ھالاڻي(ن پ ا) هالاڻي ۾ ھندن جي تاريخي مندر درٻار صاحب ۾ بابا سورپ داس جو 3 ڏينهن وارو ويساکي جو ميلو شروع ٿي ويو آهي، ميلي ۾ شرڪت لاءِ ھندو ۽ سک مذھب سان تعلق رکندڙ ياتري پهچي ويا آهن، جڏهن ته ميلي جي موقعي تي مندر کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، ميلي ۾ جيڪب آباد جو ڀڳت سونو ڀڳتي ڪندو، اڄ 14 اپريل تي پرڀات ويلي ويساکي جو اشنان ٿيندو، منجهند جو هڪ وڳي حيدرآباد جو ڪيرتني امرت لال ڀڳتي ڪندو ۽ رات جو 9 وڳي ڪنڊياري جو فنڪار نظر سمون پنهنجو فن پيش ڪندو، ٽئي ڏينهن درٻار صاحب ۾ ڀنڊارو جاري رهندو، آيل عقيدت مندن لاءِ رھائش جو پڻ بندوبست ٿيل آھي،