مون پنھنجي گذريل ڪالم ۾ چٽن لفظن ۾ لکيو ھو ته سنڌ ۾ جيئن جيئن ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف تحريڪ زور وٺندي ويندي، تيئن تيئن ڪئنالن جون بينيفشري ڌريون سنڌ ۾ موجود، پنھنجي ڇاڙتن ذريعي تحريڪ جو رخ ڦيرائڻ جون ھر ممڪن ڪوششون ڪنديون. لساني تضادن ۽ مذھبي تنگ نظري کي اڀاري، سنڌ جي ھن قومي تحريڪ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ وٽن ڀاڙيتو برگيڊ ھڪيو تڪيو حاضر آھي. ياد رکو ته وس ڌڻي کين ڪنھن به وقتي فائدي لاءِ ھميشه زندھ رکندا پيا اچن، کين رڳو پٽو کولڻ جي دير آھي. تازو ايم ڪيو ايم جي خالد مقبول صديقي ۽ مصطفا ڪمال جي اسلام آباد ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس، ميئر ڪراچي ۽ فاروق ستار جي وچ ۾ ٿيل ڏند چڪ، گورنر سنڌ ٽيسوري صاحب جي پنھنجي آئيني منصب جي تقاضائن جي ابتڙ اشتعال انگيز بيان بازي ۽ انھي کان پوءِ فورن ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ تي ٿيل خوني حملو، ڊفينس ڪراچي ۽ ميرپورخاص ۾ KFC جي آئوٽ ليٽس تي ٿيل حملا، ٽرانسپورٽرن (ڊمپر مافيا) ۽ شھرين ۾ وڌندڙ گرما گرمي، سنڌ جي حالتن کي ٽڪراءَ طرف کڻي وڃڻ جون شروعاتي ڪوششون آھن. جيڪي ڪنھن به طرح سان سنڌ جي قومي وحدت ۽ سياسي اڀار جي حق ۾ ڪونھن.
سياڻا چون ٿا ته ڪنھن بازار جي منڍ ۾ ٻه ڄٽ پاڻ ۾ اٽڪي پيا. ساڳي بازار جي آخري ڇيڙي تي ڪنھن واڻئي جو ھٽ ھو، جيڪو جلدي جلدي پنھنجو ھٽ بند ڪرڻ لڳو. جڏھن کائنس پڇيو ويو ته سيٺ تون ته بلڪل بازار جي آخري ڇيڙي تي آھين، پوءِ ھٽ ڇو پيو بند ڪرين..!!؟ ته جواب ڏنائين ته، ڀائو ھي ڄٽ وڙھي وڙھي نيٺ منھنجي ھٽ تي اچي ڪرندا ۽ منھنجو جھڳو جھڻ ڪندا، انھيءَ ڪري اڳ ۾ ئي پنھنجو ھٽ بند ڪري نقصان کان بچان ٿو! ھن وقت سنڌي ماڻھن سان به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال آھي. سنڌين کي انھيءَ ھٽ واڻئي جي دانش مان سمجھڻ گھرجي .
سنڌ جي وڏن شھرن، خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حساس ڊيموگرافي (ھي ڊيموگرافي سنڌين جي شھرن طرف موٽ کائڻ سبب ھاڻ آھستي آھستي ضرور تبديل ٿي رھي آھي) اھڙن سنڌ دشمن قوتن لاءِ سازگار ماحول بنائي ٿي ڇڏي. اھڙي صورتحال ۾ سنڌ دوست ڌرين کي محتاط انداز ۾ اڳتي وڌي تحريڪ کي منطقي انجام تائين پھچائڻ لاءِ امن امان کي ھر حالت ۾ قائم رکڻو پوندو. سنڌ جي سياسي جدوجھد جي پر امن ۽ عدم تشدد واري فضيلت ڀرئي مزاج جي انفراديت، جنھن کي تيزي سان جيڪا عالمي پذيرائي ملي رھي آھي، تنھن کي برقرار رکڻ انتھائي ضروري آھي. اسين سنڌي ماڻھو پنھنجي مزاج ۾ ھميشه يڪ طرفي محبت جا قائل رھيا آھيون. اسان پنھنجي ڌرتي تي ٻين لساني گروھن جي آبادڪاري ۽ انھيءَ جي ھاڃيڪار نتيجن تي سنجيدگي سان ڪڏھن سوچيو ئي ڪونھي. اسان جي بدقسمتي چئجي جو پاڪستان جي معرض وجود ۾ اچڻ سان ئي مختلف لساني مستقل مفادن جي ڳٺ جوڙ سان اسان کي رياست جي پاليسي ساز ادارن مان ٻاھر رکيو ويو آھي. مخصوص مستقل مفاد رکندڙ ڌريون، رياست جي سھڪار سان پنھنجو ڪم ڪنديون رھيون آھن ۽ ماضي ۾ اسين پنھنجي مخصوص سماجي ڍانچي جي اندر رھندي، ملڪي ۽ عالمي حالتن کان گھڻو