ھالا(ن پ ا) ھالا ۾ ڪووڊ اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ريلي ڪڍي ھالا پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، غلام محمد ابڙو، عبدالحميد سولنگي، فيض محمد ميمڻ،وسيم ڏاھري،پريتم داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته ڪووڊ جي دوران صحت کاتي ۾ ڀرتي ٿيل ملازمن کي اڃا تائين پڪو ناھي ڪيو ويو جنھن سبب ملازمن ۾ سخت ڳڻتيءَ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي،ڀرتي ٿيل ملازمن کي مقرر وقت تي پگھار به نٿي ڏني وڃي جڏھن  ته 9 مھينن کان وڌيڪ پگھارون رھيل آھن جنھن سبب اسين ملازم فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون،ھنن چيو ته ڪافي ڀيرا احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا آھن، پر تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، گھرن ۾ بک بدحالي واري صورت آھي،ھنن وڏي وزير مراد علي شاھ،صحت واري وزير ۽ اعليٰ  اختيارين کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪووڊ ۾ ڪچا ڀرتي ٿيل ملازمن کي پڪو ڪري کين وقت تي پگھار ڏئي پريشاني کان بچايو وڃي.