ھالا(ن پ ا)  ھالا جي رھواسي ڊاڪٽرياڻي رضوانا نديم سعودي ايئرلائين ۾ ھڪ مسافر عورت جي زندگي بچائي ورتي،ڪراچي کان جدي طرف ويندڙ سعودي ايئرلائين SV 701 ۾ عمري جي ادائيگي لاءِ سفر ڪندڙ مسافر عورت نورين فاطما جي اچانڪ طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس ڳڻتي جوڳي حالت ٿي وئي،ان موقعي تي جھاز جي ڪيپٽن پاران مريض عورت جي مدد جو اعلان ڪيو،جنھن تي ھالا سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر رضوانا نديم پنھنجي صلاحيتن سميت ذھن جو استعمال ڪندي مريض عورت کي ايمرجنسي ۾ طبي امداد ڏئي سندس حياتي بچائي انساني ھمدردي جو اعليٰ مثال قائم ڪري ورتو،مريض عورت نورين فاطما جي طبيعت بھتر ٿيڻ تي سندس خاندان وارن،سعودي ايئرلائين جي ڪيپٽن احمد متار ۽ سندس ٽيم ڊاڪٽرياڻي جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سعودي ايئرلائين پاران ڊاڪٽرياڻي رضوانا نديم کي شڪريئي جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو.