن راءِ ۽، موقف جو انتطار آھي پر، ھتي پنھنجو مقصد سائين جا ھاڻوڪا اھي بيان آھن، جيڪي ھن پنھنجي کاتي جي ساکَ، معيار، صورتحال ۽ ڊراپ آئوٽ ريشو جي حوالي سان مختلف فورمن تي ڏنا آھن. تعليم جو وزير جڏھن ھي چئي ته، “اسان اڄ ڏينھن تائين پاڪستان جي باني قائدِاعظم محمد علي جناح جي جاءِ پيدائش واري مسئلي کي به حل ناھيون ڪري سگھيا”، ته ھن ويڌن ۾ جن ڌرين ۽ ادارن جو ڏوھ آھي، انھن جا نالا ڇو ڪونه ٿا کنيا وڃن! يا ھي چوڻ ته، “اسان کي ھاڻي محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاھ ڪرڻ واري ڳُجھ کي به چِٽو ڪرڻو پوندو” ته ھي به ضرور ٻڌائڻو پوندو ته ھن قسم جي ڪوڙين ڪھاڻين کي گھڙڻ ۽ زبردستي نصابن جو حصو بڻائڻ ۽ پڙھائڻ جي پويان آخر ڪنھن جا ھٿ آھن؟ تعليم جي وزير جي بيانن مان جيڪو تاثر جڙي ٿو اھو ھي آھي ته، اسان جو تعليمي نصاب ۽ پاليسيون اسان جي ٻارن کي ڌوکي ۾ رکن ٿيون. سردار شاھ جي بيانن مان جيڪا پاڻ کي پروڙ ٿي پئي، اھا ھِيءَ آھي ته، اسان پنھنجي مستقبل جي معمارن کي ڪوڙي تاريخ پڙھائي رھيا آھيون ۽ ھنن کي اھا تعليم نٿا ڏيون، جيڪا ھنن کي ھڪ لائق فرد ۽ سٺو شھري بڻائڻ ۾ مدد ڪري. قائد اعظم جي جاءِ پيدائش ۽ بن قاسم جو سنڌ تي حملو ڪرڻ واري ماجرا کي اعليٰ سطح تي اٿارڻ ۽ اقرار ڪرڻ مان جيڪا ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي، اھا ھي آھي ته وقت اچي ويو آھي ته اسان پنھنجي ٻارن جي ھن قسم جي ڪوڙن اتھاسن ۽ ڪوڙين تاريخن مان جند آجي ڪرايون. منھنجي خيال ۾، تعليم جي وزير جي ھن بيان جي ھر سطح تي آجيان ٿيڻ گھرجي. نه صرف ايترو پر، ھنن سوالن کي به چٽو ڪرڻو پوندو ته، ملڪ جي ٺھڻ واري ڏينھن کان وٺي اڄ ڏينھن تائين اسان کي ڪوڙي تاريخ ڇو پڙھائي وئي آھي؟ ٻيو، ماضي جي اھڙين حڪومتن، اھڙن پاليسي سازن ۽ حڪمرانن کي به وائکو ڪرڻو پوندو، جيڪي ھن سڄي ڪوڙي ڪارستاني جا موجد ۽ پرچارڪ رھيا آھن.تازو وري سردار علي شاھ جو ھڪ ٻيو بيان به اسان جي نظرن مان گذريو آھي. اھو بيان نصاب کي ھر سال بدلائڻ جي حوالي سان آھي. نصاب کي ھر سال بدلائڻ منھنجي خيال ۾ ڪا اڪ جي ماکي ناھي جو بنا ڪنھن طور طريقي ۽ اٽڪل سٽڪل جي لاھي وٺجي. نصاب کي بدلائڻ جو سولو ۽ سادو مطلب ھي ھوندو آھي ته وقت سان گڏ گڏ ھلجي ۽ ان جي لاءِ دنيا ۾ جيڪي تبديليون اچن ٿيون، انھن جي باري ۾ نصاب ۾ ڪجھ نه ڪجھ شامل ڪندو ھلجي ۽ ھر ٻار جي ذھني