ميوزيم ماڻهن کي ماضيءَ جي اهميت ۽ تاريخ سان روشناس ڪرڻ، ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۽ مختلف دورن، تهذيبن ۽ قومن جي خاصيتن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ جوڙيا ويندا آھن ۽ هڪ اهڙو ادارو ھوندا آھن، جيڪو تاريخ، ثقافت، فن ۽ سائنسي تحقيقات کي محفوظ رکڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ لاءِ قائم ڪيو ويندو آهي. دنيا جي مختلف قسمن جي ميوزمن کي ڏسون ته ڏندين آڱريون اچيو وڃن. بس ڀلا ڀلي جو ڇيھ ئي ڪونھي. ڇا ته تخليقڪار آھن ۽ ڇا سوچي تعليم، تربيت ۽ تفريح لاءِ اھڙا ماڳ جوڙين ٿا، سي ڳالھيون پاڻ کي ڪنھن ٻئي دور سان وڃيو ڳنڍين. جيڪر دنيا جي صرف نيچرل سائنس يا جاندارن متعلق ڪجھ بھترين ميوزيمن جا نالا کڻون ته خبر پوندي پاڻ ڪٿي بيٺل آھيون. اھڙن ڪجھ مشھور ميوزيمن ۾ لنڊن ۽ نيويارڪ جو نيچرل هسٽري ميوزيم، برڪلي آمريڪا ۾ ڪرنگھي وارن جانورن جو ميوزيم، ڪولوراڊو جو بٽر فلاءِ پويلين ۽ واشنگٽن آمريڪا ۾ وھيل مڇين جو ميوزيم گهڻا مشھور آھن، پر ھتي توھان سان ھالينڊ جي لش گرين شھر واھگنينگن (Wageningen) ۾ ننڍي پيماني تي قائم ٿيل ماکيءَ جي ميوزيم بابت ڪجھ ڄاڻ ٿي ونڊجي، جيڪو مون کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ھن وقت جيتوڻيڪ ھِي ميوزيم ھڪ وڏي ڪمري تي ئي جوڙيل آھي پر انوکو ضرور آھي. ھالينڊ ھونءَ ئي پنھنجي فطري حسين نظارن، ڊگھي قد وارن ماڻھن، اعليٰ تعليم جي معيار ۽ تحقيق، ٽيولپ جي گلن ۽ سائيڪلن تي سفر جي حوالي کان پوري دنيا ۾ پنھنجو الڳ ئي مقام رکي ٿو.
فطري رنگن، سونھن ۽ گوناگون جيوت کي ميوزيم جي روپ ۾ محفوظ ڪرڻ هونئن به عاليشان قسم جو ڪم آھي پر ساڳئي وقت ميوزيم جوڙيندڙ جي فطرت جي عاشق ھئڻ جو دليل پڻ آھي. ھِي ميوزيم دُنيا ليول جي مشھور پاڻي ۽ زراعت جي ماھر ڊاڪٽر فرينڪ اسٽينبرجن(Frank van Steenbergen) ٺاھيو آھي ۽ پنھنجي شوق جي ڪري دنيا جي مختلف حصن مان ڇھ سئو کن ماکيءَ جا نمونا، ماکيءَ مان ٺھيل مختلف شيون، ماکيءَ جي مکين جا قسم، منارا ۽ ميڻ جون مختلف شيون گڏ ڪيون آھن. ھتي آفريڪا ۽ يورپ جي ملڪن کان علاوه ۽ بلوچستان جي ڪجھ علائقن جي به ماکي رکي اٿس. پاڻ جي ٿرپارڪر ضلعي جي به ٽن مختلف قسمن جي ماکي اتي رکي اٿس. ائين کڻي چئجي ته ھن ننڍڙي ميوزيم ۾ ماکيءَ جو پورو ايڪو سسٽم ھڪ ڪمري ۾ کڻي سجايو اٿس جيڪو ڏسڻ وٽان آھي. سندس چوڻ آھي ته ماکي ھڪ اھڙي شئي آھي، جيڪا دنيا جي مختلف ثقافتن ۾ مشترڪه آھي ۽ مختلف مذھبن ۾ به ان جو ذڪر ملي ٿو، ان ڪري ان پاڻ اھڙو ميوزيم ٺاھيون آهي. توڙي جو ھِي ميوزيم ڪو ٻين عام رواجي ميوزيمن وانگي ائين سجايل ۽ تفريح لاءِ نه ٺاھيو ويو آھي پر اتي فطرتي رنگ ضرور جھلڪن ٿا. سنڌ ۾ به ماکي ته سڀني حصن ۾ ٿئي ٿي پر ھر حصي ۽ وڻ جي ماکيءَ جي خاصيت الڳ ٿئي ٿي. شوقين ته مٺاس مان ئي سمجھيو وڃن ته ڪھڙي وڻ يا گل جي ماکي آھي. وقت سان گڏ ھيءَ قدرتي