ڪري لاتعلق رھيا آھيون. نتيجي طور سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ ٻيا لساني گروھ شھري اقتصاديات تي پنھنجي اجاره داري قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن. ماضي ۾ کين رياست جي سھڪار سان کليل ميدان ملڻ سبب سندن ٻيگھي متل رھي. سنڌين جي بدقسمتي چئجي ته سنڌ جي سمنڊ، زمين ۽ زمين اندر دفن ٿيل خزانن جي مالڪي ٻين جي ھٿ ۾ رھي آھي، جنھن جا اڳرا نتيجا ھاڻ آھستي آھستي سامھون اچي رھيا آھن. باوجود انھيءَ جي جو سنڌي سماج ۾ اڄ جيڪا اٿل نظر اچي رھي آھي، انھيءَ جا ڪيترائي مثبت رخ پڻ آھن. جن تي اسان جي ساڃاھ وندن کي قلم کڻڻ گھرجي. ٻين لساني گروھن جي پاڻ ۾ جذب ٿيڻ جو سلسلو سست ئي سهي، پر سنڌ ۾ اڄ به موجود آھي، جنھن کي اڳتي وڌائڻ جي سخت ضرورت آھي. اڃان به وقت ويو ناھي، اسان کي پنھنجي سياسي ۽ سماجي روين کي نئين سر سنواري نيون صف بنديون ڪرڻيون پونديون. اسين اھو چوڻ ۾ حق جانب آھيون ته جن به سنڌ سان غير مشروط عشق ڪيو آھي، سنڌ انھن کي پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريو آھي، کين ڌرتي جو پٽ بنائي، ھميشه امرتا بخشي آھي. انفرادي طور اسان وٽ ٻاھران آيلن مان ڪيترائي اھڙا معتبر نالا موجود آھن، جن سنڌ سان بي انتھا عشق ڪيو آھي ۽ موٽ ۾ سنڌي ماڻھن وٽان اڻميو پيار وصول ڪيو آھي. ھتي انھن جا نالا ورجائڻ ضروري ڪونھن .
پھريون ڀيرو سنڌي سماج جا سمورا پرت پاڻمرادو ھڪ ٻئي سان شاندار نموني سان جڙي رھيا آھن. ھن تحريڪ جي قيادت سياسي پارٽين بدران عوام پنھنجي ھٿ ھيٺ رکي آھي. مجبورن پاور ڪاريڊور جا مزا ماڻيندڙ سياسي پارٽين کي پنھنجي سياسي بقا لاءِ چٽو ٿي عوام سان گڏ ھلڻو پيو پوي، جيڪا چڱي ڳالھ آھي. عوام جي ھن سياسي اڀار جو گھڻو تڻو ڪريڊٽ سنڌ جي قوم پرست ڌرين، ٽيڪنوڪريٽس، انٽليڪچوئل فردن ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم نوجوانن ڏانھن وڃي ٿو. ھي وقت پوائنٽ اسڪورنگ، ‘ڏي سوال- وٺ جواب’ جو ناھي، جو ھن تحريڪ جو سڌو سنئون تعلق سنڌي ماڻھن جي جياپي سان ڳنڍيل آھي. انھيءَ ڪري ھن وقت سنڌي ماڻھن جي سياسي ۽ سماجي سطح تي موجود اندروني تضادن کي پڻ فضيلت واري ٻوليءَ سان ماٺو ڪرڻ اشد ضروري آھي. يقين رکڻ گھرجي ته جيڪي ڌريون اصل مقتدر حلقن جي ڄار ۾ ڦاٿل آھن، سي پڻ اڳو پوءِ عوامي دٻاءَ اڳيان هٿيار ڦٽا ڪنديون. انھيءَ ڪري اسان کي پر اميد ٿي سمورين ڌرين کي گڏ کڻڻو پوندو .
تاريخ ۾ ڪڏھن ڪڏھن نه چاهيندي به قومن تي جنگيون مسلط ٿي وينديون آھن. اسين سنڌي ماڻھو ھن وقت حالت جنگ ۾ آھيون. ھي جنگ گھڻ پاسائين آھي. سياسي جدوجھد، معاشي جدوجھد، علمي ادبي ۽ ثقافتي جدوجھدن جون ڌارائون ھڪ ٻئي سان مليل آھن. تنھنڪري اسان کي سڀني محاذن تي اصل ماڻھن کان اصل ڪم وٺڻ گھرجي. انھن سمورين جدوجھدن ۾ رومانس سان گڏ زميني حقيقتن جو ادراڪ ھئڻ پڻ ضروري آھي. سمجھڻ گھرجي ته دنيا تبديل ٿيل آھي. اڄ کان سئو سال اڳ جون جنگي حڪمت عمليون، فھم ۽ فڪر جون تقاصائون ٻيون ھيون، اڄ ٻيون آھن. تاريخ بي رحم آھي، تنھنڪري موثر رٿابندي سان اسين اڄ به پاڻ مٿان مسلط ڪيل ھن بحران مان ڪاميابي سان نڪري سگھون ٿا.