صلاحيتن کي انھن جي آڌار تيار ڪندو ھلجي ته جيئن اھو ساڳيو ٻار مارڪيٽ جي جديد ضرورتن ۽ گھرجن تي پورو لھي. جيئن اڄ کان چاليھ سال اڳ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ھئي ۽، اڻي ھٿرادو ذھانت آھي. سردار شاھ جيئن ته اعلان ڪري چڪو آھي ته تعليم کاتو نصاب کي ھر سال بدلائيندو رھندو ۽ ان جو مثال سائين پاران ھي پيش ڪيو ويو آھي ته، ھن سال کان ايِ_ ڪامرس کي نصاب جو حصو بڻايو ويندو. سو اچو ته انتطار ڪريون ته نئون تعليمي سال جيڪو ھن ڀيري اپريل 2025ع کان شروع ٿيندو ۽ مارچ 2026ع ۾ پورو ٿيندو؛ اسان ٻارن کي جتي ٻيا سبجيڪٽس پڙھائينداسين، اتي ھنن کي ايِ _ ڪامرس به پڙھائينداسين. دنيا جو ھر نصاب مارڪيٽ جي گھرجن کي سامھون رکي تيار ڪيو ويندو آھي پر، اسان وٽ ھڪ مخصوص سوچ کي سامھون رکي ٺاھيو ويندو آھي. ٻي ڳالھ ته اسان جون تعليمي پاليسيون ملڪي ترقي يا ٻارن جي معيارِ زندگي کي سامھون رکي تيار نه پر قرض ڏيندڙ ملڪن ۽ ڊونر ايجنسين جي خواھشن آڌار تيار ڪيون وينديون آھن. ھن جي لاءِ توھان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي، اسلام آباد جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر شاھد صديقي جا ڪتاب پڙھي سگھو ٿا. تعليمي پاليسي 2009ع بعد ۽، 2010 ۾، ارڙھين ترميم جي پاس ٿيڻ بعد جڏھن ته تعليمي شعبو مڪمل طور تي ھاڻي صوبائي اسم بڻجي چڪو آھي ته، ان جي باوجود اڄ ڏينھن تائين صوبن پاران پنھنجي ڪابه نئين تعليمي پاليسي ناھي آندي وئي. نصاب کي بدلائڻ کان اڳ ۾ ته تعليمي پاليسين کي آڻڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ جو تعليمي پاليسيون توھان جي تعليمي مقصدن ۽ ھدفن کي واضح ڪرڻ جو ھڪ روڊ ميپ ھونديون آھن. نصاب کي ان روڊ ميپ کي سامھون رکي تيار ڪيو ۽ بدلايو ويندو آھي. اسان وٽ جيڪا تاريخ رھي آھي، اھا ھي آھي ته ھر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت جي ھر پاليسي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي، پنھنجيون ئي پاليسيون آڻيندي رھي آھي. ان جو نقصان ھي ٿيندو آھي ته عوام جي ٽيڪس مان جيڪي پروجيڪٽس ھلي رھيا ھوندا آھن، اھي سڀ جا سڀ رنڊڪن ۽ مشڪلن جو شڪار ٿي، آخر ۾ اڌ ۾ ئي بند ڪيا ويندا آھن.