شئي به ناپيد ٿيندي پئي وڃي، جنھن جا ڪيترائي ڪارڻ آھن. ٻيلن جي تباھي، فصلن ۾ پيسٽيسائيڊ جو استعمال، گلن جي پوک ڪرڻ جو رجحان گھٽجڻ، زرعي زمينن جو بيابان ٿيڻ ڪجھ خاص سبب آھن. خير، پاڻ وٽ ماکيءَ سان گڏ ٻيون به کوڙ ساريون قدرتي شيون، دِل لڀائيندڙ ماڳ ۽ منظر آھن، جن تي عوامي نقطه نظر کان ڪم ئي نه ڪيو ويو آھي. جامع تحقيق سان گڏ انھن فطرتي شين تي ميوزيم پڻ جوڙي سگھجن ٿا، جنھن جو پاڻ وٽ فقدان آھي. ائين کڻي چئجي ته سنڌ جا چارئي پاسا (سامونڊي، دريائي، جابلو ۽ وارياسا) قدرتي جيوت، وڻن ٽڻن ۽ معدنيات سان مالامال آھن ۽ پنھنجي مخصوص شناخت به رکن ٿا، جن تي ريجنل سطح جا ميوزيم جوڙي سگھجن ٿا. جيڪر سامونڊي پٽيءَ جي ڳالھ ڪريون ته ان ۾ تمر جا ٻيلا، سامونڊي پکي پکڻ، بلڪه سموري پٽي پنھنجي قدرتي رنگا رنگي سان ٽمٽار آھي. تمر جا به ڪيترائي قسم آھن، جيڪي خاص اھميت جا حامل آھن. سامونڊي نباتات ۽ جيوت به انهن علائقن جي قدرتي ماحول جو ھڪڙو جز آھي. ٿر ته ليکبو ئي فطرت جو ھندرو آھي، جتي ڪيترن ئي قسمن جا وڻ ٽڻ، جانور، معدنيات ڄڻ ته سموري خطي کي سُونھن بخشي ٿي ۽ ٿر کي ٻئي سموري علائقي کان مختلف ڪري بيھاري ٿي. سنڌ جا دريائي علائقا، ڍنڍون ڍورا بھترين قدرتي وسيلا آھن، جيڪي دنيا جي اھم ماڳن ۾ پڻ شامل آهن، جيئن رامسر ڪنوينشن ۾ سنڌ جا ڪجھ ماڳ شامل آھن.
انھن علائقن ۾ ڪيترائي نسل خطري ھيٺ پڻ آھن، جن کي نه صرف محفوظ بنائڻ جي ضرورت آھي پر ختم ٿيندڙ يا ختم ٿي ويل نسلن کي ميوزيمن ۾ رکي ايندڙ نسلن کي روشناس ڪرائڻ به اھم آھي ۽ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن سان الحاق ۾ قائم ڪري سگھجن ٿا. جيئن تفريح سان گڏ شاگردن کي تجربي ۽ مشاھدي لاءِ بھترين ريسورس طور ڪم اچن. پر پاڻ وٽ تعليمي نظام کي ڏسندي ھِيءَ تجويز به ھن مضمون تائين ئي رھندي. دُنيا ۾ ميوزيمن ۽ ماحولياتي ماڳن جو وزٽ ڪرائڻ نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين جو ھڪ اھم عنصر ھوندو آھي پر پاڻ وٽ خاص طور ڳوٺن جي اسڪولن جي ٻارن لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جو وزٽ ئي وڏي ڳالھ آھي، سو به ڪُجھ اسڪولن ۽ ٻارن کي نصيب ٿئي ٿو. اڪثريت ته ان کان به محروم رھي ٿي.
سنڌ ۾ اھڙا ميوزيم پڻ ٺاھي سگھجن ٿا ۽ قدرتي شين جي قدر کي پڻ وڌائي سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ماکي، مختلف جڙي ٻوٽيون ۽ ٻيون قدرتي پراڊڪٽس نه صرف اسانجي ثقافت، ماحول جو اھم حصو آھن پر ان سان گڏ معيشت جو پڻ اهم ذريعو آهن. اڄڪلھ دنيا نيچر بيسڊ سوليشنز (Nature based Solutions) تي وڌيڪ ڌيان ڏئي رھي آھي. اھڙيءَ صورت ۾ سنڌ ۾ به اهڙن ميوزيمن کي پروموٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، جنھن سان نه صرف مقامي معيشت کي ھٿي ملندي پر انهن قدرتي شين جي اهميت ۽ فائدن بابت شعور به پکيڙي سگھجي ٿو، جيڪو انھن قدرتي شين جي حفاظت جو ھڪڙو اھم عنصر آهي.