ھالاڻي(ن پ ا) هالاڻي ويجهو ديھه نئون آباد ۾ کلندڙ شراب جي گتي خلاف جسقم، لائيرز فورم، راڄوڻي اتحاد ۽ شھري اتحاد تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪيو آهي، بار ڪنڊيارو جي صدر ناياب شاھ، شفقت حسين ڍوڍو، مرتضيٰ سولنگي، ذولفقار نانگور، فياض مغل ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شھر ۾ شراب جو گتو کلڻ انتھائي افسوسناڪ عمل آھي، ھنن چيو ته ھالاڻي شھر جو نوجوان نسل جيڪو اڳ ئي سماجي براين جي ور چڙھيل آھي، شراب جي گتي کلڻ سان ويتر سماجي براين جي ور چڙهي ويندو، ھنن اھڙي عمل خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.