صاب کي ھر سال بدلائڻ ھڪ سھڻي خواھش يا ھڪ من مھڻو خواب ته ٿي سگھي ٿو پر، ھنن کي حقيقتن جي رستن تي آڻڻ جي لاءِ گھڻا ئي پاپڙ ويلڻا پون ٿا ۽، پاپڙن کي ويلڻ واري ويل کان جيترو وڌيڪ باخبر اسان جو تعليم جو وزير ھوندو، منھنجي خيال ۾ پوري کاتي ۾ شايد ڪو ٻيو اھڙو ماڻھو ھوندو، جنھن کي سياسي رساڪشين، مذھبي رنڊڪن، سماجي مسئلن، اداراجاتي مداخلتن ۽ مجبورين ۽، پارٽي پاليسين ۽ مصلحتن سان جھيڙڻو پوندو ھوندو. ياد رھي ته، اسان جو پورو سماج، “سسٽم اسپيسيفڪ” يعني قائدن ۽ قانون جي پيروي ڪندڙ نه پر، “پرسن اسپيسيفڪ” يعني شخصي خواھشن، مرضين ۽ اثر رسوخن ھيٺ ڪم ڪندڙ آھي. چاھي پوءِ ان سماج جو واسطو زندگي جي ڪھڙي به شعبي ۽، ميدان سان آھي. يقين ڄاڻو ته اسان وٽ ھر شئي جو ستيا ناس به انھيءَ ڪري لڳو پيو آھي جو اسان جو ھر ادارو يعني گھرن کان وٺي دفترن تائين، ايوانن کان وٺي ميدانن تائين ۽، پارٽين کان وٺي حڪومتن تائين سسٽم اسپيسيفڪ نه پر، پرسن اسپيسيفڪ آھي. اسان جو پورو سماج “مان” جي مصيبتن ۾ وڪوڙيل آھي. ‘جيڪا ڳالھ مان چئي آھي، اھائي ڪرڻي ۽ مڃڻي آھي’، اسان سڀني کي پنھنجي وڏن ۽ صاحبن جي مرضين ۽ خواھشن جي مطابق ھلڻو ۽ گذارڻو آھي. ھنن جي مرضين کان ذري جيترو به، نه ھيڏي، نه ھوڏي ٿيڻو آھي. ڪير نه چاھيندو ته، اسان جي نصاب کي وقت حاضر جي گھرجن مطابق ھجڻ گھرجي. اسان سڀ تبديلي جي حق ۾ آھيون، ان کي وقتائتو (اپڊيٽيڊ) ڪرڻ جي حق ۾ آھيون، جديد طور طريقن ۽ جدت آڌار تيار ڪرڻ ۽ ڇپائڻ جي حق ۾ آھيون. نه صرف ايترو پر ٻارن کي مفت ۾ ملندڙ ڪتابن کي گھربل وقتن اندر به ملڻ جي حق ۾ آھيون پر، ھتي اھا ڪھڙي شئي آھي، جيڪا پنھنجي منصوبي جي عين مطابق ھلي آھي يا، جاري رھي ٿي ۽، اھو ڪھڙو منصوبو آھي، جيڪو پنھنجي گھربل مدت اندر مڪمل ٿيو آھي. اسان پاڪستان ۾ ٿا رھون ھتي اھوئي ڪجھ ٿيندو رھي ٿو ۽ ٿيندو رھندو، جنھن کي ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ مجبور بڻايا ويا آھيون. آخر ۾، سيد سردار علي شاھ کي ھِيءَ نماڻي گذراش به ڪري ٿا ڇڏيون ته، ٻارھين ڪلاس جو نئون انگريزي درسي ڪتاب، جيڪو گذريل ٽن سالن کان اداراجاتي مصلحتن جو شڪار آھي. نئين تعليمي سال جي شروع ٿيڻ کان پھريان ٻارن کي پھچائڻ ۽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو ڪم ترجيحي بنيادن تي ڪيو وڃي ته واھ واھ ٿي ويندي ۽ اسڪول ويندڙ ٻارن کي نصاب ۾ ھر سال تبديليءَ وارو بيان به، صرف ھڪ خواھش نه پر، ھڪ خواب (بصيرت) لڳي جيڪو مختلف مرحلن مان پار پئي، حقيقت جو روپ ڌاريندو آھي.